Home / افيئر / جانا گُمسائو- اوڀر تيمور جي آزاديءَ جو هيرو
above article banner

جانا گُمسائو- اوڀر تيمور جي آزاديءَ جو هيرو

1999 ۾ ايشيا هڪ ٻئي عيسائي ملڪ جو وجود پيو جنهن کي دنيا اڄ اوڀر تيمور جي نالي سان ڄاڻي ٿي. ان کان پهريان ايشيا کنڊ ۾ رڳو هڪ عيسائي ملڪ فلپائن هيو.

اوڀر تيمور جي آزاديءَ ۾ روايتي طور عيسائي ملڪن وڏو ڪردار ادا ڪيو پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ اتان جي هر دلعزيز رهنما جانا گمسائو گهڻو اڳ تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي جنهنجي نتيجي ۾ اوڀر تيمور جي عوام کي هڪ ڊگهي غلاميءَ کان پوءِ نيٺ آزادي نصيب ٿي.

گمسائو جو جنم 20 جون 1946 ۾ ٿيو. سندس جنم جو نالو جوز اليگزينڊر هيو. هن جا والدين استاد هئا. مالي حالتن جي ڪري گمسائو اسڪول ڇڏي مزدوري ڪرڻ لڳو پر هن پوءِ به رات جي شفٽ واري اسڪول ۾ پنهنجي پڙهائي جاري رکي. 1968 ۾ پرتگالي فوج ۾ لازمي سروس لاءِ کيس فوج ۾ شموليت اختيار ڪرڻي پئي جو هن جي ملڪ تي پرتگال قابض هيو. پرتگال 1600ع ۾ اوڀر تيمور تي قبضو ڪري کيس پورچوگيز تيمور جو نالو ڏنو هيو. هي قبضو 1975 تائين قائم رهيو جڏهن 1974 ۾ سويلين مزاحمت زور وٺي پرتگال ۾ ڊڪٽيٽر سان مهاڏو اٽڪايو. هي ڪشمڪش ٻه سال هلندي رهي جنهن سبب پرتگال پاران بيٺڪيت بڻايل ملڪن تي ان جي گرفت ڪمزور ٿي وئي جنهن جو اثر اوڀر تيمور تي به پيو جڏهن اتان جي گورنر ماريو ليموز آزاديءَ جي اعلان طور 1978 ۾ جنرل اليڪشن ڪرائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. پر 1975 ۾ ئي اوڀر تيمور جي اندر ئي ٻن ڌڙن فرٽيلن ۽ يو ڊي ٽي جي وچ ۾ هڪ نئين جنگ شروع ٿي وئي جنهن دوران جانا گمسائو پڻ فرٽيلن کي جوائن ڪيو ۽ يو ڊي ٽي هٿان گرفتار ٿي قيد ۾ به رهيو.

اهڙي صورتحال ڏسي پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا جنهن تي سوهارتو جهڙو ڊڪٽيٽر حڪمراني پيو ڪري تنهن اوڀر تيمور تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. گمسائو جو ڌڙو فرٽيلن اوڀر تيمور جي اڪثريتي علائقي تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ جانا گمسائو کي فرٽيلن جو پريس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28 نومبر 1975 تي فرٽيلن اوڀر تيمور جي آزاديءَ جو اعلان ڪندي ان جو نالو ‘دي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف تيمور’ رکي ڇڏيو. ان جي 9 ڏينهن کان پوءِ انڊونيشيا جي فوج ملڪ اندر گهڙي اچي اوڀر تيمور تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ ان کي انڊونيشيا جو 27 هون صوبو قرار ڏنو ويو. ملڪ تي قبضي کان پوءِ گمسائو ميدان ۾ لهي پيو ۽ مزاحمتي تحريڪ شروع ڪري ڇڏيائين. هن حملي جو مقصد اهو به هيو ته ملڪ تي حڪومت ڪندڙ فرٽيلن پارٽي ڪميونسٽ هئي جيڪا ڳالهه آمريڪا کي هرگز قبول نه هئي تنهن ڪري تڏهوڪي آمريڪي صدر جيرالڊ فورڊ جي هُشي تي سوهارتو اوڀر تيمور کي هڪ ڪميونسٽ رياست بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ان تي حملو ڪيو ان حملي ۾ اوڀر تيمور جا سٺ هزار شهري مارجي ويا جيڪي ان جي آبادي جو 10 سيڪڙو هئا.

دنيا جي اڪثر ملڪن انڊونيشيا جي قبضي کي قبول نه ڪيو جڏهن ته پرتگال جنهن جو ان کان اڳ اوڀر تيمور تي قبضو هئو تنهن گڏيل قومن ۾ قراردادون پيش ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن اوڀر تيمور تي پرتگال جو حق تسليم ڪيو.

1978 تائين فرٽيلن پارٽي جا تقريباََ سمورا اڳواڻ مارجي چڪا هئا ۽ رڳو گمسائو وڃي اڪيلو بچيو هيو. سندس پارٽي تي انڊونيشيا جي فوج وڏا حملا ڪيا ۽ عوام کي سندن خلاف ڍال طور استعمال ڪيو. فرٽيلن پارٽي جي 160 ويڙهاڪن کي انهن جي خاندانن سوڌو قتل ڪيو ويو. گمسائو انڊونيشي جنرل سان امن ٺاهه ڪيو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر فرٽيلن پارٽي تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. انڊونيشيا پاران نئون گورنر مقرر ڪرڻ کان پوءِ گمسائو پنهنجي تنظيم کي منظم ڪري مزاحمت شروع ڪري ڏني. هو ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي مزاحمتي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لڳو. 1980 ۾ سندس تنظيم فرٽيلن کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. گمسائو فرٽيلن کي ڇڏي مختلف گروپن کي ميڙي نئين تنظيم جوڙڻ لڳو ۽ فرٽيلن جو هڪ وڏو ۾ مخالف بڻجي ويو. هن ميڊيا تي وڏو ڌيان ڏنو ۽ مختلف ملڪن جي ڊپلوميٽس سان رابطو ڪري سندس ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏيندو رهيو خاص ڪري انڊونيشيائي فوج پاران گاديءَ جي هنڌ ڊِلي ۾ ٿيندڙ قتل عام هن پوري دنيا جو ڌيان ڇڪايو.

ان کان پوءِ جانا گمسائو 90 جي ڏهاڪي ۾ مشهوري ماڻي جو هر ٽي وي چئنل هن جا انٽرويو ڪيا جيڪي سموري دنيا ۾ ڏٺا ۽ ٻڌا ويا. سندس مقبوليت ڏسي انڊونيشيائي حڪومت کيس گرفتار ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳي ۽ ان لاءِ هڪ خاص مهم هلائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار گمسائو نومبر 1992 ۾ گرفتار ڪيو ويو. مئي 1993 ۾ هن تي غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس هلائي کيس 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

جيل ۾ وڃڻ کان پوءِ به گمسائو همت نه هاري بلڪه جيل اندر ئي آزاديءَ جي تحريڪ کي جاري رکندو آيو. 1992 کان 1999 تائين جيل دوران هن سان باقاعدگيءَ سان گڏيل قومن جا عهديدار ملندا رهيا. جنهن خاص رهنما ساڻس جيل ۾ ملاقات ڪئي سو هئو نيلسن منڊيلا، جنهن ان کان ڪيئي سال وڌيڪ جيل ڪاٽڻ باوجود امن ۽ اهنسا جي واٽ وٺندي پنهنجي قوم کي اڇي نسل جي غلاميءَ کان آزادي ڏياري هئي. جيل ۾ ئي گمسائو جي ملاقات سندس ٻي زال سان ٿي جيڪا آسٽريليا سان تعلق رکندڙ  هڪ امدادي ڪارڪن هئي.

1993 ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن اوڀر تيمور ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ تي انڊونيشيا کي واچ لسٽ تي رکندي ان جي شديد مذمت ڪئي. ان واچ لسٽ کان پهريان انڊونيشيائي فوج آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ شهيد جي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ ن جي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا. هن قتلام تي سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو ويو.

1996 ۾ اوڀر تيمور جي ٻن امن جي پانڌيئڙن جوز راموس ۽ بشپ ڪارلوس کي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. انڊونيشيا جي صدر سوهارتو جي زوال کان پوءِ جيسي اچي اقتدار سنڀاليو جنهن  پرتگال ۽ گڏيل قومن سان اوڀر تيمور جي قسمت تي ڳالهيون ڪرڻ جي حامي ڀري ته وري ٻئي طرف آزاديءَ کي چيڀاٽڻ لاءِ آزادي مخالف مليشيا کي مضبوط ڪيو.

سوهارتو جو خاندان اوڀر تيمور جي 40 سيڪڙو زمين جو مالڪ بڻجي چڪو هئو ۽ هنن جا 15 بلين ڊالر ان سرزمين تي سيڙپڪاريءَ تي خرچ ٿي چڪا هئا.

وڌندڙ مزاحمت ۽ انڊونيشيا پاران ان جو جواب ظلم سان ڏيڻ ڪري معاملو نيٺ گڏيل قومن وٽ نبيري لاءِ پهتو جتي پرتگال پاران شروع ڪيل مهم جي حمايت ۾ آمريڪا ۽ آسٽريليا پاران انڊونيشيا تي دٻاءُ وڌو ويو ته اهو ايسٽ تيمور جي عوام جي حقن جو احترام ڪري.

30 آگسٽ 1999 ۾ ملڪ اندر ريفرنڊم ڪرايو ويو جنهن ۾ ملڪ جي اڪثريت آزاديءَ لاءِ ووٽ ڏنا. جواب ۾ انڊونيشيا پاران اتان جي ماڻهن تي بدترين تشدد ڪيو ويو نيٺ گڏيل قومن پاران امن فورس کي اوڀر تيمور ۾ لاٿو ويو جنهن جي اڳواڻي آسٽريليا پيو ڪري. گمسائو کي جيل مان آزاد ڪرايو ويو. کيس گڏيل قومن پاران قائم انتظاميه ۾ اهم ڪردار ڏنو ويو. اها انتظاميه 20 مئي 2002 تائين قائم رهي جنهن دوران گمسائو قوم جي ٻڌي ۽ ايڪي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. 2001 واري اليڪشن ۾ فرٽيلن پارٽي کي ڇڏي باقي سمورين پارٽين کيس ووٽ ڏئي کيس اوڀر تيمور کي باضابطه آزادي 20 مئي 2002 تي ملي.

گمسائو TO RESIST IS TO WIN جي نالي سان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي. هن فلم A HERO`S JOURNEY/ WHERE SUN RISES جي لاءِ پنهنجي آواز ۾ صداڪاري ڪئي. هي ڊاڪومينٽري فلم هن جي زندگي ۽ اوڀر تيمور تي ٺاهي وئي هئي. گمسائو 2002 ۾ آسٽريلين ناري ڪرسٽي سان شادي ڪئي. ان کان پهريان هن ايمسيليا بتيسا سان شادي ڪئي جنهن کي هن ڪجهه وقت کان پوءِ طلاق ڏئي ڇڏي هئي. اها شادي 70 جي ڏهاڪي ۾ ٿي هئي. ايمسيليا مان هن کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو