Home / افيئر / حسن درس جو رسالو ساري سنڌ پرين جو پاڇو
above article banner

حسن درس جو رسالو ساري سنڌ پرين جو پاڇو

سنڌي شاعريءَ جي پهراڻ تي چنڊ- ستارن جي جڙاوت ڪندڙ ۽ سنڌ جي درد، بيوسي ۽ پيڙا کي معجزاڻي انداز ۾ چٽي روشنيءَ وانگر عيان ڪندڙ سنڌ جو نرالو شاعر حسن درس ڪهڙي تعارف جو گهرجائو آهي. هن جي ڪمهلي وڇوڙي کي ڪجهه مهينا ضرور ٿيا آهن، پر اڃا تائين هو سنڌ جي چهري تي ڳوڙهي جي لار وانگر موجود آهي. چوڻ لاءِ ته غالب به چيو هو ته “غالب خسته ڪي بغير کون سي کام بند هين” زندگي جو عجب چرخو ۽ وقت جو ڪانٽو ته رڪڻو ناهي، غم روزگار ۾ هر ڪو صبح کي شام ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ، ٿڪ ۽ پگهر ۾ شل ٿي هر ڪو اچي بستري جي ٻانهن ۾ هٿيڪو ٿئي ٿو پر ڪير چوندو ته اميد ۽ خوشيءَ جي احساس جهڙو هي شاعر، هوا جي جهوٽي وانگر لمحي جي ڪنهن ڀاڱي ۾ ياد نه آيو هو- ها واقعي هو “شاعريءَ جي ديس جو البيلو شهزادو هو”.

ٻهڳڻ شاعر جنهن کي سندس زندگيءَ ۾ سموارا دوست چوندا هئا ته شاعريءَ جو مجموعو آڻ. پر هو ڪمال بي پرواهيءَ سان مسڪرائي، لنوائي ويندو هو،  ڄڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪتاب آڻڻ کان قسم کنيو هجيس. ان ڏينهن حيدرآباد ۾ سندس شاعريءَ جي مجموعي “حسن درس جو رسالو” جي مهورتي تقريب ۾ ڪنهن ڳالهائيندي چيو هو ته هو شايد انهيءَ ڪري هو تڪڙو هليو ويو ته جيئن سندس شاعريءَ جو ڪتاب اسانکي ملي سگهي.


انڊس فائونڊيشن پاران بيحد خوبصورت انداز ۾ ڇپايل “حسن درس جو رسالو” تازوئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۽ ان جي مهورتي تقريب به حيدرآباد ۾ ٿي چڪي آهي.

حسن درس جي شاعريءَ جي ڪهڙي انفراديت ۽ نرالپ آهي، جيڪا کيس سنڌ جي، ٻين همعصر شاعرن کان مٿاهون ۽ ممتاز بڻائي ٿي؟ ان سوال تي مون ڪافي ڀيرا ويچاريو آهي-؟ منهنجي خيال موجب ته حسن درس جي شاعري ۾ جيڪا خوبي، ۽ خاصيت سڀ کان اتم موجود آهي، اها سندس شاعريءَ جي سادگي ۽ اصليت آهي، ٻيو ته کيس قدرت موزون طبيعت ڏني هئي، ۽ سندس مشاهدي جي اک ڪنهن غير معمولي ڪيمرا وانگر تيز هئي، جنهن سان هن سنڌ جي، ٻهراڙيءَ جي فطري سونهن، حسن جا لقاءُ، زندگي جي رنگا نگي ۽ غربت جي بي رنگيءَ کي ڪنهن عظيم چترڪار وانگر ويهي چٽيو آهي. سندس ٻولي سادي سلوڻي، تشبيهن ۽ استعارن جي وڻندڙ چاشني ۽ ڪنهن مٺي درد جي ذائقي واري احساس سميت پوريءَ طرح پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي وجهي ٿي. يعني حسن درس جي شاعري ابلاغ جي پوري سگهه سميت رواني ۽ سلاست به رکي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سندس لفظن جي چونڊ به مناسب ۽ پاڻ هرتائي واري آهي، جنهن ۾ ڪو به لفظ ڳرو نٿو لڳي ۽ نه وري ڪنهن قافئي کي کپائڻ لاءِ هن استعمال ڪيو آهي، جيئن ڪو پکي سمنڊ جو سينو چيري پنهنجو کاڌو هٿ ڪري وٺندو آهي ايئن حسن درس به اعليٰ مشاهدي ۽ مطالعي جي سگهه سان هن سماج مان پنهنجي شاعريءَ جو کاڌ خوراڪ هٿ ڪندو هو، هن جو هجومن ۾ رهڻ جو مزاج، آواره گرد ۽ رولاڪ طبيعت ۽ هر گهڙي مائل به عشق وارو موڊ ۽ زندگي، فطرت توڙي عورت ڏانهن هر لمحي عاشقانه انداز، سندس شاعريءَ کي ڪنهن کوريءَ ۾ پڪل سر وانگر ريٽو، سهڻو ۽ جٽادار بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن اياز واري ڳالهه ته “هڪ شاعر جي حقيقي آتم ڪهاڻي ان جي شاعري هوندي آهي” تي ڀروسو ڪجي ته سچ پچ حسن جي شاعري ان جي آتم ڪهاڻي ته آهي پر ان سان گڏ سنڌ ڪهاڻي به آهي ۽ هن جيڪو تصوف جي استعارن يعني سرمد، اڀي چند، رومي، قلندر ۽ سندس ڌمال کي جنهن انداز سان پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي اهو نه رڳو سنڌ جي صوفي ۽ وحدت الوجودي مزاج جي نمائندگي ڪري ٿو پر وڌندڙ مذهبي متڀيد ۽ بنياد پرستيءَ خلاف به هڪ پائيدار ديوار آهي.

رقاصه قلندر تي بيٺي نچي.

چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي

نڪو نازيه جا نمونا نوان

نڪو نازيه جا اشارا نوان

ندي آ پراڻي اهي وهڪرا

نڪو نازيه جا ڪنارا نوان.

حسن جو ڊڪشن، ٻولي، تجنيس حرفي، خيال جي اُڏام ۽ منظر نگاري جادو ئي حيثيت رکي ٿو شايد انهن سڀني خوبين ۽ خوبصورتين کي ڏسي سندس شريڪ حيات لکيو آهي ته “حسن درس جي شاعري جهڙي ڪير هڪ سِٽ به نٿو لکي سگهي ۽ هي راءِ ان وقت جي آهي، جڏهن اڃا اسان هڪٻئي جي ڀاڳ جو حصو به نه بڻياهئاسين…. هو ڪنهن جو تسلسل ناهي…. هن جي دل نشين شاعري جو پنهنجو جدا ديس آهي”…… ۽ سندس نرالپ واري دليل ۾ هن جي شاعريءَ کان شاهدي وٺندي ڊاڪٽر فهميده حسين جي ان راءِ ته اياز ويهين صديءَ جو عظيم شاعر هو ته اسان حسن کي 21 صديءَ جو نرالو ۽ معتبر شاعر چئي سگهون ٿا ۽ سندس انوکي آواز جي سڃاڻ نصير مرزا به هنن اکرن ۾ ڪئي آهي ته حسن درس، منظرنگاريءَ ۾ اياز کان به گهڻو اڳتي آهي” انهي آڌار تي ايئن چئي سگهجي ٿو ته حسن درس جي شاعريءَ جو پنهنجو رنگ، خوشبو ۽ حسن آهي جيڪو وارياسي زمين جي ٻوٽي جيان پاڻ هرتو پيدا ٿيل آهي جيڪو هيڪڙائي جي حق وانگر اڪيلو،يڪتا ۽ يگانو آهي.

اهو ئي وڇاڻو اهو ئي اوڍڻو آ

مٽي آ مٿان کان، اها مير هيٺان.

عربيءَ جي هڪ غير معمولي نقاد ابن رشيق خوبصورت شعر جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته “جڏهن اهو پڙهيو وڃي ته هر شخص کي اهو خيال ٿئي ته هو ايئن چئي سگهي ٿو پر جڏهن هو چوڻ جو ارادو ڪري ته هزار ڪوششن جي به چئي نه سگهي”. اهو مقولو سنڌ جي تمام ٿورن وڏن شاعرن سميت حسن درس جي شاعريءَ تي به ٺهڪي اچي ٿو ته هن جو انداز بيان، ٻولي ۽ خيال جو پنهنجو گس آهي ۽ هُن به روايتي يا غير روائتي شاعريءَ واري قافلي جو دڳ وٺڻ بدران پنهنجو جدا پيچرو ٺاهيو آهي.

حسن درس بنيادي طور تي نظم جو شاعر آهي ۽ سندس نظم سنڌ جي صدين جي درد ڪٿا جهڙ ا آهن. جنهن ۾ جوش، جذبي ۽ سادگي هوندي به هڪ عجيب قسم جي بي چيني ۽ اُداسي آهي. شام جي پهر جهڙي اداسي ۽ سمنڊ جي لهر جهڙي بي چيني هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کان پنهنجو چين کسي وٺي ٿي، جيڪا شايد سنڌي شاعريءَ ۾ حسن درس جي، ايجاد ۽ ميراث آهي، اهو هڪ اهڙو پيچرو آهي، جتان رڳو حسن درس ئي سفر ڪيو آهي، ۽ سندس اوچتي وڇوڙي کان پوءِ اهو گس ڀلي ويران ٿي ويو هجي پر اهو هن جي سدا حيات شاعريءَ جي گلن، وڻن ۽ خوبصورت ٽهڪن سان مهڪيل رهڻو آهي.

دُڪو نيٺ داخل ڪيو ن مون به دل جو،

لکين مڻ محبت ٻين جي ٻڏي وئي.

رڳو هن اُٿي ڪر موڙيو صبح جو

چون ٿا ته ڌرتي به ٿوري ڏڏي وئي.

ايئن اسان جڏهن سندس غزل کي پڙهون ٿا ته اهو به سنڌ جي مِٽيءَ مان ڳوهيل ۽ ان جي منظرن ۽ لقائن جي شاهدي ڏيندڙ آهي ۽ ان جي به بند بند مان نرالپ بکي ٿي جيڪو ذوالفقار شاه راشدي، اياز، اياز گل ۽ وفا جي غزل کان پنهنجي شبيهه ۽ شعريت ۾ بلڪل مختلف آهي. ها! ايئن البت ضرور آهي ته هن جي غزل ۾ به سندس نظم جي خوشبوءِ ۽ سٽاءُ آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ته هن جا غزل ڄڻ نظم جي زمين ۾ لکيا ويا هجن.

حسن جو رسالو هڪ اهڙي شخص جو ڪلام آهي، جنهن سنڌ جي هر گهٽ گهير ۽ پيچرن جو سفر ڪيو. جنهن جي پيرن ۾ سنڌ جي هر وستي ۽ واهڻ جي مِٽي لڳل آهي، جنهن ٿر جي ٺريل رات، اتر جي ٽاڪ منجهند ۽ لاڙ جي خوبصورت شام جو ساڳي طرح لطف ماڻيو ۽ پنهنجي خيال ۽ پنهنجي خوابن وانگر سدائين سفر ۾ هوندو هو ۽ شايد هن جي لاشعور ۾ اها سٽ سمايل هئي زندگي مختصر آهي، انهيءَ ڪري زندگيءَ جي پنڌ ۾ ٿڪ ڀڄڻ بي معنيٰ آهي. ان ڪري هن يارن سان رهاڻيون، اوجاڳا، سفر ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ روحانيت جا سهڻا رنگ ۽ جلوا پسڻ کي ئي پنهنجي ڪل ڪائنات ڄاتو هو ۽ هن شاعري ته گهٽ ڪئي آهي (پر معياري ۽ پڪي پختي ڪئي) مگر زندگيءَ مان لطف وڌيڪ ورتو آهي ۽ ان ڳالهه جو ٻيو دلچسپ پاسو اهو آهي ته هن جا اهي پنڌ ۽ اوجاڳا هن جي مشاهدي ۽ تجربي جي بادل ۾ تبديل ٿيا. جن هن جي شاعريءَ جي سرزمين کي اهڙو ته سرسبز ۽ شاداب ڪيو جو غالب وانگر مشاعري ۾ هن جي سٽ جو بار يا خيال جي آخري ڇيڙي تائين رسائي هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي هئي.

خوبصورت چهري، ڪشادي دل ۽ محبتي مزاج وارو هي انسان جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي شاعريءَ جي ڪاڪ کي اجاڙي هليو ويو آهي پر سنڌ جي سار ۽ اسانجي دل کان ڪيئن ٿو پري ٿي سگهي.

آخري لفظن ۾ ايئن ئي چئبو ته سندس الستي آواز جهڙي شاعريءَ کي پڙهي ڏسو. جيڪا پرين جي پار، عشق جي آواز ۽ ڌرتي جي درد کي گڏ ڳوهي ٺاهي ويئي آهي ۽ سندس سرجيل شاعري کي احترام ۽ محبت سان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هرڪا دل سدائين آتي هوندي.

ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن

مگر پو ڇا ته ٻيو کڻجي-؟

ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيئي آهن

محبت هيکلي آهي

اڌاري زندگي آهي-!

نقد آ پيار هن جوئي

زماني ۾ زنجيرون ڪئين

وڻي ٿو هار هُن جوئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو