Home / افيئر / خوراڪ کاتي جا ڪامورا 60 ڪروڙ ڳڙڪائي ويا
above article banner

خوراڪ کاتي جا ڪامورا 60 ڪروڙ ڳڙڪائي ويا

 

سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾  سال 09-2008 ۾ 60 ڪروڙ، 77 لک 55 هزار جي گهوٻين جو انڪشاف، آڊٽ ۾ گهوٻيون ظاهر ٿي پيون، آڊيٽر جنرل رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي. “افيئر” کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي آڊٽ ٽيم جيڪا سرڪاري کاتن جي آڊٽ ڪندي آهي انهن آڊٽ دوران سال 09-2008 ۾ خوراڪ کاتي جي ڪُل 14 ارب 26 ڪروڙ 83 لک روپين جي آڊٽ ڪئي جنهن ۾ 60 ڪروڙ 77 لک 55 هزار جون گهوٻيون لڳيون آهن يا بي ضابطگيون ٿيون آهن. ڊي جي آڊٽ سنڌ پاران خوراڪ کاتي جي تفصيلي آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جي ٻن ضلعن ڊي ايف سي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايف سي شڪارپور هڪ لک 55 هزار 455 ٻوريون خريد ڪيون جنهن جي ماليت 369.210 ملين يعني 36 ڪروڙ 92 لک ٿئي ٿي اها خريد ڪيل ڪڻڪ ٻاهر ويران جڳهه تي رکي جنهن سان هڪ لک 55 هزار 457 ٻوريون خراب ٿي ويون ۽ خوراڪ کاتي کي 36 ڪروڙ 92 لک روپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو. آڊٽ رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جي 8 ضلعي آفيسن جنهن ۾ ڊي ايف سي (ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر) خيرپور، ڊي ايف سي ملير ڪراچي، ڊي ايف سي جيڪب آباد، ڊي ايف سي نوابشاهه، ڊي ايف سي سکر، ڊي ايف سي لاڙڪاڻو، ڊي ايف سي گهوٽڪي ۽ ڊي ايف سي دادو ڪڻڪ جون ورتل ٻوريون گهٽ جمع ڪرايون ۽ باردانو واپس نه ڪيو جنهن جي ماليت 11 ڪروڙ 18 لک 82 هزار ٿئي ٿي ۽ جنهن جا ڪيس اينٽي ڪرپشن کي موڪليا ويا پر کاتي جي دلچسپي نه هئڻ ڪري ذڪر ڪيل آفيس سرڪاري خزاني ۾ 11 ڪروڙ 18 لک 82 هزار جي ڪڻڪ ۽ باردانو جمع نه ڪرايو ۽ انهن خلاف ڪا ڪارروائي به عمل ۾ نه آئي.

آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ پنجن آفيسن ۾ ڊي ايف سي سکر، ڊي ايف سي نوابشاهه، ڊي ايف سي جيڪب آباد، ڊي ايف سي خيرپور ۽ ڊي ايف سي 23247 تڪراري يا مونجهاري هيٺ آيل ڪڻڪ جون ٻوريون جمع نه ڪرايون جنهن سان سرڪاري خزاني کي 4 ڪروڙ 65 لک 50 هزار جو نقصان ٿيو. آڊٽ رپورٽ خوراڪ کاتي جي ٽن آفيسن ڊي ايف سي لاڙڪاڻو. ڊي ايف سي ميرپورخاص ۽ ڊي ايف سي شڪارپور جي نشاندهي ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته انهن آفيسن 4 ڪروڙ 15 لک 15 هزار جي ڪڻڪ سرڪاري گودامن کان سواءِ ٻاهر رکي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو آهي. رپورٽ ۾ ڊي ايف سي ملير ڪراچي ۽ نوابشاهه کي بروقت ڪڻڪ استعمال نه ڪرڻ ۽ دوائن جي استعمال نه ڪرڻ سان ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ ڪري هڪ ڪروڙ 22 لک ۽ 92 هزار جو نقصان ٿيو ۽ انهن آفيسرن جي غير ذميواري جو کاتي ڪو به تحرڪ نه ورتو ۽ ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آندي. رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جي 8 آفيسن جن ۾ ڊي ايف سي دادو، ڊي ايف سي گهوٽڪي، ڊي ايف سي خيرپور، ڊي ايف سي ميرمورخاص ۽ ڊي ايف سي سکر، ڊي ايف سي نوابشاهه، ڊي ايف سي جيڪب آباد، ڊي ايف سي خيرپور، ڊي ايف سي ميرپور خاص ۽ ڊي ايف سي لاڙڪاڻو آبادگارن کان ڏنل باردانو واپس نه ورتو جنهن سان هڪ ڪروڙ 14 لک 20 هزار جو نقصان ٿيو جڏهن ته خوراڪ کاتي جي قاعدن قانونن موجب جيستائين آبادگار باردانو واپس نه ٿا ڪن تيستائين کين  مڪمل ادائيگي نه ڪئي ويندي آهي پر ذڪر ڪيل آفيسن باردانو واپس نه ورتو نه وري اهو سرڪار وٽ جمع ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ 11 لک 20 هزار جو نقصان ٿيو. آڊٽ رپورٽ ۾ خوراڪ کاتي جي ٽن آفيسرن جا نالا ڄاڻايا ويا ته گهوٽڪي جي انسپيڪٽر علي اڪبر ڦلپوٽو، سکر جي محمد حنيف سومرو ۽ راشد حسين صديقي ڏانهن سرڪاري رهتن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک 57 هزار رهن پيا پر پوءِ به کين نيون پوسٽنگون ڏنيون ويون جيڪو قاعدي ۽ قانون  جي خلاف آهي. رپورٽ ۾ چئن آفيسن ڊي ايف سي خيرپور ڊي ايف سي ملير ڪراچي، ڊي ايف سي جيڪب آباد ۽ ڊي ايف سي نوابشاهه جي آفيسن ۾ 20771 پراڻيون ٻوريون پيل هيون ۽ قاعدي قانون موجب جڏهن ٻوريون استعمال لائق نه رهن ته انهن کي وڪرو ڪرڻ گهرجي پر ذڪر ڪيل آفيسرن اُهي ٻوريون نيڪال نه ڪيون جنهن سان کاتي کي 40 لک 29 هزار جو نقصان ٿيو. ڊي جي آڊٽ سنڌ پاران سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ٿيل جملي ڪل 60 ڪروڙ 77 لک ۽ 55 هزارن جي گهوٻين ۽ بي ضابطگين جي رپورٽن جي بنياد تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان موجوده پ پ حڪومت جي سال 10-2010 جي شايع ڪيل ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي رپورٽ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ خوراڪ کاتي بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وئي آهي.

ٻئي پاسي اطلاع اهي آهن ته گذريل ڪيترن سالن کان وٺي بدعنواني ۽ بي ضابطگين ۾ جيڪي آفيسر ۽ عملدار ملوث رهيا آهن انهن خلاف ڪا وڏي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته انهن مان ڪيترن آفيسرن کي سفارش جي بنياد تي سڻڀيون پوسٽنگون ڏنيون ويون آهن جتي اهي آفيسر ۽ عملدار اڃا تائين ڪُڌن ڪمن ۾ مصروف آهن. ايتري تائين جڏهن ڪڻڪ جو لابارو ٿيندو آهي ته ان وقت سنڌ حڪومت آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي آهي ته خوراڪ کاتي جا اِهي ڪرپٽ ڪامورا آبادگارن کي باردانو نه ڏيندا آهن جڏهن ته 50 سيڪڙو باردانو واپارين کي رشوت عيوض ڏنو ويندو آهي  ۽ باقي بچيل 50 سيڪڙو حڪومتي ڪارندن ۽ سفارشي ماڻهن لاءِ هوندو آهي. اهڙي ريت سنڌ جو آبادگار بارداني جي خريداري لاءِ هڪ طرف پريشان هوندو آهي ته ٻئي طرف خوراڪ کاتي جا آفيسر چور بازاري ۾ مصروف هوندا آهن. ڪڻڪ جي سيزن ۾ اڪثر ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آبادگارن جا مظاهرا هوندا آهن پر ان جو هينئر تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي. خوراڪ کاتي جا عملدار هڪ طرف آبادگارن کي پريشان ڪن ٿا ته ٻئي پاسي کاتي ۾ به ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪن ٿا ۽ هاڻي ته اها انتها آهي جو آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران اهڙي ڪرپشن تي تفصيلي رپورٽون شايع ٿين ٿيون پر پوءِ به ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي عمل ۾ نه ٿي اچي ۽ ڪرپٽ ڪامورا بنا ڊپ جي گهوٻيون هڻن ٿا اسان جي ملڪ جي وڏي بدقسمتي آهي جو ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جهڙا ادارا ته موجود آهن پر پوءِ به ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو