Home / افيئر / ست پاڙيسري ملڪ بجلي ايران کان وٺڻ لڳا
above article banner

ست پاڙيسري ملڪ بجلي ايران کان وٺڻ لڳا

ايران پاڪستان کي برآمد ٿيندڙ  بجلي جو مقدار وڌائي ٽيڻو ڪري رهيو آهي. ايران جي توانائي واري وزير محمد بهراز جو چوڻ آهي ته ايران پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ بجلي جي سپلاءِ ٽيڻي ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت ايران کان وڌيڪ بجلي درآمد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. ايراني اختيارين موجب هن وقت ايران پاڪستان کي سو ميگاواٽ بجلي مهيا ڪري ٿو. ايراني وزير جو چوڻ هو ته سندن ملڪ واڌو بجلي ٻين پاڙيسري ملڪن کي به ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن موجب مارچ کان شروع ٿيندڙ هاڻوڪي ايراني سال ۾ ملڪي بجلي جي برآمد ۾ واڌ آئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته سندن ملڪ ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان کي مهيا ٿيندڙ بجلي هڪ هزار ميگا واٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. واضح رهي ته ايران  ۾ بجلي جي پئداوار جو نظام ستن پاڙيسري ملڪن سان جڙيل آهي جن ۾ افغانستان، پاڪستان، عراق، ترڪي، آذر بائيجان ۽ ترڪمانستان شامل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو