Home / افيئر / سنڌ سرڪار جو ڪمال برسات متاثرن سان دوکو: ربيع پئڪيج مان ساڍا ڇهه لک ايڪڙ خارج
above article banner

سنڌ سرڪار جو ڪمال برسات متاثرن سان دوکو: ربيع پئڪيج مان ساڍا ڇهه لک ايڪڙ خارج

سنڌ ۾ هلندڙ ۽ گذريل سال وڏي درياهي ۽ برساتي ٻوڏ آئي جنهن ڪروڙين سنڌ واسين  جو الهه تلهه لوڙهي ڇڏيو جيڪي اڃا تائين دربدر لڳا پيا آهن ڪير به سندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.حڪومتي انگ اکرن موجب برساتي تباهين سبب 15 لک 24 هزار 773 خاندان يعني 90 لکن کان وڌيڪ ۽ 2010ع جي دريائي ٻوڏ سبب 10 لک خاندان يعني 70 لک ماڻهو بي گهر ٿيا جيڪي ملائي انهن جو تعداد هڪ ڪروڙ 60 لک ٿئي ٿو جيڪي قدرتي آفت سبب دربدر ٿي بکون ڪاٽي رهيا آهن. 88تعلقن،679 يوسيز،37هزار 942 ڳوٺن ۾ 443 ماڻهو مري ويا ۽ 755 ڄڻا زخمي ٿيا جن جي وارثن کي فنڊ ڏيڻ لاءِ اڃا تائين ڪو به اعلان ڪونه ٿيو آهي پر برسات جي متاثرين کي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گڏيل تعاون سان 10 هزار رپين جي پهرين قسط ڏئي رهي آهي پوءِ ٻي ملي به يا نه؟ اها ڪنهن کي به خبر نه آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آيل برساتي آفت ۾ 94 هزار 745 ڍور مري ويا ۽ 2 هزار 509 ڍور زخمي ٿي چڪا آهن،67 لک  91 هزار 67 ايڪڙ ايراضي پاڻي هيٺ آهي ۽ 21 لک 66 هزار 623 ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويو آهي جيڪا سونامي کان به وڌيڪ تباهي آهي ۽ اهڙي تباهي سنڌ جي تاريخ  ۾ ڪڏهن به ڪانه آئي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت طرفان جيڪا امداد طور 10 هزار رپيا ڏئي رهي آهي ان مان في گهر جي خاندان جو ڪهڙو گذارو ٿيندو؟ حڪمرانن ته انهن کي سڄي نقصان جا ئي 10 هزار ڏنا آهن ته انهن مان ئي وڃِي گذارو ڪريو ڇو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي بحرانن جو شڪار آهي.سنڌ حڪومت طرفان برساتن ۾ فوت ٿي ويلن جي لاءِ به ڪو اعلان ڪونهي ته انهن جي وارثن کي گهڻي امداد ڏبي ڇو ته گذريل مالي سال 2010ع ۾ آيل ٻوڏ سبب تقريبن ساڍا 5 سو ماڻهو فوت ٿيا هئا پر به تقريبن ڏيڍ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به انهن جي واهر نه ڪئي وئي آهي.

“افيئر” کي مليل اطلاعن موجب سنڌ سرڪار طرفان  تيار ڪيل ربيع امدادي  پلان ۾ برسات متاثر آبادگارن جي متاثر 21 لک 66 هزار ايڪڙن مان 6  لک 66 هزار ايڪڙ زمين خارج ڪري صرف 15 لک ايڪڙ زمين تي ربيع جي فصل ڪڻڪ ۽ سورج مکي جي پوکي لاءِ ٻج جي فراهمي ڪئي ويندي يعني تقريبن ساڍا چار  ارب رپين جي لاڳت جو امدادي پلان تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن کان مليل رپورٽ موجب تيار ڪيل پلان ۾ سنڌ سرڪار وڏي تعداد ۾ آبادگارن کي نظرانداز ڪندي انهن کي پلان ۾ شامل ئي ناهي ڪيو. ڪجهه هفتا اڳ وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾  اعلي سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ربيع پئڪيج بابت پلان تيار ڪيو ويو هو اجلاس ۾ وڏي وزير کي زراعت کاتي طرفان ٻڌايو ويو هو ته سنڌ ۾ پيل شديد برساتن ۾ 21 لک 66 هزار ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو جنهن سبب 217 ارب 94 ڪروڙ 40 لکن جو نقصان ٿيو،ڪڻڪ جي فصل لاءِ 11 لک ايڪڙ ۽ 4 لک ايڪڙ ايراضي ۾ سورج مکي پوکي ويندي.زراعت کاتي ٻڌايو ته متاثر ضلعن ۾ بحالي جي ڪم تي هڪ ارب 13 ڪروڙ 40 لک رپيا،ٻج ۽ ڀاڻ تي 4 ارب 38 ڪروڙ 10 لک رپين جي ضرورت پوندي جنهن ۾ مرڪزي حڪومت کي 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي کاتي طرفان ربيع پئڪيج لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن.پلان موجب آبادگارن  کي پهرين مرحلي ۾ 13 هزار 750 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪيو ويندو.اجلاس ۾ نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ کي گذارش ڪئي وئي ته اها سنڌ کي پنهنجي حصي سان گڏو گڏ 60 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڀاڻ به فراهم ڪري.سنڌ حڪومت طرفان جيڪو ربيع پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي اهو صرف ۽ صرف پنهنجا نوازي آهي ڇو ته صوبي ۾ اهڙو ڪو به غريب آبادگار ڪونهي جنهن وٽ 25 ايڪڙ زمين هجي ۽ ايتري زمين رکندڙ ماڻهو وڏو زميندار ليکيو ويندو آهي تنهنڪري پ پ حڪومت اهو لالي پاپ نه ڏي ڇو ته ان پئڪيج مان صوبي جي آبادگارن کي ڪو به فائدو پهچڻو ئي ڪونهي،گذريل سال به دريائي ٻوڏ جيڪو ربيع پئڪيج آبادگارن لاءِ ڏنو ويو هو ان ۾ به غريب آبادگارن کي فائدو ڪونه پهتو هو ڇو ته ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جو ٻج پ پ عهديدارن جي اوطاقن ۾ بند ٿيل پيو هو اهي وري سياسي بنيادن تي ان جي ورڇ ڪن پيا ۽ ان پئڪيج ۾ گذريل سال وڏيون بيقاعدگيون ٿيون هيون جنهن جي جاچ لاءِ وڏي وزير پنهنجي سي ايم انسپيڪشن ٽيم به جاچ لاءِ مختلف ضلعن ۾ موڪلي هئي جنهن به اهڙي صورتحال ڏسي پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري  انگ اکرن موجب سنڌ ملڪي آمدني ۾  33 سيڪڙو حصو ڏي ٿي پر ان کي موٽ ۾ ٽڪو به نٿو ملي جنهن سبب چئني صوبن کان وڌيڪ سنڌ ۾ غربت آهي.مليل دستاويز موجب سنڌ ۾ 14 سيڪڙو ڪڻڪ،30 سيڪڙو چانور،30 سيڪڙو ڪمند،25 سيڪڙو ڪپهه،30سيڪڙو سبزي،48 سيڪڙو مڇي ايڪسپورٽ ٿئي ٿي،71 سيڪڙو ميرائين مڇي،65سيڪڙو تازي مڇي ۽ 100 سيڪڙو تلاءُ واري مڇي سنڌ مان پئدا ٿئي ٿي جنهن ۾ مڇي جي تلاون کانسواءِ دريائي ۽ سامونڊي مڇي کي نقصان نه ٿيو آهي،باقي ته چانور،ڦٽي،ڪمند صوبي جي 22 ضلعن ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ تباهه ٿي ويو آهي جنهن سبب صوبي جي عوام کي وڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ اهي ڪنگال ٿي ويا آهن ڇو ته سنڌ اهڙو صوبو آهي جتي جي عوام جو زرعي انڊسٽري سان گهڻو لاڳاپو آهي ۽ سنڌ ملڪ جي مجموعي پيدوار ۾ 25 سيڪڙو حصو ڏي ٿي.زراعت،لائيواسٽاڪ ۽ فشريز صوبي ۾ اهڙا شعبا آهن جن تي عوام جو گذارو آهي. پر هاڻي ٻوڏ ۾ انهن جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي جنهن سبب اتان جو پورهيت طبقو ته بيروزگار ٿي آهي،آبادگار تباهه آهي پر ان برساتي ٻوڏ سنڌ سميت ٻين صوبن جي بازارن ۾ به ٻاڙائي پيدا ڪري ڇڏي آهي،صورتحال وڃي اتي پهتي آهي جو ملڪ جي منڊين ۾ سبزيون،گوشت،کير،کنڊ ايتريون مهانگيون ٿي ويون آهن جو عوام کان دانهون نڪري ويون آهن.

بدين جي 5 يوسيز ۾ 3 لک 75 هزار715،دادو جي 4 يوسيز ۾97 هزار 248،گهوٽڪي جي 5 يوسيز جي 68 هزار 679،حيدرآباد جي 3 يوسيز  جي 26هزار 227،جيڪب آباد جي هڪ يو سي 3هزار 594 ايڪڙ،ڄامشورو جي چار يوسيز جي 39 هزار 133،قمبر شهدادڪوٽ جي 7 يوسيز جي چار هزار 192،ڪشمور جي 3 يوسيز 14هزار532،خيرپور جي 8 يوسيز جي هڪ لک 82 هزار 891،لاڙڪاڻو جي چار يوسيز جي 5هزار396،مٽياري جي 3 يوسيز جي 83هزار 739،ميرپورخاص جي 6 يوسيز جي هڪ لک 71 هزار 522،نوشهروفيروز جي 5 يوسيز جي 73 هزار 660،سانگهڙ جي 6 يوسيز جي 3لک 56 هزار 473،شهيدبينظيرآباد جي چار يوسيز جي هڪ لک 71 هزار 76 ايڪڙ،شڪارپور جي چار يوسيز جي 20هزار 218،سکر جي 26هزار 803 ايڪڙ پر اهو واضح ٿيل نه آهي ته گهڻين يوسيز ۾ فصل تباهه ٿيو آهي.ٽنڊوالهيار جي ٽي يوسيز جي 81 هزار 645،ٽنڊومحمدخان جي ٽي يوسيز جي 78 هزار 38 ايڪڙ،ٿرپارڪر جي چار يوسيز جي 12هزار 647،ٺٽي جي ٻه يوسيز هڪ لک 64 هزار 889 ۽ عمر ڪوٽ جي چار يوسيز جي هڪ لک 8هزار 303 ايڪڙ زمين شامل آهي.هاڻي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري زمين تي بيٺل فصل تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، ان ۾ به اهو شرط رکيو ويو آهي ته جنهن جو 25 ايڪڙ زمين کان مٿي فصل تباهه ٿيو آهي ان کي حڪومت ربيع پئڪيج ۾ شامل ڪندي نه ته ٻين کي خارج ڪيو ويندو ۽ ان شرط سبب تازي ربيع پئڪيج  مان 6 لک 66 هزار ايڪڙ زمين خارج ڪئي وئي آهي جيڪا سراسر غريب آبادگار سان زيادتي آهي ڇو ته اهڙو سنڌ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي ته ڪنهن غريب ماڻهو وٽ 25 ايڪڙ زمين هجي.

گذريل سال جي آيل ٻوڏ ۾ 10لک خاندان متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ اهو فيصلو ٿيو هو ته انهن کي پهرين مرحلي ۾ 20-20 هزارن جي قسط ۽ ٻي مرحلي ۾ 80-80 هزار ڏنا ويندا پر صوبائي حڪومت طرفان انهن لاءِ اعلانيل قسطن تان ڦري وئي آهي ڇو ته 10 لک خاندانن مان تقريبن ساڍا 5 لک خاندانن کي اڃا تائين وطن ڪارڊ مليو آهي ۽ اڌ تي اڌ ماڻهو اڃا به وطن ڪارڊ جي آسري ۾ آهن ته کين پهرين قسط ڪڏهن ملي رهي آهي؟.سنڌحڪومت مرڪز جي آساري ۾  آهي ته اها ڪڏهن اسان کي فنڊ ڏي ٿي ته ٻي قسط انهن متاثرين کي ڏيون پر صوبائي ۽ مرڪزي ٻي حڪومتون اهو چون پيون ته اسان وٽ ڏوڪڙ ڪونهن ٻي قسط صوبا ڏين پر صوبا چون پيا ته ٻي قسط وفاق ڏي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ربيع پئڪيج مان خارج ڪيل 6 لک 66 هزار ايڪڙ غريب آبادگارن جي ٻيهر ان ۾ شامل ڪئي وڃي،سنڌ جي آبادگارن جي اڃا تائين ڍل،زرعي قرض،چوپائي مال،سميت ٻين ڌنڌن لاءِ ورتل قرضن کي حڪومت فوري طور معاف ڪري انهن کي الڳ زرعي پئڪيج جهڙو امدادي پئڪيج ڏنو وڃي.

وطن ڪارڊ جي مد ۾ گذريل سال رهيل متاثرين جي واهر ڪري انهن جون رهيل قسطون فوري طور ڏنيون وڃن ۽ پاڪستان ڪارڊ جي ذريعي انهن متاثرين جي واڌ ڪئي وڃي جڏهن ته اڳئين دريائي ۽ هلندڙ سال برساتي ٻوڏ ۾ ٿيل تباهين ۾ فوت ٿي ويل تقريبن 1000 ماڻهن جي وارثن کي گهٽ ۾ گهٽ 5-5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو فوري طور تي اعلان ڪرڻ گهرجي.

ٻئي طرف آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي ربيع پئڪيج مان اسان مطئمين ڪونه آهيون ڇو ته ساڍا 6 لکن کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل مڪمل طرح سان تباهه ٿي چڪو آهي پر حڪومت ان کي پنهجي امدادي پئڪيج ۾ صرف 25 ايڪڙ زمين جي آبادگارن کي شامل ڪيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ڀلي ڪنهن جي 25 کان 50 ايڪڙ زمين ڇونه موجود هجي انهن جو ته فصل تباهه ٿيو آهي انهن جي امداد ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي،باقي حڪومت کي صرف سياسي طور مقبوليت وٺڻي آهي ته پوءِ ڀلي اهو ڪم ڪري پر ان مان اسان مطئمن ڪونه آهيون.هن چيو ته حڪومت جو تيار ڪيل ربيع پئڪيج تي عمل ئي ڪونه ٿيو آهي ڇو ته لاڙ،ٿر ۽ ٻين علا.ئقن ۾ فصل آڳاٽو لهندو آهي ان لاءِ اتي پوکي به جلد ٿيندي آهي جتي جي آخري تاريخ 25 نومبر آهي جيڪڏهن انهن کي آبادگارن جي مدد ڪرڻي آهي ته مند موجب ٻج ڏين باقي ڀاڻ جي ورڇ ڀلي دير سان ئي ڪن ان ۾ ڪوبه اشو ڪونهي جڏهن ته اتر سنڌ ۽ صوبي ڪجهه ٻين هنڌن تي ربيع جي پوکي جي آخري تاريخ 15 ڊسمبر هوندي آهي اتي به وڃي هاڻي ٻه ٽي هفتا بچا آهن باقي لاڙ ۽ ٿر ۾ ته وڃي ٻه ٽي ڏينهن بچيا آهن اتي حڪومت جو امدادي پئڪيج اڃا ڪونه پهتو آهي اسان کي ته لڳي ٿو ته حڪومت وري ٻيهرآبادگارن سان گذريل سال جهڙي  حالت ڪندي.هن چيو ته حڪومت کي سورج مکي پوکڻو آهي ته اها به مند کان  45 ڏينهن اڳ آرڊر بڪ ڪرائي نه ته ان جو ٻج ائين ڪونه ملندو آهي.هن چيو ته مان حڪومت کان مطالبو ڪريان ٿو ته اها سنڌ جي آبادگارن جي خارج ڪيل ساڍا 6 لک ايڪڙ زمين واپس ربيع پئڪيج ۾ شامل ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو