Home / ڪور افيئر / سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙهه جون تياريون
above article banner

سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙهه جون تياريون

هُو پنهنجي جوانيءَ ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد ڊجيٽل ميڊيا سسٽم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هو.پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي ميڊيا مئنيجر جي خيالن ۾ وڏو فرق هو. بلاول چئي رهيو هو ته ميڊيا جي ماڻهن کي آخر اسان ايڏي اهميت ڇو نه ڏني. جواب ۾ قمر الزمان قائره، فردوس عاشق اعواڻ، شيري رحمان، شازيه مري، فرزانه راجا ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پنهنجا دليل ڏيئي رهيا هُئا. آخر پارٽيءَ خلاف جيڪا مهم هلي رهي آهي ان کي منهن ڪيئن ڏجي؟ نواز شريف مخدوم شاهه محمود قريشي، عمران خان ۽ پارٽيءَ خلاف مهم هلائيندڙ ٻين سياسي اڳواڻن جو ميڊيا ۾ ڪيئن مقابلو ڪجي؟ جيتوڻيڪ بلاول هائوس ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ٿيل هِن اجلاس مان ميڊيا کي وڏي خبر نه ملي پر اجلاس بابت شازيه مري جو هڪ جملو ئي ڪافي آهي سنڌ جي اطلاعات جي وزير جو چوڻ هُئو ته پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پارٽي جا سياسي مامرا ڏسڻ شروع ڪيا آهن ۽ هُو جلد پارٽيءَ ۾ سياسي سرگرمين جو اعلان ڪندو.” سو پيپلز پارٽي جي مستقبل ۾ لائين آف ايڪشن بلاول ئي هوندو.

بلاول زرداري هاڻي باقاعده پيپلز پارٽي جا اجلاس سڏائڻ شروع ڪيا آهن. کيس تازو پارٽي جي اندرين اختلافن، گروپ بندين ۽ پارٽي ڇڏي ويندڙ اڳواڻن بابت هڪ بريفنگ ڏني وئي. بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪندو ۽ صدر آصف علي زرداري پارٽيءَ جون ذميواريون سندس حوالي ڪندو. بلاول ڀٽو جي چيئرمين شپ سنڀالڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ءَ اندر هڪ دفعو وري تبديليون اچڻيون آهن. جيئن محترما کان پوءِ آصف علي زرداريءَ پاران قيادت سنڀالڻ کانپوءِ آيون هُيون يا شهيد ڀٽو کانپوءِ آيون هُيون. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ اهو اظهار به ڪيو ته هُو ميڊيا سميت سميت هر شعبي ۾ “نوجوانن” کي اڳيان آڻڻ چاهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشيءَ پاران پارٽي تي الزامن جي ڪهاڻي تي به ڳالهيون ٿيون. بلاول ڀٽو اڃا تائين اجلاسن ۾ ڳالهائڻ بدران ٻڌڻ کي اوليت ڏئي ٿو. ايئن ئي مخدوم شاهه محمود قريشيءَ بابت فرزانه راجا ۽ قمرالزمان قائره جون ڳالهيون هُو ٻڌندو رهيو.

شهيد بينظير ڀٽو مُلڪ جي عوام سان گڏ پنهنجي اولاد لاءِ به وڏي قرباني ڏيئي وئي. پيپلز پارٽي جا ڪيترائي اهم ۽ سينيئر اڳواڻ اڄڪلهه بلاول سان به ايئن ئي پيش اچي رهيا آهن جيئن 1977 کانپوءِ بينظير ڀٽُو سان سينئر اڳواڻ پيش ايندا هُئا. اهي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي شهيد جو سياسي وارٽ ته تسليم ڪندا هُئا پر سُرٻاٽن ۾ اِهو به چوندا هئا ته هي ڇوڪري ڪيئن سياست ڪري سگهندي؟ حڪومت هلائڻ سندس وس جي ڳالهه نه هوندي. بينظير جي مقابلي ۾ سندس پُٽ بلاول لاءِ حالتون مختلف آهن. بلاول پارٽيءَ جون ذميواريون سنڀالي ان وقت ميدان ۾ آهي جڏهن سندس پارٽي اقتدار ۾ آهي. سندس والد مُلڪ جو صدر آهي. ان لاءِ بلاول لاءِ بينظير جي ڀيٽ ۾ الڳ تجربو آهي. هُو وقت اچڻ تي پارٽي ڇڏي ويندڙ سڀني ماڻهن کي جواب ڏيندو پر صدر زرداري جي حساب ۾ اُهو وقت اڃا سال کن پري آهي جڏهن بلاول ڀٽو هڪ وڏي پريس ڪانفرنس يا هڪ وڏي جلسي ۾ پارٽيءَ جي ڪمان سنڀالڻ جو اعلان ڪري. پر حالتون ان وقت کي جلد به آڻي سگهن ٿيون.


تازو مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جو گهوٽڪي ۾ ٿيل جلسو ايوان صدر کان بلاول هائوس تائين وزير اعظم هائوس کان وزير اعليٰ هائوسز تائين هن جلسي بابت ڪچهريون ٿين ٿيون.27 هين نومبر تي سنڌ پنجاب جي سرحدي علائقي گهوٽڪيءَ ۾ مخدوم شاه محمود قريشيءَ عمران خان سان گڏ جلسو ڪري هڪ تير سان ٽي شڪار ڪيا. هن عمران خان کي ڏيکاريو ته سنڌ ۾ وٽس ڪيتري عوامي حمايت آهي. هُن نواز شريف کي به ڏيکاريو ته جيڪڏهن ايندڙ سيٽ اپ ۾ کيس اهميت ڏني وڃي ته هُو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. ساڳي وقت هُن پيپلز پارٽيءَ کي اُهو پيغام ڏنو ته هُو سنڌ ۾ اچي پيپلز پارٽيءَ کي نه رڳو ڪمزور ڪندو پر صدر آصف زرداريءَ خلاف اهڙي سخت ٻولي استعمال ڪندو جهڙي ٻولي نواز شريف ۽ عمران خان به استعمال نه ڪري سگهيا. زرداري کي “سيڪيورٽي رسڪ” قرار ڏيڻ جو مطلب آهي ته هُن فوج کي مداخلت جي اپيل ڪئي. ايٽمي هٿيارن جي غير محفوظ ٿيڻ جي ڳالهه ڪري هُن آمريڪا ۽ عالمي براداري کي مداخلت جو سڏ ڏنو يا ڀارت کي موقعو فراهم ڪيو. پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته مخدوم شاه محمود قريشي ٽن رخن کان پنهنجا پتا کيڏڻ شروع ڪيا آهن. جنهن جو مقابلو پيپلز پارٽي ڪيئن ڪندي ان جو اندازو 25 هين ڊسمبر تي عمران خان جي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ ٿيندو. عمران خان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڌڪ هڻڻ لاءِ سنڌ جي روايتي وڏيرائي سياست مان ڪردار ۽ اميدوار ڳولي رهيو آهي. پير پاڳاري جي پوٽي، راجا سائين جي پُٽ راشد شاهه ۽ مير هزار خان بجاراڻي جي ڀاڻيجي جي عمران خان جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت کانپوءِ سنڌ مان ڪجهه ٻيا وڏيرا به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ وارا آهن. ذوالفقار مرزا جي ناراضگيءَ سبب اڳي ئي پيپلز پارٽيءَ اندر ڏار پئجي رهيا آهن. شرجيل ميمڻ جي استعيفا ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيترن ئي ايم پي ايز پاران ذوالفقار مرزا جي اندروني حمايت سبب پيپلز پارٽي اڳي ئي پريشان آهي. پارٽيءَ اندر ڪيترن سينئر اڳواڻن جي ناراضگي مٿان وري سياسي مخالفن جا  حملا اصل ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ٻيهر اقتدار ۾ روڪڻ جا سلسلا آهن. ڇو ته مُلڪ ۾ اسٽيبلشميٽ وٽ هڪ راءِ اها آهي ته تبديليءَ لاءِ به نواز ليگ مان ئي “چوائس” ڪرڻي پوندي. عمران خان ۽ هڪ ميڊيائي لارڊ جي تبديليءَ جا نعرا ۽ نوجوانن کي اڳتي اچڻ جون صلاحون  به ان حد تائين “ڪارگر” نه پيون سمهجهيون وڃن جو ايندڙ اقتداري ڪاريڊور ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري ڪجهه روايتي سياسي ڪردار جوڙي تبديليءَ جي کچڻي پچائي سگهجي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. پر پنجاب جي سياست ۽ مخدوم شاه محمود قريشيءَ سان ويجهڙائپ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته مخدوم شاه محمود قريشي جي اصل منزل ايندڙ اقتدار يا وزارت عظميٰ آهي. هُن پهرين ميان نواز شريف سان رائيونڊ ۾ ملاقات ڪئي. ذريعن چواڻي ته نواز شريف سندس سڀ مطالبا ڪو نه مڃيا. جن ۾ رڳو وزارت عظميٰ ۽ پنجاب جي وڏ وزارت جا شرط هُئا بلڪه پنجاب ۾ وزارتون ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جو مسئلو به هُئو. نواز شريف جو چوڻ هُئو ته پهرين غير مشروط طور پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ حالتن مطابق فيصلو ڪيو ويندو. نواز شريف وٽ سرائيڪي بيلٽ مان ذوالفقار کوسي ۽ مخدوم جاويد هاشميءَ جهڙا سينئر اڳواڻ آهن. جيڪي مخدوم محمود شاهه قريشيءَ کي پسند ڪو  نه ٿا ڪن. اهڙي ريت ديرا غازي خان ۾ وري مرحوم فاروق لغاري جي ڀائرن ۽ پُٽن ساڻ پڻ نواز شريف جا رابطا آهن. لغاري خاندان جا ساڳي ريت پيپلز پارٽي سان به رابطا آهن. اسٽيبلشمينٽ وٽ عمران خان جي پارٽي اڃا باقاعده “رجسٽرڊ” ناهي ٿي. اُن جا گهوڙا ميدان ۾ لاٿا ويا آهن. گهوٽڪيءَ ۾ عمران خان جا پهرين خان ڳڙهه جا مهر ڀائر ميزبان هُئا پر بعد ۾ اُهي “سر سيد جو ووٽ ڀُٽي جو” واري فارمولي تي اچي ويا. ڇو ته مهر ڀائرن جي ايوان صدر ۾ آصف علي زرداريءَ سان ملاقات کانپوءِ ڪافي مامرا طئي ٿي ويا. ان ڪري سردار علي گوهر مهر ۽ علي محمد مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جي ميزباني ڪرڻ ۽ ميدان تي اچڻ بدران اڻ سڌي مدد ڪئي.

مهر برادران جو اهم ماڻهو سکر جو اڳوڻو ضلعي ناظم ناصر شاهه مخدوم شاه محمود قريشيءَ جي جلسي ۾ موجود هُئو. مهرن ڀائرن پاران مخدوم شاه محمود قريشيءَ جي ميزباني قبولڻ واري فيصلي کانپوءِ صوبائي وزير ۽ صدر زرداريءَ جو دوست سراج دراني اهم پيغام کڻي خان ڳڙهه پهتو. ان ملاقات کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ وري صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ايم اين اي فريال ٽالپر سان مهر ڀائرن جي ملاقات ٿي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سردار علي گوهر مهر جي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هُن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ ڀائرن سان صلاح ڪرڻ لاءِ مُهلت گهري. ذريعن چواڻي ته مهر ڀائرن کي سينٽ جي هڪ سيٽ ۽ هڪ وفاقي وزارت ڏيڻ جي آڇ ٿي چُڪي آهي. مهر گروپ جي پيپلز پارٽي ءَ ۾ شموليت جي وري مسلم ليگ (ق) سنڌ جو صدر ۽ وفاقي وزير غوث بخش مهر مخالفت پيو ڪري. ذريعن چواڻي ته گهوٽڪي جي اندروني سياست ۾ ڄام سيف الله ڌاريجو، لُنڊ ڀائر پڻ گهوٽڪي جي مهرن جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جا مخالف آهن پر ظاهر آهي ته صدر زرداريءَ جي پنهنجي سياست آهي. سندس سياست جا ماپا مُلڪي سطح تي اقتدار تي گرفت مضبوط رکڻ جا آهن. هُو جڏهن ذوالفقار مرزا جي ناراضگي برداشت ڪري سگهي ٿو ته ان کان مٿي وٽس ڪير به نه هوندو. ان ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نه رڳو مهر ڀائرن بلڪه ٻين سياسي اڳواڻن کي به پيپلز پارٽيءَ ۾ آڻڻ جن ڪوششون ٿي رهيون آهن.

موجوده حڪومت ۾ وڏو عرصو جيل ۾ گذاريندڙ قاف ليگ جي اڳواڻ الطاف انڙ سان رابطو ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي شيرازين ۽ ملڪاڻين سان پڻ رابطا آهن. ان ڪري پيپلز پارٽي خود سنڌ ۾ ٻين پارٽين جا رستا بلاڪ ڪرڻ لاءِ انهن سڀني لاءِ پارٽيءَ جا دروازا کولي رهي آهي جيڪي ايندڙ عام چونڊن ۾ سيٽون کڻي سگهن ٿا. سنڌ ۾ نواز شريف، عمران خان، مخدوم شاه محمود قريشيءَ جا رستا روڪڻ لاءِ اليڪشني سياست جاسمورا ڪردار پ پ جي نظر ۾ آهن. سندس في الحال سڄو زور سينٽ جي اليڪشن تي آهي. ذريعن چواڻي پيپلز پارٽي سنڌ مان سينٽ ۾ نوان چهرا موڪلڻ پئي چاهي. نون چهرن ۾ اهڙا وڏيرا به ٿي سگهن ٿا جيڪي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا. اهڙي ريت مخدوم شاه محمود قريشيءَ جو زور ٽوڙڻ لاءِ ٿرپارڪر مان به ڪجهه ماڻهو ڳوليا پيا وڃن. ذريعن چواڻي ته مخدوم شاه محمود قريشيءَ جي دبئي ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم سان ٿيل ملاقات ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سربراهه جلال محمود شاه ۽ شاه محمد شاه پڻ شريڪ هُئا. هن ملاقات ۾ وري سنڌ سطح تي نئون اتحاد جوڙڻ جي ڳالهه ٿي آهي. جهڙي ريت مشرف دور ۾ 2002 جي چونڊ کان اڳ سنڌ ڊيموڪريٽڪس الائنس (ايس ڊي آي) ٺهيو هُئو. جيڪو بعد ۾ نيشنل الائنس ۽ آخر ۾ مسلم ليگ (ق) جو حصو بڻجي ويو هُئو. سو ارباب غلام رحيم، مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ جلال محمود شاه جي ملاقات ۾ سنڌ اندر اليڪشن کان اڳ ڪو نئون “چونڊ اتحاد” ٺاهڻ سنڌ ۾ “هوم ورڪ” شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اڃا تائين ان جو عملي ڪم شروع ڪو نه ٿيو آهي پر اصل ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ لاءِ “2002” جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ ويچاريو پيو وڃي. سنڌ ۾ سياسي طور ڪنڊائتا ويٺل موري ۽ ميهڙ جا جتوئي، شڪارپور جا مهر، يا شيرازي، ملڪاڻي ڪنهن اهڙي اتحاد جو حصو بڻجي سگهن ٿا. جن جو اڳتي هلي ڪنهن مرحلي تي نواز شريف سان اقتداري اتحاد ٿي وڃي. يا اڃا ڪنهن ٽين ڌر سان اتحاد ٿئي پر اصل نشانو سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ اليڪشن کان اڳ اڪيلو ڪرڻ آهي. ڇو ته هِن وقت تائين سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، اي اين  پي وغيره پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيٺل آهن. 2002 ۽ 2010 ۾ اهو فرق هوندو ته قاف ليگ ٺهرائڻ وارو صدر مشرف هُئوجيڪو اڃا ميدان تي ظاهر ڪونهي ۽ 2012 ۾ آصف علي زرداري صدر هوندو، جيڪو ظاهر آهي ته هر نئين اتحاد کي روڪيندو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪاميابي چاهيندو ڇو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ته سندس پُٽ بلاول ڀٽو زرداريءَ وٽ هوندي.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو