Home / سياسي افيئر / سياسي ريس ڪورس، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان
above article banner

سياسي ريس ڪورس، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان

پاڪستاني سياست جا نشيب و فراز تيزيءَ سان حقيقت ڏانهن وري وڌي رهيا آهن ۽ اقتداري سياست جي ڌڙابندي عروج تي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري 10 نومبر 2011 تي ريلوي اسڪينڊل ڪيس جي شنوائي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته “ملڪ ۾ ڪا حڪومت آهي به سهي يا نه؟ ڪير ته هن ملڪ کي هلائڻ وارو هوندو. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ شفافيت نه ايندي ته اسان آڻينداسين، اهو اسان جو واضح پيغام آهي ته اسان ڪنهن کي به هي ملڪ يا ادارا کپائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح ڪم ناهي ڪرڻو ته ڀلي گهر هليو وڃي.” ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي سربراهه جو اهو چتاءُ پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال جي گهرن تضادن کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن بلوچستان جي صورتحال هڪ ٻرندڙ جيل جيان آهي، جتي سياسي ڪارڪنن سان گڏ هاڻي صحافين جا به لاش ملي رهيا آهن. عملي طور تي پ پ جي هاڻوڪي دور ۾ بلوچستان “نوگو ايريا” بڻجي ويو آهي. جڏهن ته ڪرپشن جا داستان هر زبان تي آهن.

ملڪ ۾ سياسي جمود واري صورتحال ۾ عمران خان جي سياسي پيش قدمي نهايت اهم آهي، سندس لاهور ۾ مينار پاڪستان تي منعقد ڪيل وڏي سياسي ميڙاڪي کانپوءِ اهم سياسي شخصيتون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيون آهن. ماضيءَ ۾ خان قيوم خان، اصغر خان ۽ جنرل اي ڪي نيازي به وڏا وڏا جلوس ڪڍيا. ليڪن اهي حڪومتي سطح تي ڪو مقام حاصل نه ڪري سگهيا هئا. هاڻي به ڪجهه سياسي تجزئي نگار لڳ ڀڳ اهڙيون ئي اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسين جو شاهڪار قرار ڏنو پيو وڃي ليڪن عمران خان جو پنهنجو موقف آهي ته جيڪي ايجنسيون ۽ ادارا ملڪ جي حالتن کي بگڙڻ کان نه بچائي سگهيا آهن ۽ جن جي ڪري ملڪي سالميت خطري ۾ پئجي چڪي آهي اهي مونکي ڪهڙي ريت اڳتي وڌائيندا؟ عمران خان “ڪلين مئچ” کيڏي رهيو آهي يا نه، ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت جي سياست ڪندي. ليڪن اها حقيقت آهي ته اقتداري ڇڪتاڻ مان عمران خان کي فائدو ٿيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو 63 سيڪڙو ملڪ جي وڏي صوبي جي حڪمراني ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي قيادت به عمران خان جي سياسي پيشرفت کي سنجيدگيءَ سان محسوس ڪيو آهي ۽ کين احساس ٿي ويو آهي ته”تخت لاهور” لاءِ عمران خان جو خطرو سندن مٿان اچي بيٺو آهي. اهڙي ريت “اسٽيٽس ڪو” جي سياست لاءِ نوان خطرا پئدا ٿي پيا آهن. عمران خان جي فوجي حلقن سان ميل ملاقاتن جو سلسلو به هلندڙ آهي. هڪ رپورٽ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب، مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي شعيب سڊل ۽ هڪ ڪالم نگار سان گڏ عمران خان هڪ حاضر سروس جنرل سان ملاقات ڪئي آهي. چيو اهو پيو وڃي ته عمران جا فوجي حلقن سان رابطا ذاتي نوعيت جا به ٿي سگهن ٿا، ڇو ته سندس ڪٽنب جا ڪجهه ماڻهو فوجي پسمنظر رکن ٿا. عمران خان کي نه رڳو ملڪي پريس پر عالمي پريس به اهميت ڏني آهي. وفاقي گهرو وزير رحمٰن ملڪ جو چوڻ آهي ته عمران خان جي جلسي ۾ جهنڊا سندن، باقي ماڻهو ٻين جا هئا، جنهن جا وٽس ثبوت موجود آهن. جڏهن ته  پ پ جي سيڪريٽري جنرل جهانگير بدر پنجاب جي نئين سياسي صورتحال ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جو ايندڙ صدر بلاول ڀٽو زرداري هوندو، جيڪا هڪ غير حقيقي، غير فطري ۽ غير سياسي سوچ آهي.

هاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ جيڪڏهن نواز شريف به رائيونڊ جي حدن مان ٻاهر نه نڪتو ته کيس تمام گهڻو سياسي نقصان پوندو. پ پ ۽ مسلم لگ (ن) هڪٻئي جي اقتدار کي تحفظ ڏئي پنهنجي قيمت وصول ڪري ورتي آهي. انهن کي عوام جي اهنجن ۽ معاشي مشڪلاتن سان ڪو گهڻو سروڪار ناهي. هن وقت صورتحال اها آهي ته ذوالفقار مرزا حڪومت جي اهم اتحادي ڌر متحده تي لڳاتار دٻاءُ وجهي رهيو آهي رڳو عمران خان نه پر ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا سياسي گروهه موجوده صورتحال ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌريون به ايندڙ چونڊن جي حوالي سان تيارين ۾ رڌل آهن ۽ صلاح مصلحت جو سلسلو جاري آهي. عمران خان ۽ سندس پٺڀيرائي ڪندڙ قوتون به پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهن. عمران خان اڳوڻو ڪرڪيٽر هجڻ سبب ڪرڪيٽ جي شاطراڻين چالن کا ن واقف آهي. ليڪن سوال اهو آهي ته ڪرڪيٽ جي ڪاميابي کانپوءِ سياست ۾ به “وڪٽري اسٽينڊ” تي بيهي سگهندو؟

باقي اهو ضرور آهي ته عمران خان پاڪستاني سياست جي ريس ڪورس ۾ شامل ٿيڻ خاطر سڀ وسيلا رکي ٿو. شوڪت خانم اسپتال ۽ يونيورسٽي وسيلي هو سڄي دنيا مان فنڊ گڏ ڪري چڪو آهي- هاڻي به هو سياست وسيلي پنهنجا منصوبا اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هن ڊرون حملن جي حوالي سان ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا هڻڻ جو فيصلو ڪيو ته هن ڌرڻن کان اڳ ملڪ جي سمورين اخبارن ۾ شوڪت خانم ميموريل اسپتال لاءِ اشتهار شايع ڪرائي 40 ڪروڙ روپيا عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي.

هن جي هڪ حامي ڪالم نگار جو چوڻ آهي ته هڪ پختون اڳواڻ بعد ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري پنهنجي پٽ کي نه رڳو تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايو بلڪه پنج ڪروڙ روپيا عمران خان حوالي ڪيا. عمران خان سياست سان گڏ پنهنجن منصوبن لاءِ به سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي هن تي سيڙپڪاري ڪندڙ نه رڳو ملڪ ۾ پر پرڏيهه ۾ به موجود آهن.

اهو نه وسارڻ کپي ته ايندڙ عام چونڊن جي صف بندي شروع ٿي چڪي آهي. عمران خان فيڪٽر پاڪستان جي روايتي سياست ۾ هڪ رجهان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي، جنهن جي ڪري سياسي تجزئي نگارن کي صورتحال بابت ٺوس موقف اختيار ڪرڻ مشڪلان محسوس ٿي رهي آهي. لاهور ۾ ٿيل عمران خان جي جلسي بابت هڪ تجزئي نگار جو چوڻ آهي ته هُن عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن ليڪن ذهن ناهن کٽيا. ڪجهه سياسي نبض شناس ان راءِ جا آهن ته عمران خان کي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجن سياسي مقصدن خاطر اهڙي ريت استعمال ڪندي جهڙي ريت پرويز مشرف عمران خان کي پاڻ سان ملائي پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪيا هئا ۽ پوءِ کيس الڳ ڪري ڇڏيو هو. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته عمران خان جي پريس ڪانفرنس ۾ سندس اڳوڻي گهر واري جمائما خان جي موجودگي ۽ سندس سياسي مستقبل جي ڪاميابي بابت اڳڪٿي ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان کي عالمي ڌيان حاصل ٿي رهيو آهي ۽ عمران خان افغانستان جي تناظر ۾ به ڪجهه اهم معاملن ۾ سفارتي رابطن جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. هن وقت تحريڪ انصاف، ماضيءَ جي تحريڪ استقلال وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ دور هو جڏهن پاڪستان جا سمورا سياستدان تحريڪ استقلال ۾ وڃڻ لاءِ آتا هوندا هئا، انهي حد تائين جو اصغر خان کي جنرل ضياءَ الحق اڳوڻي شاهه ايران سان ملاقات لاءِ تهران موڪليو هو. ليڪن اصغر خان سياسي طور ڪامياب نٿي سگهيو هو.

يقيني طور سياست هڪ اهڙي عمل جو نالو آهي جنهن جو مقصد عوام جي فلاح بهبود ۽ انساني ترقي هجڻ گهرجي. مرعايت يافته طبقي ۽ سياسي خاندانن هن ملڪ جا وسيلا هميشھ لٽيا آهن پاڪستاني سياست تي اهڙن ئي ماڻهن جو قبضو آهي عوام کي انهن جي قيد مان آزاد ڪرائيندڙ ئي سندن مسيحا بڻجي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو