Home / سياسي افيئر / شاهه محمود قريشي جي پ پ کان علحدگي: سياسي پچ تي نئين راند
above article banner

شاهه محمود قريشي جي پ پ کان علحدگي: سياسي پچ تي نئين راند

 

مخدوم شاهه محمود قريشي جيڪو مسلم ليگ (ن) کي ڇڏي ڪڏهن پ پ پ ۾ آيو هيو ۽ اُتي رهي ڪري ان پارٽيءَ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رهڻ کان وٺي وفاقي پرڏيهي وزير تائين پ پ پ ۾ رهيو. مرڪزي وزارت جي نئين سر جوڙجڪ ۾ وري وزير نه ٿيو ۽ پوءِ جيڪو ٿيو اُهو ڏوراپن کان وٺي ڪري 14 نومبر 2011 تي اُتي پهتو جو هن پ پ پ سان وابستگي ته ٺهيو، پر قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي، آصف زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ پ پ پ کي “زرداري ليگ” جو نالو ڏئي ڌار ٿي ويو.

هاڻ ته الزامن جي توبن جا به ڄڻ ته منهن کلي پيا آهن. جڏهن سنڌ پ پ پ جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي قيادت جي پاليسين سان اختلاف رکندي ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي ڪو به تير ترڪش ۾ نه ڇڏيو هيو ۽ ان جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جنهن تي کُلي ڳالهائڻ کي ڄڻ گناه سمجهيو ويندو هيو،تنهن وڃي چپ چاپ ڪري صرف ۽ صرف اِهو مطالبو ڪيو ته هن کي پارٽيءَ مان ڪڍو هن ته رڻ ٻاري ڇڏيو آهي- پوءِ ٿيو ايئن ته هڪ طرف ايم ڪيو ايم جو گراف ڪريو ۽ ٻئي پاسي پ پ پ ۾ به اندرئي اندر ڪجهه ڏار محسوس ٿيڻ لڳا. تنهن ڪري شاهه محمود قريشيءَ جيڏي هيوي ويٽ جو پ پ پ کي خيرباد چوڻ ڪنهن چڱي ڀلي جهٽڪي کان گهٽ ثابت نه ٿيندو.

ڀل هاڻي پ پ پ پاران شاهه محمود شاهه قريشيءَ کي پنجاب جو گورنر اقتدار جو بکيو چوي يا وري ڪو مٿس ڪهڙا به الزام هڻي پر هُن بظاهر وقت جي نبض تي هٿ رکي ۽ ان کي پڙهي پَرکي هي فيصلو ورتو آهي. هن جي ايمانداريءَ تي اڃا به ڪو اهڙو تبصرو ڪو نه آيو آهي جنهن سان سندس شخصيت داغدار ٿئي. پر اِها هڪ روز روشن جيان عيان ڳالهه آهي  ته هن کي ڏکڻ پنجاب ۾ ڪجهه نه ڪجهه اڪثريت آهي ۽ ماضيءَ ۾ رهي آهي. تنهنڪري ان جا اڄ نه سڀاڻي ڪجهه نه ڪجهه اثر پ پ پ تي ضرور ٿيندا. پ پ پ جي اعليٰ قيادت سان اختلاف رکي جڏهن شاهه محمود شاهه قريشي لاڙڪاڻي آيو هيو ته هُن هڪ ملاقات ۾ اِهو چيو هيو ته “مون کي هڪ وزير خورشيد شاهه فون ڪري چيو آهي ته نئين ديري ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ نه اچجو. اِهو نياپو مرڪزي قيادت جو هيو جنهن مون کي CEC جي گڏجاڻي کان روڪيو هيو. سياست ڪرڻ ته هڪ فن آهي جنهن ۾ وقت جي اٿندڙ اوچين اوچين ويرن سان به مقابلو ڪرڻو پوندو آهي پر سمنڊ جي پيٽ ۾ ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ کان به اُپاءُ ورتا ويندا آهن.سوا ل اهو آهي ته ڇا هِن وقت قريشي جو پ پ پ ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ وڃڻ سان پ پ پ تي ڪهڙا اثر ٿي سگهن ٿا.

· ڇا پ پ پ ۾ واقعي نظرياتي عنصر رهيو آهي يا نه؟

· ڇا هن دوريءَ جي ڪري پ پ پ ۾ اڃان وڌيڪ ڏار پوندا.

جيڪڏهن قريشي پارٽيءَ کي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي سوچ وارا پارٽي کان ناراض ڪجهه لڏو ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته پوءِ پ پ پ کي ڏکڻ پنجاب ۾ جَهٽڪو اچي سگهي ٿو. ڇو ته عمران خان جيڪو ميدان ۾ لٿو آهي يا لاٿو ويو آهي ان سان شاهه محمود قريشي جو ملڻ ضرور ڪجهه نه ڪجهه بيٺل پاڻي ءَ ۾ لهرون پيدا ڪندو. ڇو ته شاهه محمود قريشي وڏي پيري مريدي وارو ماڻهو هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بي داغ ماڻهو به آهي- ٻيو وري حڪومت ڄاڻي واڻي ڪيل غلطين کانسواءِ عام ماڻهوءَ ۾ بي چيني سبب وري هڪ نئون طوفان به کڙو ڪري سگهي ٿي جنهن لاءِ پ پ پ سان به هڪ پارٽيءَ طور ايترو آرگنائيزيشن طرف ڌيان نه ٿو ڪري سگهجي ٿه هي جُدائي صرف هڪ شخص جو ڏهاڳ آهي. باقي رهي ڳالهه ته ڇا عمران خان ۽ خود شاهه محمود قريشي ۾ ڪٿي هلندي هلندي ڪو پرسنلٽي ڪلئش ته نه ٿي پوندو؟ ڇو ته شاهه محمود قريشي هڪ پراڻي سياست جي ميدان جو رانديگر ۽ عمران خان وري ڪرڪيٽ جي ميدان جو اهم رانديگر آهي. ڪرڪيٽ ۾ ته پاڪستاني رانديگرن کي انگلستان جي جيلن ۾ وڃڻو پئجي ويو آهي ۽ هت وري سياست بلڪل ئي ڪنهن ٻين ماڻ، ماپن سان اڳتي وڌي رهي آهي. ان ڳالهه کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ڪنهن ٽئين جي “ٽياڪڙيءَ” کان سواءِ وقت کان اڳ گُهر ڪندڙ چونڊن لاءِ لهي پوندا ان لاءِ في الوقت ماحول گرم آهي ۽ پ پ پ هڪ پارٽيءَ طور پاڻ کي (هي ڌَڪَ پچائي) تڪڙو منظم ڪرڻ طرف سنجيدگيءَ سان غور ڪندي يا وري، مورڳي ئي هٿ ڪڍي بيهي رهندي! پر انهن ٻنهي حالتن ۾ پ پ پ کي جوکم جو امڪان موجود آهي. هڪ پارٽيءَ طور هونئن به تازو پ پ پ پنجاب لاءِ ٻه صدر رکيا ويا آهن. هڪ مرڪزي پنجاب ۽ ٻيو ڏکڻ پنجاب، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ پ کي شاهه محمود قريشيءَ جي قلابازي جي ٿوري ڪي گهڻي خبر هئي. ڇا سرائيڪي ٻوليءَ ڳالهائيندڙ لاءِ هڪ الڳ صوبي جو اعلان پ پ پ جي پاپولرٽيءَ کي ٽيڪو ڏئي سگهندو؟ ۽ جي ڏنو ته وري شاهه محمود قريشي کي ان لاءِ ڪهڙو وڌيڪ هوم ورڪ ڪرڻو پوندو. ڳالهه وري به اچي اتي دنگ ٿي ڪري ته گهر ته وچ مدي وارين چونڊن ڪرائڻ جي آهي” جنهن لاءِ، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته به وقت ٿورو ۽ مقابلو سخت آهي ۽ اصل واڳ ڌڻي پ پ پ کي اهڙو اعلان ڪرڻ لاءِ واندڪائي ڏيندا؟

ٻيو اهم اعلان اِهو آهي ته ڇا بي نظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ پ ۾ نظرياتي عنصر اهم رهيو آهي ۽ ان کي هڪ اداري وانگر هلايو ويو آهي يا نه؟ چوڻ وارا چون ٿا ۽ ان لاءِ پ پ پ جي ناراض سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ آهي ته اُهي ٻئي ڳالهيون پ پ پ ۾ ڪافي متاثر ٿيون آهن.

ڇو ته پارٽيءَ جي ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) سان ويجهڙائي ۾ پارٽي ورڪر کي مايوس ڪيو آهي ۽ پارٽيءَ جي بنيادي ڍانچي کي ڌڪ هنيو آهي. هاڻ نه اُهي گڏجاڻيون آهن نه اُهي ڪنوينشن آهن نه وري ورڪر کي اُها اهميت ڏني ٿي وڃي جيڪا هن جو حق آهي. هُن “افيئر” کي هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته پارٽي اهڙين ويجهڙاين ڪري ڄڻ ته گُم ٿيندي پئي وڃي. ڇا اسين ڀٽي صاحب جي پ پ پ کي برقرار رکي سگهيا آهيون؟ هڪ وڏو سوال آهي. ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ وچ ۾ ٿيندڙ گفتگوءَ جي خبر ته ان جي ڪارڪنن کي نه هوندي آهي- صرف حڪم هوندو آهي ٻنهي طرفن کان ته هيئن ڪرڻو آهي ۽ هيئن ناهي ڪرڻو. ته پوءِ پارٽي آرگنائيزيشن ڪيئن هلندي؟

ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته پ پ پ جا اُهي فيصلا جيڪي پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهن انهن ۾ مرڪزي قيادت طرفان تمام پراڻي پ پ پ جي ورڪر افضل سنڌو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي وقت 1977 ۾ به ايم اين اي هيو ۽ CEC جو ميمبر آهي، ان جي ۽ ڊاڪٽر اسرار شاهه جي CEC جي ميمبرشپ ان ڪري معطل ڪئي وئي جو انهن وفاقي زير داخلا رحمان ملڪ لاءِ خط لکيو هيو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صفدر عباسيءَ جي رڪنيت ان ڪري اڄ سوڌو معطل آهي ته هن “جيو” ٽي وي تي اچي ڳالهايو هيو، جنهن کي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ايئن ڪيو ويو. پوءِ ته وقت جي حاڪمن جيو وارن سان ڳالهيون هلائي ان کي ٽيڪس ۾ ڪجهه رعايتون به ڏنيون پر معاملو واري به اِهو آهي ته هڪ سينيئر پارٽي ميمبر جي رڪنيت تڙ تڪڙ ۾ معطل ڪئي وئي. هاڻ جيتوڻيڪ بظاهر پ پ پ اڳوڻي وزير داخلا ڊاڪٽر  ذوالفقار مرزا مان پارٽي هٿ ڪڍي چڪي آهي، پر ان تي پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزيءَ جي بنياد تي ڪو به ائڪشن ڪونهي . جنهن لاءِ سنڌ جو سگهارو وزير آغا سراج دُراني چوي ٿو ته“ ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو” جڏهن ته سنڌ جو وزير اعليٰ جيڪو سنڌ پ پ پ جو صدر به آهي ان بدين واقعي جو هڪدم نوٽيس ورتو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ويجهڙائپ جي الزام هيٺ سنڌ جي جيلن واري وزير محمد صادق ميمڻ کي فارغ ڪري ڇڏيو ۽ بدين جي پارٽيءَ ۾ تبديليون آنديون.

سنڌ جو گهرو وزير منظور وساڻ جيڪو ڪڏهن خواب لهندو آهي ۽ اُهي سچا ثابت ٿيندا آهن- هن ڀيري هن اِها اڳڪٿي ڪئي آهي ته شاه محمود قريشي موٽي ۾ پ پ پ ۾ ايندو؟

ڇا اهو قريشي جيڪو خود ته قومي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفا کان پوءِ ٻين کي ساڳي درخواست ڪري رهيو آهي ۽ گُهر ڪري رهيو آهي ته “وچ مدي واريون چونڊون ڪرايو” سو ايئن ڪندو؟ في الحال ته اهڙو ڪو اهڃاڻ نظر ڪو نه ٿو اچي. ۽ ٻيو ته 27 نومبر گهوٽڪيءَ وارو جلسو ڏسئون ته اُٺ کي ڪهڙي پاسي ٿو ويهي”

آخر شاهه محمود قريشيءَ پنهجي مستقبل جي لائحه عمل ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرزمين کي ڇو چونڊيو آهي- اِها به ڪا سوچي سمجهي ڳالهه رکي وئي آهي- ايئن ته نه ٿيندو ته گهوٽڪي ۽ ان سان لڳندڙ پنجاب جي سرحدن ويجهو رهندڙ سردار هن هنڌ تي بيهي ڪو اعلان ڪن- ان ڳالهه کي سري سان رد نه ٿو ڪري سگهجي- ڇو ته اُهي به اڃا سوڌو ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا آهن. مٿان چونڊون هجڻ ڪري ممڪن آهي اُهي هڪ پاسي اشارو نه آهي ته مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سياسي ۽ روحاني سگهه جو مظاهرو ڪري اصل اقتدار ڌڻين کي اِهو ٻڌائيندو ته هو ڪيترو سگهارو آهي ۽ هو اڳتي لاءِ ڪيترو ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو.!

انهن مڙني ڳالهين کان مٿي اِها ڳالهه به آهي ته ڇا هن وقت سنڌ ۽ پنجاب صوبن جا ڪجهه اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبر هن جلسي ۾ قريشيءَ جي حمايت ڪن ۽ ممڪن آهي ته اُنهن مان ڪجهه سيٽون به ڇڏي- وري اِهو مطالبو ڪن ته وچ مدي واريون چونڊون ڪرايو.

نقصان ڦري گهري وري به پ پ پ جو ٿيندو ۽ ان لاءِ شايد ان جي ليڊرشپ ذهني طور تيار آهي ۽ پوءِ جي مقابلا ايندڙ چونڊن ۾ ٿين تا ته اُهي بلڪل دلچسپ هوندا.

هوڏانهن عمران خان جون وڏيون ڊاڙون آخر ڇو آهن؟ چوندا آهن ته “وڇ ڪِلي آهر ڪڏندي آهي”  ۽ معلوم اهو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهو “ڪِلو” آهي ڪهڙو ۽ آيا اهو مضبوط به آهي يا ان جي پاڙ ٺِڪريءَ تي آهي ۽ پوءِ هي جڙندڙ تاڃي پيٽو هڪ ڪاغذي محل وانگر ڌماڪي سان ڪري نه پوي.في الحال ته هوا اِهڙي گُهلي رهي آهي جنهن ۾ هرڪو پَرَ ساهي رهيو آهي ته ايندڙ سيٽ اپ ۾ ڪيئن فٽ ٿيان.

هونئن به ويچارو ووٽر سنڌ ۾ ته وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي حوالي آهي ۽ ٿورو ٿڪو جيڪو پڙهيل ڳڙهيل آهي يا وري اهڙين ڌرين سان سلهاڙيل آهي جيڪي پنهنجي سوچ رکن ٿا اُهو ته اڪثر ڪاميابيءَ طرف ڪو نه ويو آهي؟

هاڻ وري به سوال اِهو آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي اندر ۾ ٿوري جهاتي پائين ۽جيڪڏهن پنهنجي اصل مقصد کان هيڏي هوڏي ٿي ويون آهن ته ان کي درست ڪرڻ لاءِ وقت ڪو نه ويو آهي- هروڀرو به هيڏي هوڏي نهارڻ کان چڱو آهي ته سڀ سياسي ڌريون گڏجي ويهن ۽ هڪ ٻئي جي معاملن کي سنجيدگيءَ سان سمجهن ۽ پوءِ ان تي ايمانداري سان عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿين. باقي جيڪڏهن اهڙي ئي صورتحال رهي جنهن ۾ قيادت جو اعتماد رهي نه وري اعتماد جهڙي قيادت رهي پوءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ، بي چيني ئي بي چيني رهندي ۽ عوام ٽيڪس مٿان ٽيڪس آخر ڪيستائين ڏيندو ۽ هروڀرو اهڙا ڏينهن نه اچن جو پاڻي پل هيٺان گهڻو وهي وڃي ۽ اسين سڀ تريون مهٽيندا رهجي وڃون.

dawnlrk@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو