Home / افيئر / عمران فاروق قتل ڪيس: ڀانڊو ڦاٽي پيو
above article banner

عمران فاروق قتل ڪيس: ڀانڊو ڦاٽي پيو

آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن (APMSO) مان 1984ع ڌاري مهاجر قومي مومينٽ (MQM) ۽ بعد ۾ 1992ع ۾ اڪيلائي محسوس ڪندي ظاهري طور متحده قومي مومينٽ بنجندڙ ۽ پنهنجي پارٽيءَ جا دروازا هر قوم لاءِ کولڻ جو اعلان ڪرڻ واري پارٽيءَ جو پهريون مرڪزي سيڪريٽري عمران فاروق ڪجهه وقت اڳ لنڊن ۾ قتل ٿي وڃي ٿو. پارٽيءَ جي پاڻ هرتو جلاوطن قائد ۽ برطانوي شهري الطاف حسين عمران فاروق کي “شهيد انقلاب” جو خطاب ڏيندي 10 ڏينهن سوڳ ملهائڻ  جو اعلان ته ڪري ٿو پر دنيا جهان جي هر ڳالهه کي سازش ۽ هر مخالف کي سازشي قرار ڏيندڙ الطاف حسين عمران فاروق جي قتل جو الزام ڪنهن تي به نٿو هڻي. سندس ميڊيا تي ڪيل روڄ راڙي ۽ افسوس جي اظهار کي ٻيا ته ٺهيو پر سندس پارٽيءَ جا ڪارڪن به سنجيدگيءَ سان نٿا وٺن. سڀني سمجهي ورتو ته عمران فاروق جو قتل به “جو قائد ڪا غدار هي، وه موت ڪا حقدار هي” جي فلسفي تحت ايئن ٿيل آهي جيئن هن کان اڳ ايم ڪيو ايم جي باني چيئرمين عظيم احمد طارق، باني وائيس چيئرمين بدر اقبال، باني، جوائنٽ سيڪريٽري ايس ايم طارق، سنڌ اسيمبلي جي سابق ڊپٽي اسپيڪر رازق خان ۽ ٻين ڪيترن ئي مرڪزي ۽ ٻئي درجي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قتل ڪرايو ويو هئو. پنهنجي جوهر ۾ مڪمل طور تي هڪ مافيا جهڙو ڏيک ڏيندڙ ايم ڪيو ايم به ان ڳالهه ۾ يقين رکي ٿي ته پارٽيءَ ۾ شامل ته پنهنجي مرضي سان ٿي سگهجي ٿو پر ان مان نڪرڻ يا ان جي فلسفي سان غداري موت ئي آهي.

تازو ئي برطانوي گهرو وزير لنڊن ۾ پاڪستان جي گهرو وزير رحمان ملڪ جي موجودگيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ڪنهن به گرفتاريءَ جي ترديد ڪندي لنڊن جي پوليس ڪمشنر جي ڪيل دعويٰ جي پڻ ترديد ڪئي آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي وزير داخله رحمان ملڪ چيو ته هر پاڪستاني ايجنسيءَ کان پڇيو آهي پر سڀني کيس ٻڌايو ويو آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پاڪستان مان ڪير به گرفتار ناهي ڪيو ويو.

عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان انتهائي ڄاڻو ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي لنڊن قيادت الطاف حسين ۽ ان جي وڏي صلاحڪار هندستان جي شهري محمد انور کي جڏهن محسوس ٿيو ته پاڪستان ۾ 10 سال پراسرار طور تي روپوشي ڪاٽي پراسرار طريقي سان لنڊن پهچندڙ عمران فاروق پنهنجي گروپ جي مدد سان پارٽي (ايم ڪيو ايم) تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ته انهن پنهنجي لنڊن ۽ پاڪستان جي مرڪزي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي عمران فاروق کي راهه تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو لنڊن سيڪريٽريٽ جي دروازي تي پهتل عمران فاروق کي چيو ويو ته “پارٽي (ايم ڪيو ايم) کي سندس خدمتن جي وڌيڪ ضرورت ناهي” ۽ عمران فاروق کي غير اعلانيه طور تي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خاموشي سان پيغام ڏنو ويو ته عمران فاروق سان رابطو ڪرڻ “قائد سان غداريءَ جي برابر آهي.” هڪ حڪمت عمليءَ تحت عمران فاروق کي لنڊن ۾ هڪ سال تائين رليڪس ڇڏي سندس سمورين سرگرمين جي نگراني ڪئي وئي. کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي ڊائريڪٽر حماد صديقي ۽ ڪراچي شهري حڪومت جي گريڊ 19 جي ملازم خالد شميم کي ذميواري ڏني وئي. حماد ۽ خالد شميم ڳوڙهي سوچ ويچار کانپوءِ لانڍي 86 سان تعلق رکندڙ دهشتگرد ونگ جي مک ٽارگيٽ ڪلر ارشد ڇوٽو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او  سان تعلق رکندڙ اظهر صديقي تي ٻه رڪني ٽيم ‎ٺاهي وئي جنهن کي لنڊن وڃي عمران فاروق بابت ٽاسڪ ڏنو ويو. ارشد ڇوٽوءَ جو پاسپورٽ ان جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ سبب وسيم احمد جي نالي سان ۽ اظهر صديقي جو پاسپورٽ ان جي اصل نالي سان ٺهرائي کين برطانيا جا ويزا لڳرائي، لنڊن پهچايو ويو. ان کان اڳ مبينه قاتل دستي جي ٻنهي ميمبرن کي خنجر ۽ پٿرن جي مدد سان قتل ڪرڻ جي ڪراچيءَ جي گلشن اقبال جي علائقي ۾ شهري حڪومت جي ماتحت هڪ اداري جي آفيس ۾ ٽريننگ ڏني وئي. لنڊن پهچڻ جي 25 ڏينهن ٻه رڪني دستي پنهنجو ڏنل ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ٻئي ڄڻا تمام آسانيءَ سان سنهڙي سيپڪڙي عمران فاروق کي خنجر ۽ پٿرن جي مدد سان قتل ڪري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عمران فاروق جي بيوه ابتدائي طور تي ئي شڪ پنهنجي مقتول مڙس جي پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت تي ڏيکاري عمران فاروق جي تدفين لنڊن ۾ ئي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو. پر سندس ساهراڻي گهر تي قبضي ۽ ،ڪراچيءَ ۾ موجود سندس سهري عمران فاروق جي والد فاروق احمد سميت مقتول عمران فاروق جي ۽ سندس (شمائله عمران) جي مائٽن جي پارٽي طرفان يرغمالي/ حراست کيس مجبور ڪيو ته هوءَ پارٽي  جي هدايتن تي عمل ڪري. ايئن عمران فاروق جي مڙهه کي 6 نومبر 2010 تي لنڊن مان ڪراچيءَ آڻي، عزيز آباد جي “شُهداءُ” قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو جنهن طريقي سان عمران فاروق جي بيوه شمائله کي ڪراچيءَ توڙي لنڊن ۾ ميڊيا کان پري رکڻ جا جتن ڪيا ويا ان ڳالهه پڻ ڪيترن ئي ذهنن ۾ شڪ شبها پئدا ڪيا. انهن ئي ذريعن “افيئر” کي وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته مبينه قاتل دستي جي ٻنهي همراهن کي منصوبي تحت لنڊن کان سريلنڪا براسته ڏکڻ آفريقا فرار ڪرايو ويو جتي انهن کي 8 مهينا ترسائڻ کانپوءِ حماد صديقيءَ معرفت ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ته منصوبو اهو جوڙيو ويو ته ٻنهي همراهن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي خالد شميم رِسيو ڪندو ۽ بعد ۾ ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ کين ٽارگيٽ ڪلرز هٿان قتل ڪرائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. خالد شميم ۽ حماد صديقيءَ جي ان منصوبي بابت مبينه ڳالهه ٻولهه ڳجهن ادارن رڪارڊ ڪري ان منصوبي جو ٽوڙ ۽ ان ڪائونٽر پلان تحت ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندڙ ارشد عرف ڇوٽو عرف وسيم احمد ۽ اظهر صديقي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته کين رِسيو ڪرڻ لاءِ آيل خالد شميم موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. گرفتار ٻنهي همراهن ڳجهي اداري جي تحويل ۾ پهرين ته ڪجهه به مڃڻ کان انڪار ڪيو پر جڏهن کين  بغير تشدد ڪرڻ جي خالد شميم ۽ حماد صديقيءَ جي کين قتل ڪرڻ واري ٽيليفون گفتگو ٻڌائي ته هو ڳجهي اداري سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ کين عمران فاروق قتل ڪيس متعلق ماسٽر مائينڊ سميت ايم ڪيو ايم جي لنڊن قيات جي ملوث هجڻ بابت هر شيءِ ٻڌائي ڇڏي. انهن ئي ڄاڻو ذريعن دعويٰ ڪئي ته بعد ۾ ڳجهي اداري جي ئي دٻاءُ تي گورنر سنڌ عشرت العباد ڪراچي شهري حڪومت جي آفيسر عمران فاروق قتل ڪيس جي مبينه ماسٽر مائينڊ خالد شميم کي ڳجهي اداري حوالي ڪيو. جڏهن ته گورنر سميت متحده قيادت تي ان حوالي سان دٻاءُ برقرار آهي ته هو متحده اڳواڻ حماد صديقيءَ کي به پيش ڪن.

مٿين سمورين حقيقتن کانپوءِ متحده لنڊن قيادت سخت دٻاءُ جو شڪار آهي خاص طور تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي لنڊن ياترا پاڪستاني ڪميونٽي سان خطاب ۽ متحده قائد الطاف حسين کي عمران فاروق جو قاتل قرار ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي تاريخ جي سخت ترين بحران جو شڪار آهي. انهي حلقن جي دعويٰ آهي ته بيماري جي آخري اسٽيج تي پهتل متحده قائد الطاف حسين ايندڙ چند ڏينهن ۾ نئون قائد نامزد ڪندو جيڪو عامر خان، مصطفيٰ ڪمال يا انيس قائمخاني ٿي سگهي ٿو.

imdad.soomro6@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو