Home / ڪرنٽ افيئر / مرزا جي لنڊن ياترا: ملڪ ۾ سياسي ٻائيتال
above article banner

مرزا جي لنڊن ياترا: ملڪ ۾ سياسي ٻائيتال

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهڙو ڪردار بڻجي ويو آهي جيڪو گهڻن ماڻهن ۽ پ پ جي ڪجهه وزيرن لاءِ مٿي جو سُور، ايم ڪيو ايم لاءِ زبردست سياسي داٻو، عوام لاءِ ڪڏهن هيرو ته ڪڏهن ولين، صدر آصف علي زرداريءَ لاءِ اُهوئي پڳ مٽ يار ۽ ميڊيا لاءِ “نيوز ويليو”- جنهن جو بنيادي ڪارڻ مرزا جو کُلي ڳالهائڻ آهي. ملڪ جي هڪ وڏي اردو چئنل کي داٻو ڏنو ويو ته هُو آخر ذوالفقار مرزا کي ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئي ۽ لائيو پروگرامن ۾ ڇو ٿو ڳالهائي- ذريعن موجب چينل جي انتظاميا چيو  ته ذوالفقار مرزا اسانجي پروگرامن جي ريٽنگ (ڏسندڙن جي شرح) لاءِ بيراميٽر (ماپو) بڻيل آهي. مونکي پيمرا جي هڪ اهم ذميوار ٻڌايو ته اتحادي جماعت جي زبردست دٻاءَ باوجود ان هر پروگرام يا نيوز سيگمينٽ کي وڌيڪ ماڻهو ڏسن ٿا جنهن ۾ ذوالفقار مرزا جي ڳالهه ٻولهه هوندي آهي”. جنهن جو مطلب آهي ته ٽي وي چينل لاءِ ذوالفقار مرزا اُهو وکر بڻجي ويو آهي جنهن جو روز سون وانگر اگهه چڙهندو پيو وڃي. ايڏي توقع نه سرڪار کي هُئي، نه اصل سرڪار کي ۽ نه ڊاڪٽر مرزا جي پڳ مٽ يار آصف علي زرداريءَ کي. ڇو ته هرماڻهو اِهو چئي رهيو هُئو ته ڏهه پندرهن ڏينهن ۾ ذوالفقار مرزا جي مچايل ٻائيتال مان هوا نڪري ويندي پر هينئر تائين گذريل ٽن مهينن کان ذوالفقار مرزا سرڪاري مشنري، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي گاڏيءَ جي ٽائر مان ڏاڍي ديده دليري سان هوا ڪڍي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪمشنري نظام جي لاڳو ٿيڻ تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي سگهي. ايم ڪيو ايم آڏو ذوالفقار مرزا کي بدمعاش، سلطان راهي. لفنگو ۽ شرابي سڏيندڙ پيپلز پارٽيءَ جا وزير به جڏهن ڪمشنري نظام جي دفاع ۾ ايم ڪيو ايم وارن سان ڳالهيون ڪندا رهيا ته ڏسو اسان تي ذوالفقار مرزا جو ايڏو ته دٻاءُ آهي جو ڪمشنري نظام بحال نه ڪيوسين ته اسانجي پارٽي ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويندي. سنڌ ڪابينا جا سگهارا وزير، سنڌ ۾ وڏوزارت جا اميدوار ذوالفقار مرزا خلاف ٿورو به ڳالهائين ٿا ته کين روڪيو ٿو وڃي ته بيان بازي نه ڪريو ۽ جن بيان بازي ڪئي ذوالفقار مرزا انهن کي ڌوئي ڇڏيو. آغا سراج دراني، منظور وساڻ، ۽ پير مظهر الحق کي ڪرپٽ وزير ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين ايم ڪيو ايم جي جهوليءَ وڃڻ وارو وزير چيو ته ٽئي وزير صاحبان دفاعي رستو اختيار ڪري ويا. ڇو ته ڪرپشن ته بهرحال سڀ ڪو ڏسي ويٺو پر سنڌي وزير لاءِ ڪرپشن کان به وڏو الزام ايم ڪيو ايم جي جهولي ۾ ويهڻ آهي. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو پيو ته مٿيان ٽئي وزير وڏوزارت جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. ذوالفقار مرزا سندن پتا ڪاٽي ڇڏيا.


مرزا جي اهڙي ايڪشن تي وري ماڻهن اِهو چوڻ شروع ڪيو ته ان ۾ پڳ مٽ ياريءَ جو ڪمال نظر اچي پيو.منظور وساڻ ۽ ذوالفقار مرزا جي وچ ۾ ٽي وي پروگرام ۾ ٽيلي فون تي ڏند چڪ ڏيڻ کانپوءِ مرزا مخالف وزير منظور وساڻ وٽ الڳ الڳ وقتن ۾ ايڪتا لاءِ پهتا. وساڻ همٿ ڪري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر ٻاهران ڪراچي پوليس جون ٽي موبائلون ۽ هڪ اسڪواڊ جي گاڏي هٽرائي ڇڏي. پر ذريعا چون ٿا ته کيس اهڙي عمل سبب “دٻ پٽي وئي”. ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ ذوالفقار مرزا جي گهر ٻاهران رات دير سان سيڪيورٽي جون پنج نيون گاڏيون لڳرايون ويون. هي اُهو ئي ڏينهن هُو جڏهن وزير اعليٰ هائوس ۾ ذوالفقار مرزا بابت اهم فيصلا ٿيا ته سندس ويجهن پيپلز پارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم ڪمال چانگ ۽ جيلن جي وزير صادق ميمڻ کان وزارت کسي وئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽريءَ کي سڏرائي صادق ميمڻ کان جيلن واري وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان ئي ڏينهن ذوالفقار مرزا جي ٻين دوستن جا ستارا به گردش ۾ اچي ويا. خاص ڪري اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ۽ مڪيش چاولا جا نالا ته زور زور سان گهمڻ لڳا. شرجيل ميمڻ اطلاعات کاتي جو وزير ۽ سنڌ سرڪار جو ترجمان آهي. شرجيل ميمڻ سنڌ جي سياست ۾ نئين انٽري هُئي. ٿرپارڪر مان چونڊجي آيل شرجيل ميمڻ تي پهريون ليبل مخدوم خاندان جو هُئو جنهن کيس اقتداري سياست سان واقفيت ڪرائي. پر سنڌ ڪابينا کان اڳ ئي شرجيل ميمڻ پيپلز پارٽيءَ اندر ذوالفقار مرزا گروپ جو اهم ايم پي اي رهيو. بلاول هائوس ڀرسان سنڌ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ميڊيا سيل قائم ڪرڻ کانپوءِ هُو نروار ٿي اڳيان آيو. کيس وزارت اهڙي وقت ۾ ملي جڏهن ذوالفقار مرزا کان گهر وزارت واپس ورتي پئي وئي يا کيس ملڪ مان ٻاهر موڪليو پئي ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي فرمائش تي شرجيل ميمڻ کي اطلاعات جي وزارت ڏني وئي ۽ شرجيل جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان گهرو ناتو، ياري ۽ ساٿ برقرار آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي اعلان مطابق ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين خلاف ثبوت کڻي لنڊن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته ککر ۾ نئون کڙو لڳو. ذوالفقار مرزا جنهن رات لنڊن وڃڻو هُئو ان صبح هُو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي باندي سربراهه آفاق احمد سان عدالت ۾ ملاقات ڪئي. رات جو ذوالفقار مرزا جي ايئرپورٽ پهچڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ شرجيل ميمڻ ۽ ايم پي اي امداد پتافي ڳجهي وي آءِ پي رستي ذريعي سوٽ ڪيسن سان گڏ ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ پهچي چُڪا هُئا.

ذريعن موجب انهن سوٽ ڪيسن ۾ هڪ سوٽ ڪيس اُهو به هُئو جن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا اهم ڪاغذ هئا. هي ڪاغذا- وڊيو رڪارڊنگ، سي ڊيز، تصويرون، ۽ اخبارن جي ڪٽنگ جا فائل. سڀ جو سڀ ايم ڪيو ايم جي دهشت گرد ڪارواين بابت گهڻو ڪري سرڪاري رڪارڊ تي ٻڌل آهن. يعني سرڪاري رڪارڊ هڪ سرڪاري وزير کڻي وڃي رهيو هُئو. ان ڪري ان تي اعتراض جي ڪا به گنجائش نه هُئي. ڇو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا “پاور فل” هجڻ باوجود سرڪاري حيثيت کان خالي آهي. هڪ خانگي ماڻهوءَ تي ڪٿي اِهو اعتراض ٿي پئي سگهيو ته هُو سرڪاري رڪارڊ ڪاڏي کڻي پيو وڃي. امارات ايئر لائن ذريعي ذوالفقار مرزا شرجيل ميمڻ ۽ امداد پتافي سان گڏ پهتو ته لنڊن جي “هيٿرو ايئرپورٽ” تي فرينڊز آف لياري جي اڳواڻن حبيب جان بلوچ جي قيادت ۾ سندن استقبال ڪيو. پر هتي ڪئمرا جي اک شرجيل ميمڻ کي ڳولي ورتو. سفيد شلوار قميص ۾ شرجيل ميمڻ ڪئمرا کان لڪي نه سگهيو. جتان ايم ڪيو ايم جو سرڪار سان نئون اختلاف شروع ٿيو. هي اختلاف ڪمشنري نظام تي اڳي ئي هلي رهيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ته شروع ٿي چُڪو آهي پر اجلاس ۾ به شايد ڪمشنري نظام جو متبادل ملي نه سگهي. سنڌ اسيمبليءَ جي هلندڙ سيشن دوران هلندڙ سال جا 100 ڏهاڙا اسيمبليءَ کي پورا ڪرڻا آهن. يعني اجلاس ڊگهو هلي سگهي ٿو. يا ٻه چار ڏهاڙا ملتوي ڪري ڊسمبر  ۾ٻيهر اجلاس سڏرائي سگجهي ٿو. پر هاڻي ايم ڪيو ايم جا ٻه اعتراض ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جيڪا ڪمشنري نظام جي بحالي وقت ڦڏو نه ڪري سگهي. هاڻي شرجيل ميمڻ جي لنڊن روانگي تي سندس احتجاج وزنائتو بڻجي ويو. ڇو ته ذوالفقار مرزا بهرحال جيئن ئي لنڊن پهتو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين کي وضاحتي بيان جاري ڪر ڻو پيو. ذريعا چون ٿا ته ذوالفقار مرزا جي لنڊن پهچڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم زبردست دٻاءَ جو شڪار آهي. حڪومت ڇڏڻ ۽ حڪومت ۾ ويهڻ ٻئي ڪم کيس مشڪل لڳي رهيا آهن. سندس احتجاج جي موٽ ۾ شرجيل کي وزارت جي قرباني ڏيڻي پوندي پر هي راند ختم نه ٿيندي. ذوالفقار مرزا ڪنهن وڏي راند جو اهم ڪردار آهي. هُو بهرحال ضرور شاهه محمود قريشي ناهي، پيپلز پارٽي ۾ ئي رهندو. پر هي سوال سنڌ ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي ته ڇا سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ٽٽي رهي آهي. يا سنڌ سرڪار ۾ حاڪمن جي تبديليءَ سان وري ڪي نوان راز سامهون ايندا. ذوالفقار مرزا جي ٽن وزيرن خلاف مهم کانپوءِ سنڌ ۾ وڏوزارت لاءِ هاڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي جو نالو ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. پهرين نمبر تي اڃا به “اديءَ” (فريال ٽالپر) جو نالو ئي آهي. ذوالفقار مرزا جي گروپ جا ٽي چار وزير فارغ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ وزارت ۾ پيپيلز پارٽيءَ جا ڪي نوان چهرا به سامهون اچي سگهن ٿا. پر ملڪي سياست ۾ سڄي راند تبديل ٿيڻ ڏانهن پئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ هڪ نئين سياسي فورس تيار ڪري رهي آهي. جنهن جي اڳواڻي ته عمران خان ڪندو پر اُن جو اهم مُهرو اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ غوث بهاول الدين ذڪريا جو گادي نشين مخدوم شاهه محمود قريشي هوندو. جنهن سان گهوٽڪي جي مهرن کان وٺي ٿرپارڪر جي نهڙين تائين اهم سياسي خاندان گڏ هوندا. نئين راند ۾ ذوالفقار مرزا هڪ دفعو وري پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ بچائڻ لاءِ نڪرندو۽ ان نئين فورس سان به مقابلو ڪندو پر مارچ تائين راند صدر زرداري جي هٿ ۾ رهڻ جي صورت ۾.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو