Home / افيئر / مصر: انقلاب آمريت جي وات ۾
above article banner

مصر: انقلاب آمريت جي وات ۾

ڪرنل معمر قذافي جي مارجي وڃڻ ۽ سندس دور جي پڄاڻي کانپوءِ لبيا نون واڳ ڌڻين هٿ ۾ آهي. جيتوڻيڪ قذافي سان غير انساني سلوڪ ڪندي کيس گرفتاريءَ کانپوءِ گولين سان پروڻ ڪيو ويو، ليڪن سندس جانشين پٽ سيف الاسلام ۽ ڪجهه ساٿاري باغين جي هٿ چڙهڻ کان بچي ويا هئا ۽ پوءِ انهن لبيا ۾ ئي ڪنهن ڳجهي هنڌ وڃي پناهه ورتي هئي. نيٺ ويجهڙ ۾ قذافي جي پٽ سيف الاسلام کي ڪجهه ساٿين سميت لبيا جي زنٽان واري علائقي جي اوڀاري شهر مان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيوويو. هن جي گرفتاري تي سڄي لبيا ۾ جشن ملهايا ويا ۽ حڪمران ڌ رين ٽي سي کي اطمينان ٿيو ته قذافي جي باقيات جو خاتمو اچي ويو. ليڪن اهو نه وسارڻ کپي ته قذافي جي دور جي پڄاڻي کانپوءِ هاڻي، اين ٽي سي اندر اقتدار جي سلسلي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ جا امڪان آهن. ڇاڪاڻ جو اتي مختلف نظريا رکندڙ ماڻهوگڏ آهن ۽ اهي هڪٻئي جا پير ڪڍي سگهن ٿا. جڏهن ته مذهبي ڌريون ان جي ابتڙ انقلاب بدران شريعت لاڳو ڪرڻ تي وڌيڪ زرو ڀرينديون. ايئن پوءِ طرابلس هڪ ڀيرو ٻيهر جنگاڻ جو ميدان بڻجي سگهي ٿو، ۽ پوءِ لبيا اندر جمع ٿيل هٿيارن جو انبار استعمال ٿيندو ۽ فيصلو ٿيندو ته لبيا ڪهڙو دڳ وٺي ٿو.

ٻئي پاسي مصر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تحرير اسڪوائر وٽ ساڳي فوج ۽ پوليس عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته مبارڪ جي باقيات فوج ۽ حڪمرانن کي فارغ ڪري حڪو مت سول انتظاميا حوالي ڪئي وڃي. ليڪن فوج جي نيت خراب آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن اسلامي برادر سان ويجها لاڳاپا رکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ کين ايندڙ چونڊن ۾ وڌيڪ حصو ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته تحرير اسڪوائر ۽ محمود اسٽريٽ وٽ  گڏ ٿيندڙ نوجوان انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سماجي علمن سان لاڳاپيل پروفيشنل آهن. اهي ساڃاهه وند نوجوان انقلاب کي هڪ ٻي آمريت کان بچائڻ چاهين ٿا. انهي پنڌ ۾ هيل تائين 40 کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا آهن ۽ 1780 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ملڪ جي اعليٰ فوجي قيادت عوامي ڪروڌ کي ڏسندي اعلان ڪيو آهي ته هو جولاءِ 2012ع ۾ صدارتي چونڊون ڪرائي اقتدار چونديل صدر حوالي ڪندا ۽ پارليامينٽ جون چونڊون 28 نومبر تي ڪرايون وينديون. ليڪن مصر جي عوام اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ناهي. عوام جو فوج تان ايترو ته اعتماد کڄي چڪو آهي جو اهي فوج کي ڪوڙو قرار ڏيندي ان کان اقتدار فوري ڇڏي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف وري تحرير اسڪوائر تي گڏ ٿيندڙ انهن پروفيشل نوجوانن جو جوش ۽ جذبو آهي، جيڪي سڀ ٻيڙيون ساڙي واضح طور تي حڪمرانن کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوج اقتدار کان ترت الڳ نه ٿي ته اهي زندگين جو نذرانو پيش ڪندا، ڇو ته کين ذلت جي زندگي کان عزت جو موت ڀلو ٿو لڳي.


مصر ۾ انقلاب کانپوءِ مڙهجي ويل هڪ ٻي آمريت خلاف عوامي ڪروڌ کي ڏسندي آمريڪا ۽ يورپي يونين پڻ جرنيلن کي اقتدار جلد سولين کي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ياد رهي ته مصر ۾ فوج 1956ع کان وٺي اقتدار تي قابض آهي. پهريون حڪمران جنرل نغيب هو، ان کانپوءِ جمال عبدالناصر ۽ 1970ع ۾ ايئرفورس جي اڳواڻ سربراهه حسني مبارڪ اقتدار سنڀاليو، جيڪو ورهين تائين عوام مٿان قابض رهيو ۽ هاڻي حسني مبارڪ جي زوال کانپوءِ وري هڪ ٻيو فيلڊ مارشل محمّد حسين تنتوي اقتدار تي براجمان آهي. هاڻوڪي فوجي حڪمران جي به ماضيءَ جي آمرن وانگر نيت ۾ فتور آهي. ان ڪارڻ ئي هو اقتدار عوامي نمائندن حوالي ڪرڻ بدران پنهنجي آمريت کي طول ڏيڻ چاهي ٿو. اهو به نه وسارڻ کپي ته مصر جي معيشت ۾ 40 سيڪڙو فوج جو آهي. ملڪ جي بجيٽ جو 25 سيڪڙو فوج تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته آمريڪا مصر کي ساليانو ڏيڍ ارب ڊالر فوجي امداد پڻ ڏئي ٿو جيڪا امداد اسرائيل کان ٻئي نمبر تي آهي. ملڪ جو ڪو به اهڙو ادارو ناهي جيڪو فوجي جي اثر کان خالي هجي، ڇو ته هر اداري ۾ فوج رٽائرڊ عملدارن جي صورت ۾ موجود آهي.

هي پهريون ڀيرو آهي جو عوام ۽ فوج هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن ۽ عوام اهو سڌي ريت مطالبو ڪري رهيو آهي ته هاڻي گهڻو ٿيو، اقتدار عوامي نمائندن کي منتقل ڪريو يا اسان کي ماري ڇڏيو. تاريخ جي هن وڏي وهڪري ۾ مصر اندر سلفي اسلام ڦهلائڻ لاءِ 178 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن. اهي ڏوڪڙ تيل پئدا ڪندڙ پاڙيسري عرب ملڪن خرچ ڪيا آهن. حقيقت اها به آهي ته مصري فوج اندر سلفي گهڙي آيا آهن، باوجود ان جي مصري عوام فوج سان ٻه هٿ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. فوج کي عوامي موڊ ۽ ڪرنل قذافي جي ٿيل حشر کي ڏسندي پوئتي هٽڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ فوج ۾ بغاوت اڻٽر ٿي ويندي. اهو ان ڪري جو مصري عوام مان موت جو ڊپ نڪري چڪو آهي، ان ڪري ان سان مهاڏو اٽڪائڻ فوج جي وس جي ڳالهه ناهي.

عرب بهار دراصل عوامي سگهه جو ڪرشمو آهي. اها عوامي سگهه ئي هئي جنهن يمن جي صدر صالح کي نيٺ 33 ساله اقتدار هڪ معاهدي تحت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. سعودي عرب جهڙي ملڪ ۾ به ڪجهه ڏهاڙا اڳ وڳوڙ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ اتي مشاورت جي ڳالهه هلي رهي آهي، حالانڪه سعودي عرب جي بادشاهت ۾ ڪڏهن به مشاورت جو نالو نشان ئي نه رهيو آهي، لڳي ايئن ٿو ته عرب دنيا ۾ تبديلي ۽ انقلاب جي گهليل هوا جو رخ هاڻي سعودي عرب ڏانهن آهي ۽ اهو عين ممڪن آهي ته ورهين کان ملڪ کي ابي ڏاڏي جي ذاتي ملڪيت سمجهي هلائيندڙ عرب شيخن جو عوام گهيرو تنگ ڪري. بحرين جي صورتحال به اسان جي سامهون آهي. شام جو صدر بشارالاسد به بلڪل اڪيلو ٿي چڪو آهي، آمريڪا، يورپي يونين، گڏيل قومون ۽ عرب ليگ گڏ آهن. عوام اڳيان فوج به لاچار ٿي چڪي آهي.

مطلب اهو ته بندوق ۽ طاقت جي زور تي عوام جي خواهشن تي ڪنٽرول رکڻ عرب دنيا ۾ هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. صورتحال ماضي جي سگهارن حاڪمن جي هٿن مان نڪري چڪي آهي، هاڻي اتي اهو ئي ٿيندو جيڪو عوام چاهيندو. ان ڪري مصر جي فوج کي به عوامي خواهشن جو احترام  ڪندي اقتدار کان الڳ ٿي وڃڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ان جو عبرتناڪ انجام هاڻي گهڻو پري نه آهي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو