Home / افيئر / موهن جو دڙو ۽ انڌا اونڌا ويڄ
above article banner

موهن جو دڙو ۽ انڌا اونڌا ويڄ

حضرت عيسيٰ عه جي ڄمڻ کان پنجويهه سو ورهيه اڳ ۽ جبرائيل جي نبي سڳوري حضرت محمدصه ڏانهن اچڻ ۽ کيس اهو چوڻ ته ان خدا جو ذڪر ڪر جنهن هي جهان خلقيو آهي، تڏهن کان سنڌو دريا جي ساڄي ڪناري سادا پر غير معمولي ماڻهو رهندا هئا، جيڪي وحشي ۽ غير مهذب نه پر ڄاتي سڃاتي ويندڙ سنڌو تهذيب جي شهرن جا جديد سماجي تاڃي پيٽو رکندڙ لوڪ هئا- جنهن جو مظهر 4 ميل ڊيگهه ۽ 100 هيڪٽر ويڪر رکندڙ موهن جو دڙو آهي. اهو ماڳ 20 هين صدي ۾ مشهور آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل کوٽائي دوران ڳولي لڌو هو، جيڪو کيس بهتر حالت ۾ محفوظ مليو هو. اتان لڌل نوادرات معزز اختياري جي نگراني ۾ هڪ جديد شهري رٿابندي، بهتر نڪاسي جي نظام ۽ ترقي پسند سوسائٽي جو ڏس ڏين ٿا. سر جان مارشل اهو محسوس ڪيو ته ان جي کوٽائي ڪرڻ سان اهو ماڳ تاريخ کان اڳ واري دور جي ڪنهن ماڳ جو متبادل ثابت ٿي سگهي ٿو. ايئن سنڌو ماٿري جي شاندار تهذيب پڌري ٿي، موهن جي دڙي جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي ڪشادين گهٽين ۾ هلڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪيو ويو ته ان ۾ سنڌو تهذيب جي شروعاتي ۽ جوڙجڪ واري دور بابت گهڻو ڪجهه دفن آهي.

ڇا اها معلومات ۽ اها تحقيق بکايل ماڻهن جا پيٽ ڀري سگهن ٿيون، ڇا اهي کين ڪپڙي جا ٻه ٽڪر انگ ڍڪڻ لاءِ مهيا ڪري سگهن ٿيون؟ پڪ سان نه- تيستائين نه جيستائين ان کي معاشي مک ذريعي طور ڪتب نه آندو وڃي- ان جي اهميت کي يوٽلٽي ۽ فخر طور ڪم نه آندو وڃي. هتي مونکي ڊاڪٽر اي. ايڇ داني ياد پوي ٿو، جنهن هڪ ڀيري مونکي ٻڌايو هو ته- تاشقند جي دوري دوران مونکي ميزبانن ٻڌايو ته اهي مونکي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان وٺي ايندا. هن کي جبلن اندر وٺي ويا جتي هڪ قديم قبرستان ظاهر ٿيو ۽ اُتي انهن فاتحه پڙهي. واپسيءَ تي هن کانئس هڪ سوال ڪيو ته توهان مسلمان هجڻ باوجود غير مسلمن تي فاتحه ڪيئن پڙهي؟ سندن جواب فخر لائق ۽ ڌرتي ڌڻي وارو هيو. هُن کي ٻڌايو ويو ته اسان جا وڏڙا اسلام کان اڳ هتي هئا ۽ هاڻ اسان مسلمان آهيون، فاتحه اسان وٽ پنهنجي وڏڙن کي مڃتا ڏيڻ جو واحد ذريعو آهي. ڇا اسان اهڙو فخر لائق پهلو ۽ اتفاق پئدا ڪري سگهيا آهيون؟

هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل مشرف طرفان گهات هڻڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٽائڻ جي فيصلي کان اڳ، سپريم ڪورٽ هڪ آرڊر ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته آرڪيالاجي سان لاڳاپيل ۽ تاريخي ماڳ قبضي هيٺ آهن، قبضا ختم ڪرائي انهن جي سار سنڀال ۽ بحاليءَ کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سندن چيف سيڪريٽرين معرفت ان تي عمل ڪرائڻو هو. ان وچ ۾ اهي قسم ناما داخل ڪرايا ويا ته ان سلسلي ۾ ضروري قدم کنيا ويا، رڳو ڪاڳرن جو پيٽ ڀريو ويو باقي سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ ڪنهن هڪ به تاريخي ماڳ تي ڪي عملي قدم نه کنيا ويا. اهڙن ئي ڪجهه ٻين فيصلن وانگر اهي آرڊر به دفن ٿي ويا. پاڪستان جي ڪامورا شاهي جون مهربانيون جيڪا هميشھ هن نظام اندر انساني قدر بهتر ٿيڻ واري عمل جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيندي آهي. ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري بلڪه موهن جو دڙو ماڳ صوبائي حڪومت حوالي ٿيڻ ۽ 18 هين ترميم تحت اختيارن جي منتقلي کان اڳ اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۾ ويٺل هڪ “وڏي بابو” نينشل هاءِ وي اَٿارٽي پاران تجويز ڪيل هڪ روڊ هن عالمي ورثي جي علائقي مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

گذريل ڪيترن سالن خاص طور تي چئن ڏهاڪن کان وزارت ثقافت، آرڪيالاجي کاتي جنهن ڪٺور پڻي جو مظاهرو ڪيو يا يونيسڪو (UNESCO) جيڪا موهن جو دڙو کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي ۽ ان جي نام نهاد عالمي ماهرن هن تاريخي ماڳ تي لڳاتار تجربا ڪيا ۽ وڌيڪ آثار ڳولڻ ۾ ناڪام رهيا، نتيجي ۾ 20 هين صديءَ ۾ جيڪا 10 سيڪڙو دڙي جي کوٽائي ٿي هئي ۽ جنهن صورت ۾ 1970ع ۾ هي ماڳ يونيسڪو حوالي ٿيو هو، ان جي وڌيڪ ٻيڙي ٻوڙي وئي، هر طرح سان هن تاريخي ماڳ کي نقصان پهتو. آءُ اهو مڃان ٿو ته يونيسڪو جهڙي اداري جون 1972ع جي چارٽر تحت مختلف هنڌن تي تاريخي ماڳن لاءِ وڏيون خدمتون  سرانجام ڏنل آهن. هن عالمي تاريخي ماڳ بچائڻ واري اداري لاءِ لازمي آهي ته اهو هر ميمبر ملڪ ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنل ماڳن کي محفوظ بڻائڻ ۽ انهن جي فني، مالي ۽ ٻين پروگرامن ذريعي مدد ڪري. اهڙي ريت اٿارٽيز جوڙي، فنڊ ۽ ماسٽر پلان ٺاهي ماهرن حوالي ڪيا ويندا آهن، ۽ سندن سفارش ڪيل پئنل ميزبان ملڪ کي موڪليو ويندو آهي ته انهن مان چونڊ ڪري منصوبي تي عمل ڪرايو وڃي، ليڪن پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ اهڙيون نامزدگيون سفارش تحت ٿينديون آهن. منصوبو سنڀاليندڙ اٿارٽي ماهرن معرفت ان تي عمل ڪرائنيدي آهي، جنهن جي هتي وضاحت جي ضرورت ناهي.

مان يونيسڪو جي مهارت ۽ مدد جو احترام ڪريان ٿو. ليڪن موهن جو دڙو جي معاملي ۾ ان جي ڪارڪردگي ڳڻپ جوڳي نٿي چئي سگهجي بلڪه آءُ ته ايئن چوندس هن عالمي آثار قديمه واري ماڳ سان يونيسڪو اها جُٺ ڪئي آهي جيڪا ڊاڪٽر ڪونريڊ مُري، مائيڪل جيڪسن سان ڪئي، يعني سڌي ريت اُبتا تجربا ڪيا ويا جيڪي ان ماڳ کي مارڻ برابر آهن.

1973ع ۾ عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ اهم قدم کنيا ۽ ان سلسلي ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي. جسٽس فيروز ناناکي موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ جوڙيل اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ اتفاقي طور مونکي سندس طرفان 1975ع ۾ بون جرمني ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ ثقافتي گروپ جي اڳواڻي لاءِ چونڊيو ويو.

موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ اها اٿارٽي يونيسڪو جي خاطر خواهه مدد سان جوڙي وئي ۽ ان شروعاتي طور سائيٽ کي پهچندڙ نقصان کان ان کي بچائڻ، فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ هن تاريخي ماڳ جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ رٿابندي ڪئي. دنيا کي اميد هئي ته هڪ عالمي اداري طرفان مدد، سرجان مارشل، مئڪي ۽ سر مورٽيمور وهيلر جي خدمتن جي روشنيءَ ۾ سرن کي پهچندڙ نقصان، پاڻي جي سطح ۽ وڌندڙ سم ڪلر کي گهٽائي، پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ سم کي 24 فوٽ هيٺين سطح تائين پهچائي وڌيڪ کوٽائي ۾ سهولتون ميسر ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا بلڪه آءُ ته ايئن چوندس ته تجربا ڪيا ويا، جنهن سان هن تاريخي ماڳ کي ماڳهين ناقابل تلافي نقصان پهتو.

جڏهن ته تجربا ان صورت ۾ ڪيا ويندا آهن جڏهن اهي محفوظ، اثرائتا ۽ نتيجا ڏيندڙ هجن،  باوجود ان جي سڌي ريت تجربا ڪيا ويا، جيڪي نه ٿيڻ کپندا هئا ۽ هاڻ گهٽ ۾ گهٽ اهڙن ابتن تجربن جو ورجاءُ نه ٿيڻ کپي.

هن وقت هن تاريخي ماڳ کي جيڪي مک مسئلا درپيش آهن، انهن ۾ (1) سم ۽ ڪلر (2) ٿرمل ۽ سم تي ڪنٽرول (3) نڪاسي شامل آهن.

سم ۽ ڪلر بابت سڀ کان پهرين سر جان مارشل 20 هين صديءَ ۾ اها ڳالهه رڪارڊ تي آندي هئي، ان لاءِ تجويز ڪيو ويو ته ليپو ڪرڻ سان ماڳ کي مينهن ۽ سم ڪلر کان تحفظ ملي سگهندو پر سم ۽ ڪلر نه رڪجي سگهيا. اهو عمل يونيسڪو جي ماهرن 1976ع ۾ معطل ڪري ڇڏيو.انهن جو موقف هو ته راڳو (ليپو) ڪرڻ سبب سر جو ڳاڙهو رنگ سخت متاثر ٿيو آهي. اهو سادو پر ڪارائتو عمل رڪجڻ سبب مٿاڇري تي موجود سرن، ڀتين کي وڌيڪ نقصان پهتو، پر يونيسڪو کان هيل تائين ڪنهن به ان سلسلي ۾ سوال ناهي ڪيو.

گرمي پد جي مسئلي سبب اوڀر- اولهه وارين ڀتين جو 50 سيڪڙو ۽ ظاهر ٿيل اسٽرڪچر جو اتريون پاسو لڳ ڀڳ ڊهي چڪو آهي، ان جي چڪاس آرڪيالاجي انجنيئر موهن لال هڪ خاص جوڙيل اوزار Steel shore سان ڪئي، جنهن ۾ اهي حقيقتون سامهون آيون. مونکي ياد ٿو پوي ته مختصر عرصي لاءِ جڏهن هي سائيٽ سنڌ جي گورنر جي نگراني ۾ ڏني وئي هئي تڏهن اسان هتي آيا هئاسين. ڊاڪٽر نيلوفر شيخ به اسان سان گڏ هئي، جنهن ۾ ان چڪاس واري عمل کي سڀني ساراهيو هو. موهن جو دڙو ۾ ماهرن طرفان مٿين سطح جي پاڻي وسيلي زير زمين  پاڻي جي واڌ کي چيڪ ڪيو پئي ويو. 1972ع ۾ هڪ ماسٽر پلان تحت ٽن مرحلن ۾ 56 ٽيوب ويل هڻي سم جي سطح 65 فوٽ رکڻ جي تجويز سامهون آئي. يونيسڪو 27 ٽيوب ويل هڻڻ جي تجويز ڏني، جنهن ۾ پاڻي جي گهرائي جي سطح 32 فوٽ کان به گهٽ هجڻ جو چيو ويو. سڄي عرصي دوران ۽ موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ جوڙيل اٿارٽي جي سيپٽمبر 1997ع ۾ ختم ٿيڻ تائين ۽ ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين گرائونڊ واٽر جي سطح 32 فوٽ ٿي چڪي آهي، جنهن ڪارڻ سم ۽ ڪلر ۾ به خطرناڪ حد تائين واڌارو آيو آهي. جڏهن ته ٽيوب ويل اسڪيم جي ڪري سائيٽ جي مٺي پاڻي کي ڌڪ رسايو، جڏهن ته نڪاسي جو پاڻي اٿلڻ سبب ماڳ جي ڀرپاسي وارين زمينن تي اچڻ ڪري انهن کي نقصان پهتو. تصور ڪريو ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن دنيا کي سڀ کان پهرين سيوريج ۽ ڊرينيج نظام ڏنو، اها جديد دور ۾ پاڻي جي اٿل ۽ ٻين سببن جي ڪري زوال پذير آهي. مونکي اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي ٽيوب ويل سم جو پاڻي چوسڻ واري سطح کان اونها هنيا ويا هئا. مرحوم ايم. ايڇ پنهور ان راءِ جو هو ته ٽيوب ويل مقرر وقت تي نه هلڻ ۽ مختلف وقتن تي هلائڻ سبب زير زمين پاڻي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلندو رهندو. هن چواڻي زير زمين ان پاڻي جي اها تيز چرپر قديم آثارن لاءِ سخت نقصان ڪار آهي. سم واري پاڻي تي ڪنٽرول ۾ ناڪامي بابت آرڪيالاجي کاتي کي نه ٻڌايو ويو ۽ جڏهن ان جو انڪشاف ٿيو ته تڏهوڪي صلاحڪار ڊاڪٽر داني هڪ گڏجاڻي گهرائي ليڪن موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ جڙيل اٿارٽي ۽ يونيسڪو جي نمائندي مسٽر شمس نه ته گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي نه وري ان جي ڪا وضاحت ڪئي.

زير زمين پاڻي جي چڪاس جو محفوظ طريقو اختيار ڪرڻ تي ماهرن طرفان ڪافي بحث ڪيو ويو ۽ ان تي هر ڪنهن جا الڳ رايا هئا. آرڪيالاجي کاتي جي طرفان DPC وارو شروع ڪرايل ڪم ڊاڪٽر فرينڪ پرسينسر جي هدايتن تي روڪيو ويو، جنهن اهڙي قسم جو پروپوزل ICC جي اپريل 1989ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل 12 هين اجلاس ۾ پيش ڪيو هو. اهڙي ريت آرڪيالاجي کاتي طرفان ان جي اسٽڊي ڪرائي وئي ليڪن مشاهدي مان اهو ثابت ٿيو ته ڊاڪٽر پرسينسر جي پاڻي جي چڪاس بابت دعويٰ جڏي ۽ غلط هئي، ايئن آثار ساڳي ريت خطري ۾ رهيا. ڊي پي سي جيڪا ظاهر ظهور آثارن کي محفوظ ڪرڻ جو ڪامياب طريقو هو، اها موهن جو دڙو اٿارٽي طرفان يونيسڪو جي ماهر جي سفارش تي بند ڪئي وئي هئي، ان جو ڪم اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ ٻيهر ٿيڻ ممڪن نه هو. عجب جي ڳالهه اها آهي ته موهن جو دڙو انٽرنيشنل سيف گارڊنگ مهم جيڪا 15 سيپٽمبر 1997ع تي ان جي آخري سيشن ۾ بند ڪئي وئي هئي ان جي اجازت وري ‎ٺيڪ اٺن  سالن کانپوءِ ڏني وئي، جنهن ۾ آثارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مٽي جو ليپو ڪرڻ شامل هو، پر تڏهن هر شيءِ هٿن مان نڪري چڪي هئي.

اسان وٽ سنڌ ۾ ثقافت کي هڪ اهڙو ٻار بڻايو ويو آهي، جنهن جون ٻه مائرون آهن، هاڻي اهو باب بند ٿيڻ گهرجي. تاريخي ماڳ ثقافت کاتي حوالي ته ڪيا ويا آهن پر ان جي سار سنڀال ۽ بحالي محڪمه آثار قديمه حوالي آهي. ڇا ته پاڳلپڻو آهي، منهنجي خيال ۾ محڪمه آثار قديمه ثقافت کاتي جو حصو آهي. ان تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام جي مفاد ۾ ان کاتي کي ثقافت کي ۾ ضم ڪيو وڃي. جيڪڏهن ثقافت کاتي کي ان جو صحيح مقام نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ اهو ڪٿي به اثرائتي نموني پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهندو.

موهن جو دڙو هن وقت جڏهن ثقافت کاتي حوالي ڪيو ويو آهي، تڏهن انتهائي خراب حالت ۾ آهي، ان کان به خراب حالت ۾ جنهن حالت ۾ 1979ع ۾ موهن جو دڙو اٿارٽي وٽ هو. ثقافت کاتي کي هنگامي طور پرڏيهي ناڻي واري فنڊ جو به مسئلو کڻڻ کپي ڇو ته اهو فنڊ ڪجهه سال اڳ يونيسڪو طرفان موهن جو دڙو لاءِ جڙيل قومي فنڊ مان کنيو ويو جيڪا ICC جي قرارداد جي به ڀڃڪڙي آهي. ڇا انهن کي اهي پئسا کڻڻ جو اختيار هو؟ ڇا وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت کي ان سلسلي ۾ اطلاع ڪيو؟

منهنجي تجويز آهي ته سنڌ ۾ موجود عالمي معيار جي تاريخي ثقافتي فني ماڳن کي بچائڻ لاءِ هڪ صوبائي اختياري يا بورڊ جوڙيو ويو وڃي، جنهن کي مڪمل اختيار به هجن. ان ۾ مقامي ماهر، ڄاڻو، وچ ايشيا، چين ۽ يونيسڪو جا ماهر کنيا وڃن، جيڪي ماسٽر پلان ٺاهي ماڳن کي بچائڻ جي ڪا حڪمت عملي مرتب ڪن.

يونيسڪو کي به گذارش آهي ته اها نوجوان آرڪيالاجسٽن کي ڪنزرويشن ۽ گرائونڊ واٽر ڪنٽرول جي تربيت ڏئي، باقي رڳو حڪم نه مڙهيا وڃن جيئن ماضيءَ ۾ ڪيو ويو. سڀ وسيلا گڏائي ماڳ کي پنجن سالن ۾ محفوظ بڻائڻ طرف رخ ڪيو وڃي. صوبائي اختياري کي اهو اختيار هجي ته اها يونيسڪو سان  سمورن معاملن بابت ڳالهائي سگهي. اسان کي يونيسڪو يا ڪنهن ٻئي عالمي اداري کان فائدو وٺڻ کپي پر ڊرائيونگ سيٽ تي اسان کي هجڻ گهرجي. يونيسڪو جي معاهدي ۾ هڪ عجيب شق آهي، جنهن موجب هڪ ڀيرو جڙيل فنڊ، ڀلي اهو توهان جي رقمن مان ٿيو هجي، ان جي ورهاست سندن هٿ وس هوندي. اهو ڀلا ڪنهن ميزبان ملڪ کي ڪيئن سونهندو ته هو ڏوڪڙ ڏئي پنهنجو پاڻ کي نڪ ۾ ناڪيلي وجهرائي؟

(مختصر ڪيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو