Home / افيئر / موگهن جي تاريخ جو ناياب ورق
above article banner

موگهن جي تاريخ جو ناياب ورق

هَوريان هَوريان سمجهه  ۾ اچي رهيو آهي. سائڪاٽرسٽ دوست منهنجو مسئلو سمجهڻ کان لاچار آهي. ڏيهاڙي لَپَ گورين جي ڦَڪَائي پاڻ سڪون سان گهر روانو ٿيو وڃي. زال سان ڀوڳ ڪندو ۽ ٻارن سان کيڏي سُمهي رهندو هوندو. ويچار هوندس ته آءُ پڻ سندس نسخو واپرائي ايئن ئي نارملٽي جي هِندوري جا لوڏا لُڏي رهيو هوندس. بي حس ڊاڪٽر! لِٿيم، سِيرينيس ۽ سپرام جا کوکا کپائي ماڻهپي جي سَيوا جي هَامَ هڻندڙ. هُنَ جو مُهانڊو نهاري ٻڌائي سگهجي ٿو ته حياتيءَ ۾ ڪُل ساڍا ٽي ڪتاب پڙهيا اٿائين. اُٺَ شاسترن جا سَيني لاٿل مُون ڪاڻ لفظ مريض ڪتب آڻي ٿو. ننڍي هوندي جي سنگتيءَ لاءِ هر ڀَيري پٽيوالي کي چوندو- فائيل اُڻاسي، پيشنٽ علي نواز سومرو اندر اچي.

اوهان مٿان هڪ ڀيرو نفسياتي هجڻ جي تُهمت لڳي- سمجهيو ته هَڙَ وئي. جڳ وارا توهان جو جيئڻ جنجال ڪرڻ جي مُهم تي نڪري پوندا.  ديوارن منجهه سُرٻاٽ پيا سُڻبا. پکي پُکڻ اوهان کان وَوءن پيا ويندا. ڄاڻي ويس ته مون سان ڪا ڏاڍي ٿيندي جڏهن گِهٽيءَ جي گُلرَ ڪَنَ هڻڻ شروع ڪيا. آءُ وڙهيو ڪڏهن به ناهيان. سا رات ضرور ياد اٿم. ديس جي آجپي تي ٿِيسز لکي رهيو هئس. پُراڻو سياسي ڪارڪن  آهيان. چاليهه ورهيه سَنَ جا پنڌ ڪيم. ويساهه گهاتين جي تاريخ بابت باب تحرير هيٺ هئو. آڌيءَ کانپوءِ ڪاغذ ۽ قلم اُڇلائي ڇڏيم. لفظن کي ڪَورَي پَنَي لاهڻ عجيب لڳم. يا شايد ان ريت نه هئو. لِکندي لِکندي ڳالهائڻ شروع ٿيس. ايوب کهڙو، علي محمد راشدي، علي احمد ٽالپر….. سامهون اِيڏر ٿي گهمڻ لڳا. گُفتا وات مان وَهڪرو. آءُ هَوَا سان مخاطب. سامت ۾ آيس ته ٻُڌايائون. چون ٿا ته هفتو پورو چُپ نه ڪيم. ڊائزيپام، ڊارميڪم ۽ سيرينيس جون سُيون لڳنديون رهيون. بعد ۾ چوڏهن ڏينهن ۽ راتيون گَهري ننڊ هئس. ويساهه گهاتين جي تاريخ جو فصل پورو ٿيو الائي نه. آءُ پَرَ پوءِ، سائڪائٽريسٽ جو ڳيجهو بڻجي ويس. ٻه سال ٿيا آهن جو لِٿيم جي خوراڪ تي آهيان.

ٻين جي نسبت سوچڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺندو آهيان. مضمون تي مهينو کن ويچاري، لکڻ لاءِ تيار ٿيندس. اڃا ٽي صفحا تيار ٿيندا ته ٽيڪ آف جو مرحلو ايندو. اهوئي ڪارڻ آهي جو سڀ مون کي باءِ پَولر سڏين ٿا. بيزار نه ٿيو ته مثال ڏئي سمجهايانوَ. ٻارهن مهينا گذريا آهن جو ڪنڌ ڪپيل مَوگها مهمان اٿم. هر گهڙيءَ چوڌاري. هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندي. وري ڇهه مهينا لنگهيا آهن جو هڪ انوکو خيال ذهن ۾ آيم. مَوگهن جي تاريخ جو ناياب ورق- لکڻ خاطر مواد گڏ ڪرڻ لڳس. سڀ کان سُريلي ڳَاٽَي لَٿلَ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪيم. ٻُڌايومانس ته سندن هِسٽري وڏي پَٽاڙَ سان ڇپيل ملي ٿي. منهنجي دلچسپيءَ جو محور هنن جي سرگرميءَ جا اڇوتا پاسا هئا. اُهي پهلو جن متعلق ڄامشوري وارا تحقيق نه ڪري سگهيا. اڻلڀ مواد. وڏي جاکوڙ بعد آءُ پئراگراف تحرير ڪرڻ ويٺس. موگهن جي تاريخ لکندي لکندي ٽيڪ آف جو مرحلو آيو. ڪاڳر هڪڙي طرف اُڇلايم ته پَينَ ٻئي پاسي. تاريخ، ڳالهائڻ لڳس. چوندو رهيس، ٻڌائيندو رهيس. تان جو ڪنڌ سلامت موگها اچي پهتا. هَٿ پير قابو ڪري، سُيون هڻڻ شروع ڪيائون. پيڙا. اڻکٽ پيڙا. آءَ، علي نواز سومرو، فائيل نمبر اُڻاسي ۽ سائڪائٽرسٽ جا نسخا.

توهان کي ٻُڌايم پئي ته هُو مون کي باءِ پولر سڏين ٿا. چار چار ڏينهن سُتو پيو هجان ته وري چار چار ڏيهاڙا جاڳندو رهان. رات وڻندي اٿم. موگهن جي صحبت منجهه گذرندڙ وقت جو احساس ئي نه ٿئي. باکاٽي ٿيڻ شرط روشنيءَ جي مداخلت شروع. محفل تِتر بتر. شام تائين موگها منهنجي آسپاس پر ڏسي نه سگهجن. دَوائن جو هڪڙو،ٻيو ۽ ٽيون دور. گهڙيءَ گهڙيءَ دَريءَ کان ٻاهر آسمان ۾ اک ته ڪيڏي مَهل سانجهه ٿي لهي ۽ مَنڊلي ٿي مچي. تنهن رات ساڻن سائڪائٽرسٽ جي باري ۾ ڳالهه نڪتي. صبح جي سَمئه ننڍي هوندي جي هَاڙهي ڊاڪٽر سان اٽڪي آيو هئس. منهنجو ضد هئو ته آءُ فِرائڊ جي اُصول هيٺ واپس پنهنجي نوڪريءَ تي وڃڻ شروع ڪيان- امڪان ڳولهڻ کپن. نهايت سنجيدگيءَ سان سوچجي ته فقط ايئن ئي ممڪن ٿو لڳي. سائڪائٽرسٽ ڄاڻي ٿو ته آءُ سگمند فرائڊ جا ڪتاب پڙهيل آهيان. هُن جي ٿيوري کي چڱيءَ ريت سمجهان ٿو. ائنالائسز جي واٽ وٺڻ بدران مون کي رڳو لِٿيم جي خوراڪ ڇو ٿي ڏني پئي وڃي؟- کانئس سوال ڪيم. لِڪ ڇُپَ ۾ مائٽ جنهن روحاني علاج جي ڳالهه ڪن ٿا سو زُونگ جي مَتنَ موجب ڪجي ته حرج ڪهڙو آهي؟ مطلب ته منهنجي بهتريءَ لاءِ سائڪائٽري بجاءِ سائڪالوجي جي قائدن کان ڪم وٺجي. آهستي آهستي لِٿيم گهٽائبو وڃجي. آءُ سفر ڪرڻ جهڙو ٿيان. ٻاهر نڪران. زُونگ جي مشوري مطابق سوچڻ جي آزادي هجيم. اڪيلو ڇڏيو وڃان. ڀلي ڪنهن موضوع تي ٻه سال فڪر ڪندو رهان. ۽ پوءِ، دل چويم ته ان بابت لِکان يا ڳالهايان. منهنجي گفتگوءَ کي شڪي انداز ۾ نه ورتو وڃي. کنڀي سيرينيس ۽ ڊراميڪم جُون سُيون نه لڳايون وڃن. ٻُڌو وڃي ته آءُ ديس جي آئيندي متعلق ڇو پُراميد نه آهيان. ٽاڄيون ڏيندڙ سياسي اڳواڻن کان بڇان ڇاڪاڻ ٿي وٺيم.

موگهن جو شاندار ٽولو، چپ ڪيو مون کي ٻُڌندو رهيو. گهڻي چِڙَ ڊاڪٽر تي هئم جنهن جي حڪم تي بار بار مون کي زوريءَ ٻَڌي سيرينيس ۽ ڊراميڪم جون سُيون لڳايون وينديون رهيون آهن. لِٿيم کارائي دماغ مُڏو ڪري ڇڏيو اٿائين. روزانو ٽپهريءَ جو خيال ايندو اٿم ته هُو هاڻ اسپتال مان پنهنجي گهر اُسهيو هوندو. آرام سان ماني کاڌي هوندائين. زال سال ڀوڳ چرچا. ٻارن سان راند. بستري ۾ ليٽڻ مهل ويچاريو هوندائين ته آءُ سندس نسخو واپرائي نارمل ٿيڻ جي ويجهو اچي رهيو هوندس. هر سائڪائٽرسٽ ايئن ئي هوندو آهي. بي حِس! سگمنڊ فرائڊ جي الوپ ٿيڻ کانپوءِ هنن سندس اصولن کي ڍيٺائيءَ سان استعمال ڪيو. دوائن جو سهارو ورتو. سائڪلوجي ڇڏي سائڪائٽري جي سائنس ايجاد ڪيائون. انسانيت سان ڪلور ٿيا. پنهنجي پَر اطمينان ۾ هئا ته سوسائٽي جي وهنوار کي مون جهڙن رُخني بازن کان بچائي ورتائون. مان، جنهن سماج ۾ تبديلي ٿي چاهي. هر هڪ آتم جو ڇوٽڪارو ايجنڊا تي رکيو هئم. نئين سج اُڀارڻ خاطر حياتيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ آتو هيس. هاڻ، لِٿيم کائي گهيرٽ ۾ آهيان.

موگها، ماٺ ڪيو منهنجي ڪٿا سُڻندا رهيا. ان رات زُونگ جو ذڪر وڏي بَرَسان نڪتو. سائڪائٽرسٽ، منهنجي ميڄالي ۾ نيورو ٽرانسميٽرز کي جَانچيندو ۽ منجهائن توازن واري ڪيفيت حاصل ڪرڻ لاءِ لٿيم، سيرينيس، سپرام ۽ ڊارميڪم کان ڪم وٺندو رهيو آهي. ڄاڻان ٿو ته فرائڊ جو لِبيدو به اندر ۾ اٿم. موگهن کي چوندو رهيس ته زُونگ جو روحاني علاج، مارڪسزم کان پاسائتي رستي مون کي نجات ڏانهن وٺي ويندو. آءُ تبديلي ۽ آجپي ڪاڻ جاکوڙيندي نارملٽي جي قريب اچي ويندس. چون ٿا ته اشتراڪي فڪر جو موت اچي ويو. جيڪي ان طرح جي سوچ اڃا رکن ٿا، جڳ مٿن ٺٺولي آهي. ته پوءِ، تبديليءَ ڪارڻي ڪا نئين مشعل ٻَرندي- موگهن آڏو ڳالهه جاري رکيم.

ٽيڪ آف. ٽيڪ آف. فضا ۾ اُڏامڻ گهڙيءَ آزادي ماڻيندي موج ۾ هوندو آهيان. جنهن ڪوٺيءَ ۾ واڙيو ويو آهيان سا موگهن سان سَٿجي چڪي آهي. هر ڀيري پڪڙي کڻي ويندا آهن. اَٺَ اَٺَ ڏينهن سُيون هڻندا ۽ سمهاريندا رهندا آهن. سمجهان ٿو ته مهيني وار سائڪائٽرسٽ آڏو پيش پڻ ڪيو ويندو آهي. لِٿيم جي خوراڪ نئين پَني تي لکرائڻ ڪاڻ. ڇوٽڪاري لاءِ اوهان پنهنجي جاکوڙ جاري رکو. جڏهن ٻاهر نڪتس ته توهان سان گڏجي پوندس. آجپو، اَوسَ کپي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو