Home / سياسي افيئر / ميمو اسڪينڊل: اڃا ڪيترن جا سر کڻندو
above article banner

ميمو اسڪينڊل: اڃا ڪيترن جا سر کڻندو

ميمو اسڪينڊل کي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۽ اقتداري حلقا پنهنجن مفادن هيٺ آمريڪا جي واٽر گيٽ اسڪينڊل وانگر اُڀاري رهيا آهن، ايئن ميمو اسڪينڊل انتهائي پيچيده صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ان اسڪينڊل سان وابسته حسين حقاني هڪ وڏي بحران مان گذري رهيو آهي. صحافت کان انهي مقام تائين پهچندڙ ملير ڪراچي جي رهواسي حسين حقاني جي واشنگٽن تائين رسائي ۽ پوءِ زوال جو سفر نهايت ڊگهو آهي. ليڪن منصور اعجاز جي ميمو اسيڪينڊل ۾ ادا ڪيل ڪردار کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هو پاڪستان جي اقتداري حلقن جي سرپرستي ۾ ماضيءَ ۾ به اهڙا ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏئي چڪو آهي، انهن ۾ پي ٽي سي ايل خريد ڪرڻ جي ڪوشش، پرويز مشرف مسئلي جي حل لاءِ ڪشميري سربراهن سان ڳالهه ٻولهه شامل آهن. ميمو اسڪينڊل اڃا ختم ناهي ٿيو، اهي لاڳاپيل سمورن ڪردارن کي منظرعام تي آڻڻ ۽ منطقي انجام تي پهچائڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويندو.

هن وقت حسين حقاني جي جاءِ تي آمريڪا ۾ شيري رحمٰن کي سفير مقرر ڪيو ويو آهي، حالانڪه هي اهائي خاتون آهي جنهن جڏهن سڌ سماءُ جي وفاقي وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي ته صدر آصف علي زرداري کيس باغي ۽ مفاد پرست قرار ڏنو هو، ان کانپوءِ پ پ جي ڪارڪنن طرفان سندس گهر ٻاهران مظاهرو پڻ ڪيو ويو هو. قلم ۽ ڪتاب سان چاهه رکندڙ شيري رحمٰن ان مظاهري کي نفرت جوڳو قرار ڏيندي ان جي نندا ڪئي هئي، جڏهن ته سڄي ملڪ جي اديبن، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن پڻ سندس اهڙي موقف جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيو هو. اهو ئي سبب هو جو صدر زرداري سياسي طور ٻه قدم پوئتي هٽڻ واري پاليسي اختيار ڪئي. ان دوران هن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سان وڌيڪ ويجها سياسي لاڳاپا رکيا. اهو ئي ڪارڻ هو جو کيس جناح ٿنڪ ٽئنڪ جوڙڻ ۾ سرڪاري طور وسيلا مهيا ڪيا ويا. آمريڪا ۽ ٿائلينڊ ۾ مذڪوره ٿنڪ ٽئنڪ جا پروگرام پڻ منعقد ٿيا، جڏهن ته شيري رحمٰن کي ڀارت سان ڳجهي ڊپلوميسي ۾ به گڏ رکيو ويو. يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن سان شيري رحمٰن افغانستان مسئلي بابت فو ج جي موقف جي حمايت شروع ڪئي، ايئن کيس هلال احمر ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، کيس شاهه محمود قريشي جي پرڏيهي وزارت تان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهي وزير بنائڻ جا پڻ امڪان هئا ليڪن ملتان سان تعلق رکندڙ حنا رباني کر اها بازي کٽي وئي.

حسين حقاني جي آئوٽ ٿيڻ ۽ شيري رحمٰن جي اِن ٿيڻ جو پسمنظر به نهايت دلچسپ آهي. اڃا پ پ ميمو اسڪينڊل مان ئي جان آجي نه ڪرائي هئي ته سپريم ڪورٽ اين آر او بابت فيصلو ڏئي حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو. اين آر او بابت سپريم ڪورٽ جو اهو تاريخي فيصلو ان لحاظ کان به اهم آهي جو هڪ پاسي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ان فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي طرف سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن پنهنجي هڪ اجلاس ۾ متفقه طور تي چيو آهي ته حڪومت عدليه جي ڏنل فيصلي تي مڪمل طور عمل ڪري. اها هڪ اهم تبديلي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پ پ اندر بغاوت وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو ايوان صدر ۾ صدر زرداري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اين  آر او فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پ پ ۾ ان معاملي تي اتفاق راءِ جو فقدان آهي.

شيري رحمٰن جي آمريڪا ۾ سفير طور مقرري مان اها توقع ڪئي پئي وئي ته ايئن ٿيڻ سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ليڪن مهمند ايجنسي ۾ نيٽو فوج جي هيلي ڪاپٽرن سان حملي ۾ رتو ديرو واسي ميجر مجاهد علي ميراڻي سميت 24 فوجين جي مارجي وڃڻ سان صورتحال تبديل ٿي وئي آهي. حالانڪه اهڙا واقعا ڳ به ٿيندا رهيا آهن. ليڪن نيٽو فوجي هيليڪاپٽرن جي هن حملي تي پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ منعقد ٿيل ڪابينا جي ڊفينس ڪميٽي جي اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا سان تعاون تي نظرثاني ڪئي ويندي. نيٽو سپلاءِ فوري طور بند ڪئي ويندي، شمسي ايئربيس 15 ڏينهن ۾ آمريڪا کان خالي ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ سمورا فوجي سربراهه شريڪ ٿيا. چيو اهو پيو وڃي ته ميمو گيٽ اسڪينڊل کانپوءِ فوج ۽ صدر زرداري وچ ۾ لاڳاپا بهتر نه رهيا آهن، ان ڪري انهن هاڻ صدارتي هائوس بدران وزير اعظم هائوس جو رخ ڪيو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته نيٽو حملو اهڙي وقت ڪيو ويو جڏهن پاڪستاني ۽ چيني فوجون گڏيل طور تي فوجي مشقون ڪري رهيون هيون. تجزئي نگارن موجب اهو حملو رڳو اسلام آباد لاءِ پيغام ناهي بلڪه بيجنگ لاءِ به واضح پيغام آهي.

جيتوڻيڪ حملي کان ترت پوءِ ايساف جي ڪمانڊر جون ايلسن واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪرائڻ ۾ واقعي جون اصل حقيقتون سامهون آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ليڪن پاڪستان جي ڊفينس ڪميٽي پنهنجي فيصلن تي عمل شروع ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو واضح مظهر آهي ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪا کان پرڀرو رهڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ تي اتفاف ڪري ورتو آهي. نيٽو جي سربراهه اينڊرس راسموس وزير اعظم گيلاني کي لکيل پنهنجي خط ۾ پاڪستاني چوڪين تي نيٽو فوجي هيليڪاپٽرن جي حملي کي غير ارادي قرار ڏيندي ان سانحي جي مڪمل تحقيقات ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. ليڪن پاڪستان جي وفاقي پرڏيهي وزير حنا رباني کر آمريڪي، برطانوي، جرمن ۽ ترڪ پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ واضح ڪيو آهي ته اهڙي قسم جون فوجي ڪارروايون عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪستان لاءِ برداشت جوڳيون ناهن.

هڪ آمريڪي اخبار مطابق پاڪستاني چوڪين تي حملو نيٽو فوجي هيليڪاپٽرن نه پر آمريڪي فوجي هيليڪاپٽرن ڪيو آهي. ان حملي کانپوءِ آمريڪي صدر بارڪ اوباما آمريڪا جي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن ۽ ڊفينس سيڪريٽري ليون پينٽا سميت پنهنجي صلاحڪارن سان گڏجاڻيون ڪيون آهن ۽ ماضي وانگر هيلري ڪلنٽن کي اسلام آباد سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

ڪجهه عسڪري حلقن جو خيال آهي ته نيٽو حملي جو ميمو اسڪينڊل سان به تعلق ٿي سگهي ٿو، ڇو ته آمريڪا ۾ حسين حقاني کي هٽائڻ کانپوءِ لاڳيتو ڄڻ ته ڏک واري ڪيفيت آهي. منصور اعجاز بابت چيو اهو پيو وڃي ته هو سي آءِ اي جو ماڻهو آهي. آمريڪا اهو پڻ سمجهي ٿو ته هاڻ زرداري حڪومت کين ڊليور نه پئي ڪري. سياسي حڪومت لاءِ اهڙي قسم جي راءِ يقيني طور تي الميو آهي.

آمريڪي اخبار “نيو يارڪ ٽائمز” مطابق نيٽو هيليڪاپٽرن جي حملي کانپوءِ آمريڪا جي افغانستان جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ طالبان سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي حمايت جا امڪان بنهه گهٽجي ويا آهن. افغانستان ۾ نيٽو فوجن لاءِ رسد بند ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي فوج لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون. جيتوڻيڪ افغانستان ۾ رسد پهچائڻ لاءِ متبادل رستو وچ ايشيا آهي پر اهو ڏاڍو مهانگو ۽ اڙانگو آهي. “واشنگٽن پوسٽ” ان حملي کي آمريڪا پاڪستان لاڳاپن لاءِ وڏو جهٽڪو قرار ڏنو آهي. هڪ پاسي آمريڪا سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، ٻئي طرف ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت وڌي رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو