Home / افيئر / هي ڀارت آهي 3 لک روپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير کي 5 سال سزا
above article banner

هي ڀارت آهي 3 لک روپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير کي 5 سال سزا

ڀارت ۾ ٽيلي مواصلات جي اڳوڻي وفاقي وزير سکرام کي بدعنواني جي هڪ ڪيس ۾ پنج سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي آهي. سکرام جي عمر 86 سال آهي. دهلي جي هڪ عدالت مٿس چار لک روپين جو ڏنڊ پڻ وڌو آهي، سزا ملڻ کان ترت پوءِ کيس حراست ۾ وٺي تهاڙ جيل موڪليو ويو، جتي هڪ ٻيو اڳوڻو مواصلات وارو وزير راجه اڳ ۾ ئي قيد ڀوڳي رهيو آهي. مسٽر سکرام تي 1996ع ۾ هڪ خانگي ڪمپني کان ٽي لک روپيا رشوت وٺڻ جو الزام ثابت ٿيو هو. مٿس تعزيرات هند جي جن شقن تحت ڏوهه ثابت ٿيو هو تن ۾ وڌ مان وڌ سزا ست سال ٿي سگهي ٿي. سکرام جي وڪيل سندس پاران عدالت کي گذارش ڪئي ته منهنجي اصيل جي عمر 86 ورهيه آهي هو. بيمار به رهي ٿو ان ڪري ساڻس سزا ۾ ڪجهه رعايت ڪئي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو