Home / افيئر / هَٿ ونڊايو تحريڪ!
above article banner

هَٿ ونڊايو تحريڪ!

سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ ڪميونزم جي تڏاويڙهه کانپوءِ واري پود ۾ اَرون ڌَتي رَاءِ، مسڪين ۽ ڏتڙيل خلق ڪاڻ انوکو پر اثرائتو آواز ٿي اُڀري آهي. خاص طور تي ڀارت اندر سندس مهاڏو مثالي آهي. ويندي ڪشمير منجهه رياستي تشدد مخالف هُن جو جُهد ڏسڻ وٽان آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ نيويارڪ جي پيپلز يونيورسٽي ۾ رَاءِ جي تقرير مان ڪجهه ٽڪرا هتي لکجن ٿا.

“ڪالهه صبح (اڱارو، 15 نومبر) پوليس زُڪوٽي پارڪ خالي ڪرايو. اڄ وري اهو ماڻهن سان سٿجي چڪو آهي. سپاهين کي معلوم هئڻ کپي ته هيءَ قبضي جي جنگ نه آهي. اسان هِتي يا هُتي ڪو پارڪ يا جاءِ مُٺ ۾ ڪرڻ لاءِ نه وڙهي رهيا آهيون. اسين انصاف خاطر جهيڙي چُڪا آهيون. انصاف- نه فقط آمريڪي لوڪ ڪاڻ پر جڳ جهان لاءِ. 17 سيپٽمبر کان جاري “هٿ وجهو تحريڪ (Occupy Movement)” آمريڪي رياست جي هيانءَ منجهه هڪ نئين سياسي ٻوليءَ کي جنم ڏنو آهي. ماڻهن ٻيهر چڱائيءَ جا سپنا ڏسڻ شروع ڪيا آهن. اهڙي سماج ۾ جتي سُڪون ۽ اطمينان خاطر شيون گڏ ڪندڙ ۽ وکر پويان ڊوڙندڙ ڏانئڻ  عام جام پيا گهمن.”


“ليکڪا جي حيثيت ۾ آءُ توهان کي ٻڌايان ٿي. معاشري ۾ هاڻوڪي بيچيني اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙن لفظن ۾ ٿورا مڃان. اڄ، پاڻ انصاف جي گُهر ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف، آمريڪي فوج عراق ۽ افغانستان ۾ قبضي لاءِ جنگاڻ ۾ آهي. پاڪستاني شهري ڊرون حملن ۾ مري رهيا آهن. اوهان جا لکين سپاهي آفريڪا ۾ داخل ٿي رهيا آهن. کربين ڊالر عراق کي مُٺ ۾ ڪرڻ لاءِ ناڪافي ثابت ٿيا آهن. ٽئين پاسي وري ايران مٿان حملي جي پچار شروع ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ معاشي زوال (Great Depression) اچڻ سان ئي آمريڪا هٿيار ٺاهڻ جي ڪم ۾ تيزي آندي. توهان جي سرڪار ايئن ڏوڪڙ ميڙڻ لڳي. اوباما حڪومت سعودي عرب سان 60 کرب ڊالرن جو ٺاهه ڪري کين موتمار اوزار ڏيڻ لڳي. خندقون تباهه ڪرڻ وارا هزارين بَمَ دُبئي وارن کي مهيا ڪرڻ. پنج ارب ڊالرن جا فوجي جهاز انڊيا کي وڪڻڻ. منهنجي ملڪ ڀارت ۾ ايترا مسڪين رهن ٿا جو سندن انگ آفريڪا جي مڙني غريب انسانن کان سرس ٿيندو. هيروشيما، ناگاساگي کان وٺي ويٽنام، ڪوريا ۽ لاطيني آمريڪا تائين رڳو بَمَ وسايا ويا. ڌرتيءَ تي اها ڪاهه “زندگيءَ جي آمريڪي انداز” کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪئي وئي.

“ڇا چوان ته زندگيءَ جو آمريڪي انداز هڪ اهڙو ماڊل ٿي اُڀري رهيو آهي جنهن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ سموري جڳ کي لاچار ڪيو پيو وڃي. توهان پاڻ اها ڳالهه هوريان هوريان ڄاڻي رهيا آهيو. حياتيءَ جي ان طرز جو نتيجو آهي جو اڄ آمريڪا جي اڌ کان مٿي آباديءَ وٽ جيڪي ڏوڪڙ آهن تنهن رقم  کان وڌيڪ اوهان جي رڳو چار سو ماڻهن وٽ دولت گڏ ٿي چڪي آهي. ان جو مطلب آهي هزارين انسانن جو بي  گهر ٿيڻ ۽ روزگار تان هٿ ڌوئڻ. توهان جي سرڪار ڪيترن ئي بئنڪن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ کين پئسا ڏنا. اڪيلي آمريڪين  انٽرنيشنل گروپ (AIG) کي 182 ارب ڊالر عطا ڪيا ويا آهن. هندستاني سرڪار آمريڪي پاليسين جي پوڄا ٿي ڪري . 20 سالن جي آزاد معاشي سرگرميءَ کانپوءِ سو امير ماڻهو اهڙا پئدا ٿيا آهن جن وٽ ڀارت جي ڪُل پئداوار جي چوٿين پَتيءَ کان مٿي ملڪيت آهي. جڏهن ته اُتي اَسي سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ڏهاڙي 50 سينٽ کان گهٽ آمدنيءَ تي گذارو ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. اڍائي لکن کان سرس ڪُڙمي آپگهات ڪري چڪا آهن. موت جي ان کوهه کي اسين ترقي ٿا چئون ۽ سُپر پاور ڪوٺجڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيون.

“سڀاويڪ خبر ته ماڻهن جي وات تي اچي چڪو آهي- حد ٿي وئي. بس هاڻي وڌيڪ نه! هٿ وجهو هلچل ۾ دنيا جون ڪيتريون ئي مزاحمتي تحريڪون شامل ٿي چڪيون آهن. غريبن جا جٿا اُٿي پيا آهن ۽ رت چوسيندڙ ڪارپوريشنز جي راهه ۾ رڪاروٽ بڻجي رهيا آهن. اسان پارن مسڪين معاشرن جو سپنو هئو ته اهان آمريڪي خلق کي ايئن جاڳندو ڏسئون. هر طرف ڏاڍائي اختيار ڪندڙ سلطنت جي هيانءَ تي مُڱ درجن. توهان، اسان سان گڏ بيٺل هُجو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙي لقاءَ جي وضاحت ڪهڙن لفظن ۾ ڪيان. شايد اسان جا اُڌما اوهان آڏو رترت نروار ٿي ايندا. ڄاڻي ويندو ته آمريڪا بهادر ۽ سندس دَلال اسان سان ڇا ڪندا رهيا آهن. هُو جيڪي فقط هڪ سيڪڙو ارواح آهن- امير ماڻهو- کِلن ٿا ته اسان وٽ ڪروڌ آهي. ڪاوڙ، جيڪا سندن تباهي آڻڻ خاطر ڪافي آهي. سُجهي ٿو ته کين اسان جي ڪاوڙ جي طاقت جو درست اندازو نه آهي. پوءِ به مان هتي تبديليءَ کان اڳ وارا (Pre-revolutionary) ويچار پيش ٿي ڪريان. مطلب ته اَسَان کي ٻَڌي پئدا ڪرڻي آهي. هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي.

“اسين اهڙي سرشتي کي ٻُنجو ڏيڻ ٿا چاهيون جنهن جي ڪک مان اڻکٽ تفاوت جنم ورتو آهي. چوڌاري اڻبرابري پئي پَسجي. ان طرح جي نظام جو انت ٿا گُهرون جنهن منجهه آڱرين تي ڱڻڻ جيترن فردن ۽ راڪاس جهڙين ڪارپوريشنز وٽ لا محدود دولت گڏ ٿيندي پئي وڃي. پئسو جيڪو اسان جي ئي پگهر جي پئداوار آهي. مطالبو ٿا ڪيون ته:-

(1) ڪاروبار ۾ منڌيئڙي واري ملڪيت (Cross ownership) کي ختم ڪيو وڃي. مثال طور هٿيار جوڙيندڙ هَمراههَ ٽي وي چئنل هلائي نه سگهن. کاڻيون سنڀاليندڙ سيٺيون يونيورسٽي نه کولين. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي عوامي صحت جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه هجي.

(2) فطري وسيلا ۽ بنيادي سماجي ڍانچو (Infrastructure) پاڻي، بجلي، صحت ۽ تعليم- خانگي هٿن ۾ نه اچڻ کپن.

(3) هر ماڻهوءَ جو رهائش، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي حق تسليم ڪيو وڃي.

(4) امير ماڻهو جو اولاد سندن ملڪيت جو وارث نه مڃيو وڃي.

“اسان جي جاکوڙ تصور کان به اڳتي وڌي رهي آهي، ناڻي واڌ سرشتي (Capitalism) وڏي چالاڪيءَ سان انصاف جهڙي پوتر آئڊيا کي فقط انساني حقن (Human rights) تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ برابريءَ جي خواب ڏسڻ کي ڏوهه واري حيثيت ۾ آڻي بيهاريو آهي. هڪ اهڙو نظام جنهن کي يڪسر تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي اسين اُن کي رڳو قلعي ڪرڻ لاءِ گهرن کان ٻاهر نه آيا آهيون. سندس پاڙن ۾ هٿ وجهڻ ئي اسان جو مقصد آهي. تبديلي چاهيندڙ جِيوَ جي حيثيت ۾ آءُ آمريڪي عوام کي احترام ڀريو سلام پيش ڪريان ٿي.”

ارون ڌتي راءِ جي خيالن جو وچور مانوارن پڙهندڙن آڏو بنا تبصري جي عرض رکجي ٿو. نيت آهي ته هُن جي ويچارن کي غور لائق سمجهيو ويندو. پنهنجي آسپاس حالتن سان ٺهڪائي، مٿن گهرائيءَ سان سوچيو ويندو. آشا ٿي سانڍجي ته ڪنهن مانجهاندي هُوءَ هتي ايندي. پاڻ وٽ هلچل هلي رهي هوندي. اسان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي، سلام پيش ڪري، سَرهائي محسوس ٿيندس.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو