Home / پروفائيل / ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا دولهه دريا خان- شهيدِ سنڌ
above article banner

ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا دولهه دريا خان- شهيدِ سنڌ

ٺٽو جنهن ڪئي عروج زوال ڏٺا، ڪئي حاڪم ۽ جابر حڪمرانن جو هلائون ڏنيون، ڪيترن ئي محب وطن سرويچن جون وطن بچائڻ لاءِ سَرگوشيون ۽ سرگرميون ڏنيون. اهڙن مڙني وطن جي وِيرَ سرفروشن جو سرواڻ سهيد دريا خان مڪلي جي شاهي قبرستان ۾ ابدي آرام ۾ آهي. دريا خان سنڌ جي عزت ۽ عظمت جو نشان توڙي ڪمال ۽ ڪامرانيءَ جو اهڃاڻ آهي.

شهنشاهه اورنگزيب جي باذوق شاعره ڌيءُ، شهزادي زيب النساءِ پنهنجي شاعرانه تخلص جيان، پنهنجي مخفي هجڻ جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو هو.

در سخن پنهان شرم، ماننِد بود برگ گل،

هر که خواهي ميل دارد، در سخن پته مرا.

يعني: مان پنهنجي ڪلام ۾ ايئن مخفي آهيان. جيئن خوشبو گل جي پَنَن ۾. جيڪو مون سان ملڻ گهري ٿو، اهو مون کي منهجي ڪلام ۾ ڏسي.

اڄ دريا خان دارالبقا ۾ هئڻ ڪري بظاهر اسان جي اکين کان مخفي آهي. پر سندس سنڌ تان سر گهور ڪرڻ وارو پيغام ازلي ۽ ابدي آهي، جنهن جي خوشبو پڙهندڙن کي محب وطن مورخن جي لکيل تاريخن ۾ ايئن محسوس ٿيندي، جيئن گلن جي خوشبو ان جي پنکڙين مان پکڙجي وڻ ٽڻ واسي ڇڏيندي آهي.

سائين جي. ايم. سيد ‘سنڌ جا سورما’ ۾ شهيد دريا خان کي ٽئين سورمي طور ياد ڪيو آهي. دريا خان  بابت هونئن ته تاريخي ڪتابن ۾ مواد پکڙيو پيو هو، جو دريا خان جي ڪردار کي سنڌ جي نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ڪرائڻ واري مقصد لاءِ هڪ اهم قدم هو. جنهن جي بنياد تي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن دريا خان کي قومي هيري طور ياد ڪندي جذبا، جوان ڪندڙ شعرٺاهيا، جيڪي نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪڻ بڻجڻ لڳا، اهڙي ماحول ۾ ٻارهن سالن کانپوءِ ان جي رد طور مورڳو دريا خان جي نسل کي مشڪوڪ بنائي ان بحث جي شروعات ڪئي وئي ته، دريا خان حسب نسب جي لحاظ کان سنڌي هيو ئي ڪو نه! اهو ته لاشاري بلوچ هو. ان ڳالهه جو بنياد هيٺين مفروضن تي رکيو ويو:

· دريا خان جي نالي پٺيان “خان” لفظ جو لاڳو هئڻ.

· ڪن قديم قبائلي مبهم روايتن کي آخري ۽ مستند تصور ڪرڻ.

· لاشارين جي پاڙي سارنگاڻي کي دريا خان جي پٽ/ ڀاءُ سارنگ سان منسوب ڪري ان ان بنياد تي دريا خان کي لاشاري ظاهر ڪرڻ ۽ اهو تاثر ڏيڻ ته ان بنياد تي دريا خان سان بلوچ قبيلا ئي وڙهيا هئا.

جيڪڏهن اهو قبول ڪيو وڃي ته دريا خان جي بلوچ هئڻ سبب، ان سان بلوچ قبيلا مددگار ٿيا هئا ۽ انهن جي مدد سان جنگيون کٽندو رهيو هو، ته پوءِ ڄام صلاح الدين واري جنگ، جنهن ۾ سنڌ جا سماٽ قبيلا، ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي آمهون سامهون ٿيڻ سبب ورهائجي ويا هئا. ان جنگ جي پهرين مرحلي ۾ دريا خان کي شڪست آئي هئي، جنهن کي پوءِ دريا خان، صلاح الدين ڏانهن سندس ڪمانڊر حاجي پاران موڪليل سوڀ وارو خط، خاطو کان ڦري، ان جي مواد ۾ ڦير ڦار ڪرائي، صلاح الدين کان ٺٽو خالي ڪرائي، پاڻ راڄڌاني تي قبضو ڪري ورتو هو. ان جنگ وقت بلوچ ڪٿي هئا؟ انهن جو ته ڪنهن  به تاريخ ۾ ذڪر ڪو نه ٿو ملي، آخري جنگ جنهن ۾ دريا خان شهيد ٿيو هو (ڪن مورخن جو خيال آهي ته کيس دوکي سان پڪڙي پوءِ قتل ڪيو ويو)، اها به انڪري دريا خان هارائي جو ان وقت ڄام فيروز ۽ ماڻس پاران مخالفت سبب سماٽ قبيلا ورهائجي ويا هئا. جنهن ڪري ڪجهه قبيلا وڙهيا پئي ته ٻيا فيروز ۽ ماڻس جي اثر وارا قبيلا خاموش رهيا. شهيد دريا خان جي سرواڻيءَ ۾ ٺٽي شهر ۽ مڪلي واري عظيم قبرستان کانسواءِ سونڍا وارو وسيع قبرستان پڻ سنڌين جي سورهيائيءَ جي شاهدي ڏيئي رهيو آهي. ان لاءِ به مشهور ڪيو ويو آهي ته اهو رند ۽ لاشار واري جنگ جي شهيدن جو آهي. جيڪڏهن سونڍن وارو قبرستان، رندن ۽ لاشارين واري جنگ ۾ شهيدن جو آهي ته ان جو اهو مقصد ٿيو ته، اهي شهيد اتان جا مقامي (پسگردائي وارا) هئا. ايترا جيڪڏهن مقامي ماڻهو هئا ته ان جو مقصد اهو به ٿيو ته سونڍا جي پس گردائيءَ ۾ انهن ذاتين جا وڏا پاڙا ۽ ڳوٺ هئڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته انهن مارجي ويلن جي خاندان وارا نسل در نسل ضرور وڌيا ويجها هوندا پر عملي طرح ايئن ڪونهي. انڪري ان قبرستان کي رند لاشار جنگ جي بجاءِ شهيد دريا خان سان گڏجي ‎ٺٽي جي ننگ ناموس لاءِ مختلف جنگين ۾ وڙهندڙن جو قبرستان چئي سگهجي ٿو، جيڪي يقيناََ رڳو لاشاري نه پر ڪثرت ۾ سماٽ نسل جا مختلف قبيلا هوندا، جن جو نسل اڄ تائين ان تَرَ ۾ هلندو پيو اچي.

جيستائين دريا خان جي لاشاري هئڻ سبب طاقتور ٿيڻ جو سوال آهي ته: هڪ پاسي دريا خان جي ڏهڪاءَ ۽ دٻدٻي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “سندس نالي ٻڌڻ سان ڳورهارين عورتن جا ٻار ڪري پوندا هئا ۽ عورتن پاران رئندڙ ٻارن کي چپ ڪرايو ويندو هو، ٻئي پاسي ڪن بلوچ قبيلن جي دريا خان جي سڏ تي نڪرڻ کي بنياد بنائي سندس بلوچ هئڻ جي ثبوت طور پيش ڪيو وڃي. جيئن لکيو ويو ته:

“بلوچن جي لشڪر جي شامل ٿيڻ مان انهيءَ گمان جي تائيد ٿئي ٿي ته، بحيثيت هڪ اڳواڻ ۽ سپهه سالار جي بلوچ قبيلن ۾ دريا خان جو خاص اثر رسوخ هو.”

هتي سوال اهو آهي ته ملڪ جي مختلف قبيلن ۾ دريا خان جو خاص اثر سپهه سالار هئڻ ڪري ته هونئن ئي هو (ان سلسلي ۾ ڪنهن به مورخ جي ٻي راءِ ڪانهي) ته پوءِ ان کي بلوچ قبيلن سان ملائڻ مان ڇا مطلب آهي؟

ٻي ڳالهه ته جڏهن فيروز جي ماءُ مدينه ماڇاڻي، دريا خان وٽ ڳاها واري جاگير تي ويئي ۽ دريا خان کيس مان ڏيئي. ميدان ملهائڻ لاءِ نڪتو  ۽راڄن کي سڏي لشڪر گڏ ڪيائين ته ان جي شروعات هن لازمي طور پنهنجي تَرَ کان ڪئي هوندي. پر سندس ڳاها واري تر ۾ ته صدين کا سماٽ قبيلن جي اڪثريت ۾ موجود هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا.

اها ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته جيڪڏهن دريا خان بلوچ هجي ها ته، پهريان ته، جاگير پنهنجي بلوچن جي ڀرپاسي وٺي ها، پر جيڪڏهن اها ڪنهن سبب ڪري، ڳاها ۾ ملي به ويئي هئي ته پوءِ پنهنجي ڀر ۾  بلوچن کي ويهاري پنهنجو قبيلائي اثر وارو حلقو تيار ڪري ها ۽ جيڪڏهن ائين هجي ها ته ڳاها واري  علائقي ۾ اڄ به بلوچن جي اڪثريت هئڻ گهرجي ها، پر عملن ايئن ڪونهي “ڳاها” واري ايراضيءَ ۾ سماٽ قبيلن جي اڄ به اڪثريت آهي.

حد ته اها سارنگ خان جي پٽ مان “سارنگاڻي بلوچ” پشت بپشت هلندا اچن. پرک واري ان معيار تي محترم حاجي خان چاچڙ سواليه انداز ۾ لکي ٿو:

”هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته سارنگ جو اولاد ‘سارنگاڻي’ ته ٿيو پر دريا خان جو اولاد سندس نالي جي نسبت سان ‘درياڻي’ ڇو نه سڏجڻ ۾ آيو؟”

چاچڙ صاحب واري ان ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ اها گذارش ڪندو هلان ته سماٽ نسل جي دريا خان جو نسلي سلسلو ‘درياڻي’ اڄ تائين دادو ضلع جي مختلف شهرن ۾ آباد آهي پر روايتي نسلي برتريءَ واري قديم اثر هيٺ اهي پنهنجو پاڻ کي بلوچ ظاهر ڪن ٿا.

جيتري قدر قبائلي روايتن جو سوال آهي ته انهن مان ڪي اهڃاڻ ته بنهه توهين آميز تاثر ڇڏين ٿا. مثال طور جن روايتن موجب گهمائي ڦيرائي دريا خان کي لاشاري ظاهر ڪيو وڃي ٿو. انهن مان ڏکڻ سنڌ واري روايت ۾ ته اهو به آيو آهي ته “دريا خان” کي محمود خان ۽ مٺڻ خان کانسواءِ، ٻيا پٽ به هئا، جن جي جاگير هنن (مغلن) بحال رکي. انهن جي اولاد مان علي احمد خان گنج آبه (گندار) ۾ هڪ ننڍي رياست قائم رکي.”

مٿئين ڏند ڪٿائي روايت دريا خان جهڙي سورهيه سپهه سالار ۽ سندس سرويچ پٽن لاءِ ته ڄڻ توهين برابر آهي ڇاڪاڻ ته لاشارين واري ان دريا خان جي اولاد مغلن جي آڻ مڃي ٺاهه ڪري جاگير بحال ڪرائي، جڏهن ته اسان واري شهيد سنڌ دريا خان جو ته سڄو خاندان قوم تان قربان ٿي ويو هو. انهيءَ خيالي روايت ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سارنگ خان واري پيڙهيءَ سان سارنگاڻي لاشاري ٿيا. دريا خان کي لاشاري ظاهر ڪرڻ لاءِ جي دليل گهڙيا ويا آهن انهن جي تائيد لاءِ مير معصوم جي تاريخ سنڌ کي بنياد بنايو ويو آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته “دريا خان ۽ سارنگ خان پڻ ڄام نظام الدين جا اعتبار وارا غلام هئا ۽ سندن وڏو اثر رسوخ هو.” معصومي واري ان لکت کي قبول به ڪجي ته ان جو اهو مطلب ڪٿي ٿو نڪري ته اهي لاشاري هئا. جيستائين ان ڳالهه جو تعلق آهي ته دريا خان ۽ سارنگ خان جو ٻاهران آيل هجڻ، ٻنهي جي وصفن ۽ صفتن جي هم آهنگي ۽ درٻار سان وابستگي ۽ وفاداريءَ وارن حوالن مان پڻ ان مقصد جي ڪيئن ٿي تائيد ٿئي ته دريا خان لاشاري بلوچ هو. حقيقت اها آهي ته دريا خان ذات جو قبوليو هو، جيئن مختلف تاريخن ۾ پڻ اچي ٿو، قبول سماٽ نسل ۾ قديم دور کان مروج نالو ۽ “قبوليو” ذات هلندي پيئي اچي، جنهن جي نالي واري حوالي سان ‘قبولو’ نالي ڳوٺ پڻ آهي. اتفاق سان راقم الحروف جي ڳوٺ قاضي دڙا جي پسگردائيءَ ۾ ئي ‘قبوليو’ نالي ڳوٺ اڄ به موجود آهي ۽ ويجهڙائي واري دور تائين سماٽ نسل مان ‘قبول’ نالو اڄ به مروج آهي.

جيستائين ‘خان’ لقب جو تعلق آهي ته اهو به ڪو هروڀرو ٻروچن/ بلوچن لاءِ مخصوص ٿيل ڪونهي. اهو ته ڪيترن نالن جي اڌ طور مروج آهي جيڪو سماٽن ۾ پڻ رائج آهي جيئن بشير خان، احمد خان، محمد خان وغيره. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڏنل اها راءِ درست آهي ته: “سنڌين جي ننڍن نالن پٺيان “خان” لفظ ان زماني ۾  به آندو ويندو هو، جيئن اڄ ڪلهه، ڪتب آندو ويندو آهي. ماضي قريب ۽ موجوده زماني ۾ ٺيٺ سنڌي نالا رکيا ويندا آهن. جهڙوڪ: مٺو، سارنگ، ڪسارو وغيره. ‘دريو’ نالو به مون پنهنجي تر ۾ ٻڌو آهي جيڪو هڪ سنڌيءَ جو آهي، غريب هاري آهي انهيءَ ڪري “دريو” سڏيندا اٿس. پر جيڪڏهن وڏو ماڻهو ٿي پوي ها ته “دريا خان” سڏيندس.”

حقيقت ۾ مير يا خان جو لقب مروج ٿيڻ اهو هڪ مختلف نسلن ۽ قومن ۾ غير محسوس ٿيندڙ طريقي سان ٿيندو رهي ٿو، ايئن جيئن ڪلچر جي واڌ ويجهه واري معاملي ۾ ٿيندو رهيو آهي.

دريا خان جي سلسلي ۾ پڻ ڪجهه ايئن ئي ٿيو آهي ان ڳالهه تي ته سڀني مورخن جو اتفاق آهي ته نه رڳو دريا خان واري دور ۾ پر ان کان اڳ ۽ پوءِ به، مختلف بلوچ نسل جا ماڻهو سنڌ ۾ گذر سفر جي سلسلي ۾ آباد ٿيل هئا. جن مان ڪيترن ان وقت جي ماحول موجب وقتي ضروت تحت فوجي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون. مطلب ته اهي سنڌي سماج۾ رل مل ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻنهي نسلن (سماٽ ۽ بلوچ) سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪٻئي تي گهرا اثر ڇڏيا. اهي اثر ايتري حد تائين ٿيا جو ڪن سماٽ قبيلن مورڳو پنهنجو پاڻ کي ‘بلوچ’ نسل سڏائڻ شروع ڪيو.

مورخن دولهه دريا خان جي لاشاري هئڻ کي رَدُ ڪيو آهي، دراصل ان مان مراد لاشاري قبيلي کي دريا خان جهڙي قومي هيرو جي وارثي ڪرڻ کان روڪڻ نه آهي، بلڪه ان رجحان کي رد ڪرڻ آهي، جنهن تحت تاريخ تي تحقيق جي نالي ۾ هڪڙن جون پڳون ٻين جي سرن تي سجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

دريا خان محض بهادر سپهه سالار ڪو نه هو پر پاڻ هڪ وڏو ڊپلومينٽ، سوشل رفارمر پڻ هيو، جنهن رڳو تلوار استعمال نه ڪئي پر مختلف موقعن تي ڊپلوميسيءَ جا جوهر ڏيکاريندي، هاريل جنگين کي به سوڀ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جنهن جو سڀ کان وڏو مثال، ڄام صلاح الدين سان مهاڏو اٽڪائڻ وقت نظر اچي ٿو، جيڪا جنگ بظاهر ڄام فيروز جي ڌر هارائي هئي پر محض دريا خان جي ڊپلوميسي سبب اها نتيجي طور فتح ۾ تبديل ٿي ويئي. علي نواز ٻٽ، پنهنجي مضمون ۾ جنهن نموني ان دور جي آبپاشي نظام جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ان مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جي زرعي سماج جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ دريا خان وٽ بحيثيت وزير اعظم ڪهڙو نه اعليٰ تصور هيو ۽ ان کي هن ڪيئن عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. مطلب ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته دريا خان جو نهايت اهم ڪردار هو. دريا خان هڪ بهادري سنڌي سورهه سرويچ ۽ سورمو هو، جنهن کي واضع طور سماٽ قبيلي جي “قبوليو” ذات مان هئڻ جي باوجود محض مفروضن ۽ روايتن جي بنياد تي بلوچ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي پئي رهي آهي.

سومرن ۽ سمن بابت پهريون ڪتاب ‘تاريخ معصومي’ (1009هه/ 1600ع) آهي. ان ۾ دريا خان جي حسب نسب متعلق بظاهر خاموشي آهي. پر سارنگ، جو دريا خان جو ڀاءُ/ پٽ چيو وڃي ٿو، ان کي معصومي ڄام سارنگ ڪري لکيو آهي. تاريخ معصوميءَ کان 21 سال پوءِ ٺٽي ۾ ‘تاريخ طاهري’ مير طاهر محمد نسياتي لکي، مير طاهر محمد جو تعلق جيئن ته باغائي ساداتن جي ڪڙم سان هو. شايد ان ڪري ‘سياري جي سوڙ هر ڪو پاڻ ڏانهن سيري’ وري روايت تي عمل پيرا ٿيندي، ان دريا خان کي سيد زادو لکي ڪري ڇڏيو. پر معصومي، جا طاهريءَ کان اڳ لکي ويئي ان ۾ دريا خان جي ڀاءُ/ پٽ جي نالي سان لکيل ڄام لفظ دريا خان جي اصليت کي واضح ڪري ڇڏي ٿو. ان ئي بنياد تي ڊاڪٽر بني بخش خان به دريا خان جي سيد هئڻ واري دعويٰ کي تاريخي روايتن ۽ ان دور جي سماجي پسمنظر ۾ رد ڪيو آهي. نئين دور ۾ سيد قبيلي سان واسطو رکندڙ سنڌ جي ٻن وڏن مورخن پير حسام الدين راشدي (مڪلي نامه) ۽ سائين جي. ايم. سيد (سنڌ جا سورما) جڏهن سنڌ جي هن سورهيه سپهه سالار تي قلم کنيو تڏهن انهن مير طاهر محمد پاران ‘تاريخ طاهري’ ۾ ڪيل دعويٰ موجود هئڻ جي باوجود به اهڙي نسلي برتري وار سوچ بجاءِ، ٻنهي مورخن جي آڏو سنڌ کي سبقت حاصل هئي انڪري انهن به دريا خان کي مقامي سماٽ قبيلي مان هئڻ طرف اشارو ڪيو آهي. حالانڪه جيڪڏهن اهي چاهين ها ته 1030هه/ 1621ع جي لکيل قديم تاريخ طاهري جي بنياد تي دريا خان کي آرام سان سيد لکي ڇڏين ها! پر انهن ايئن نه ڪيو.

اڄ جي دور ۾ جنهن ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري امڪاني طور صحيح نتيجا اخذ ڪرڻ وارا بنياد پڻ موجود آهن ۽ مختلف روايتن وارا تاريخي ماخذ به پڙهندڙن جي پهچ کان پري ناهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن علمي حلقن ۾ دريا خان کي لاشاري بلوچ ظاهر ڪرڻ يا قبوليو سماٽ واضح ڪرڻ وارو بحث هلندڙ هجي. ان ماحول ۾ اچانڪ دريا خان جي سيد زادي هئڻ وارن روايتن کي يڪجا ڪري وڌائي چڙهائي بيان ڪرڻ مان ڪنهن جو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته ٿورو به غور ويچار ڪرڻ واري لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي.

هتي اهو سوال پڻ واضح آهي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته شهيد دريا خان کي جڏهن صدين کان بغير ڪنهن قبيلائي تفاوت جي، سنڌ جي سورمي هئڻ وارو رتبو حاصل ٿي چڪو آهي ته ڇا سندس عظمت لاءِ اهو مقام ناڪافي آهي؟ جو سندس نسل کي ٽوڙي مروڙي مخصوص انداز ۾ ڪنهن هڪ قبيلي جو سورمو ظاهر ڪرڻ واري ڪوشش ٿيندي، نظر پيئي اچي. بظاهر ته اها ڄڻ ننڍي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته ذات ڪهڙي به هجي سڀ سورما سنڌ جا آهن پر جڏهن ڪنهن “شهيد سنڌ” کي هٿ وٺي تڪراري بڻائڻ واري ڪوشش ٿيندي نظر ايندي تڏهن محب وطن ماڻهو لاءِ اهڙي صورتحال  تشويش جو سبب بنجي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙي لاڙي کي هٿي ملي، ته سنڌ جي سورمن ۽ شهيدن جي قومي مان مرتبي بجاءِ قبائلي دعوائن ڪَرُ کڻي قومي شيرازي کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون. حضرت شاهه لطيف ۽ سچل سرمست سنڌ جي مڙني سنڌين جا رهبر ۽ رهنما سمجهيا وڃن. ڇا اها ڳالهه جوازجي سگهندي جو سڀاڻي ڪو سيد شاهه لطيف يا سچل مرمست کي سيد هئڻ جي ناتي سيدن جو شاعر يا رهبر ظاهر ڪرڻ واري ڪوشش ڪري؟ سچل مرمست فاروقي نسل جو عرب ضرور هو پر اهو ڇو ٿو وساريو وڃي ته  اها سنڌ جي مٽيءَ، جي مڻيان هئي، اهو هن مٽيءَ جو ئي خمير هيو، جنهن جي تاثير طور سچل سرمست برملا چئي ڏنو:

“ديس سچل دا درس درازا مڪونا ملتان”

ان ڪري سورمن ۽ شهيدن کي مليل قومي مان، مرتبي کي متنازع ڪرڻ واري شعور يا شعوري ڪوشش قومي اوسر لاءِ خطرناڪ عمل آهي.

ان صورت حال ۾ اهو ضروري هو ته اسين پنهنجي قومي سومي “شهيد دريا خان” جي اصلي شخصيت ۽ ڪردار بابت پنهنجا ذهن صاف رکون.

(مختصر ڪيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو