Home / پروفائيل / وڃائجي ويل هڪ ديوانو
above article banner

وڃائجي ويل هڪ ديوانو

 

 

ڪنهن يُگ ۾ هُو وڏي چاهه سان سرمد جي آواز ۾ اياز کي ٻڌندو هو

“من سوري ٿو ڪنهن جي مالها

ڪير ڳچيءَ جي ڳانيءَ ڙي…….

سار اُڻي ٿي پيار پرينءَ جا

ساري تن ۾ تاڃي ڙي…..

ايئن هُو شبدن سان پنهنجي ذهن جي تاڃيءَ تي پريم اُڻيندو رهيو ۽ پوءِ سمئه پاسو بدلايو، محبتون فارملٽيز بڻيون ۽ هُو پنهنجي پيار سان گڏ وقت جي ڌوڙ ۾ وڃائجي ويو. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته نذار قاباني جو پرستار ۽ سنڌ جو مست الست “ماڻهو” مري ويو آهي.

“اسين انسان به عجيب هوندا آهيون،  زندگي جي ڏُکن کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي هروڀرو پاڻ کي خوش فهمين ۾ مبتلا ڪندا آهيون، زهر جهڙيون حقيقتون اُن لاءِ نه قبوليندا آهيون جو اسان مايوسي جي عالم ۾ ڪنهن ٻاهرين قوت، جنهن جا اسان وٽ مختلف نالا آهن،  جي مدد جي ڳولا ڪندا آهيون،” حقيقت پسندي ۽ البرٽ ڪاميو جي وجوديت پسنديءَ سان چاهه رکندڙ  تنهن ديواني ڪراچي جي اختر ڪالونيءَ واري علائقي ۾ شمع هوٽل تي پنهنجي هڪ دوست کي ڪچهري ڪندي چيو هو.

“پنهنجو وجود جڏهن مايوسين جي اُٿاهه گِهرائين ۾ هليو ويندو آهي تڏهن اسان وٽ ٻه دڳ بچندا آهن، هڪڙو ته خدا کي ياد ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪجي ۽ ٻيو به اهو ته خدا جو نالو وٺي صبر سان زهر جو ڍُڪ پِي ڇڏجي. ۽ پنهنجي اُن ناڪامي کي اسان پنهنجي لاءِ الهامي آزمائش قرار ڏيندا آهيون ۽ اُن تي هر ممڪن پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. پر حقيقت ۾ زندگي تي اڻ ڏٺا خوف سدائين رهندا آهن،” چانهه جو ڪپ پورو ڪري سگريٽ دُکايائين، سندس دوست حسرت وارين نگاهن سان کيس ايئن ڏسي رهيو هو ڄڻ ڪي کيس معلوم هجي ته سندس جيون جو اجنتا گهڙين پڄاڻان ڀور ڀور ٿيڻ وارو آهي.

“اسان انسان وجود حاصل ڪرڻ کان پوءِ ضرورتن  ۽ اڻ ڏٺي خوف جا غلام ڇو ٿي ويندا آهيون؟” پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو هُئائين.

“خبر اٿئي….! مان ڪڏهن ڪڏهن اهو به سوچيندو آهيان، جيڪر صدين کان پوءِ جڏهن اسان هن يُگ ۾ نه هوندا سين، جڏهن اسان فقط تاريخ جا گمنام ڪردار هونداسين، تڏهن ڪو به اسان تي نه ويچاريندو، ڪوبه اهو نه ڄاڻيندو  ته  صديون اڳ هن ڌرتيءَ تي منهنجي نالي سان ڪو ڪردار هـُيو. هر ماڻهو امرتا چاهيندو آهي پر اُهي مجبورين جا ٻنڌڻ به ته ٽوڙي نه ٿا سگهن. اسان جي زندگين سان ڪجهه اهڙيون زندگيون به وابسته آهن، جن ڪارڻي هُو امرتا ماڻڻ جهڙا ڪم ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا آهن ،” هڪ محبوبا ڏانهن سندس اڳوڻي پرينءَ 9 جولاءِ 2010 ع تي پنهنجي پريم پتر ۾ پنهنجي ئي سوال جو جواب ڏيندي چيو هُئائين.

“هڪ لڱا ايئن ٿيو جو آءُ سرد سياري جو پنهنجي هڪ دوست کي وٺي ليويز جيپ تي سوار ٿي کِيرٿر جي پهاڙن تي هليو ويس…..ڊگهي دير تائين سوچيندو رهيس……ڇا اسان جي جيئڻ جو مقصد رڳو ضرورتن جو پورائو ڪندي مري وڃڻ آهي..هڪ ضرورت ۽ مجبوري جي پٺيان هڪ ٻي ضرورت يا مجبوري جنم وٺندي رهي ٿي…..پاڻ جيئنداسين،  ڀري جڳ لاءِ نه پر پنهنجي ذات ۽ پنهنجي ذات سان سلهاڙيل زندگين جي لاءِ ……ڇا اسان جي جيئڻ جو مقصد رڳو پيدا ٿيڻ، ساهه جي باقي هجڻ تائين ضرورتن ۽ مجبورين سان جهيڙيندو رهڻ، چار ڏوڪڙ ڪمائي شادي رچائي مري وڃڻ آهي…..! هڪ دوست اڄ مون کي چيو هو ته هاڻي تون چريو ٿي ويندين” 2009ع جي ڪنهن تاريخ ۾ سندس ڊائريءَ تي ايئن درج ٿيل آهي ۽ تنهن رات دير سان جوهر موڙ جي هڪ هوٽل تي سندس پرين پياري دوست ڊاڪٽر علي احمد رند کيس چيو هو، “جڳ وارا چون ٿا ته پوءِ اسان چريا ئي ٺيڪ آهيون، سياڻپ جڳ وارن کي مبارڪ هجي…” “علي…! دل ٿي چوي ته ڪاميو جي ناول The Stranger جو مرڪزي ڪردار ٿي زندگي گهارجي، جيئڻ جي هن انداز مان ته پاڻ کي ئي پنهنجو پاڻ کان مصنوعيت جي ڌپ ايندي آهي..” هُن وراڻيو هو ۽ پوءِ ٻئي چپ ٿي ويا هئا.

“لفظ رانديڪا آهن، جن سان اسان هڪٻئي کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، حقيقت اها آهي ته انسان کي زمين تي پير رکي ئي سوچڻ گهرجي، آڪاش جي اجهورتا اسان کي راس ناهي اچڻي،” عليءَ کي چيائين ۽ پوءِ ٻئي هوٽل تان اُٿيا سندن گاڏي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ نيپا چورنگي ڏانهن وڌندي وڌندي اونداهيءَ ۾ گم ٿي وئي، اهو ڏينهن هي ڏينهن ديوانو اڃا تائين گم آهي.

mansooree@gmail.com

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو