Home / ويندي ويندي / ٻلي شير ڪون پڙهايا، ڦر شير ٻلي ڪون کاوڻ آيا
above article banner

ٻلي شير ڪون پڙهايا، ڦر شير ٻلي ڪون کاوڻ آيا

ٻين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ۾ جيڪا بلاڪن جي سياست ٿي، هڪڙا وڃي روسين جا يار ٿيا ۽ ٻيا آمريڪي ڳلي جا هار ٿيا، تڏهن هر ملڪ ۾ هڪ طاقتور اسٽيبلشمينٽ جو جنم ٿيو، جيڪا ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ هوندي به نظر نه ايندي هئي. ڪامورا، فوجي، ميڊيائي لارڊز ۽ اهڙا ئي بااثر ماڻهو، جيڪي پاڻ کي ان رياست جو والي وارث سمجهندا هئا، سي پاڻ کي ملڪي مفاد جو رکوالو سمجهڻ لڳا. کين سويلين جي ملڪ هلائڻ جي صلاحيت تي شڪ هو، ان ڪري اهڙن اڪثر ملڪن ۾ فوجي راڄ رهيو. فوجي آمرن کي هڪ نه ٻئي بلاڪ جي سپورٽ هوندي هئي. اها پراسرار اسٽيبلشمينٽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سڌريل ملڪن ۾ جتي بظاهر جمهوريت جو بول بالا، اتي به رهي. سرد جنگ پڄاڻان اڪثر ملڪن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار جهڪو يا بلڪل ختم ٿيو. پاڪستان انهن چند “خوشنصيب” ملڪن مان آهي، جتي اڄ به رات جا راهي سولين بالادستي جو سج اڀارڻ نه ٿا ڏين. آمريڪا جي هن خطي ۾ جاري فضول جنگ ته ڄڻ کين هڪ نئين زندگي ڏيئي ڇڏي آهي.


اسٽيبلشمينٽ کي جيئن ته ڪڏهن پردي پٺيان به وڃڻو پئجي ويندو آهي، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سياسي لئبارٽري ۾ نوان نوان تجربا ڪندي آهي. انهن تجربن ۾ ڪڏهن ڪي نوان ساهدار پيدا ٿي ويندا اهن، ڪڏهن اهو تجربو مرڳو ئي ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي، پر بهرحال پوءِ به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪرت سان لڳي پئي آهي.

سٺ جي ڏهاڪي ۾ ان لئبارٽري ۾ خان قيوم خان ۽ ذلفي ڀٽو تي تجربا ٿيا. ذلفي ڀٽو نيٺ ٻين کان گوءِ کڻي ويو، پر پوءِ سندس سنڌيت جاڳي اٿي. عالمي ۽ مقامي اسٽيبلشمينٽ سان وڙهي پيو. سندس انجام ڇا ٿيڻو هو ان تي ڪنهن کي ڪو به شڪ ڪو نه هو. ڀٽو کانپوءِ نواز شريف ان لئبارٽري مان نڪري نروار ٿيو. نواز شريف جي پيدا ٿيڻ جي ٽائيم تي سنڌ ۾ الطاف حسين به پچي راس ٿيو. پر نواز شريف جي پنجابي هجڻ سبب اسٽيبلشمينٽ کي کيس پنهنجي ٻولي ۾ پٽي پڙهائڻ ۾ ڏکيائي ڪا نه پيش آئي. اڳتي هلي نواز شريف پاجامي کان ئي ٻاهر نڪري ويو. مجبورن اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان تي هٿ رکڻو پيو.

پلي بواءِ جي شهرت رکندڙ عمران جو گرو حميد گل مقرر ٿيو، جيڪو ساڳي ئي وقت افغان جهاد جي دائي هجڻ جو به داعي آهي. پارٽين ۽ پيارين جي رسيا عمران خان جي ٻولي مٽجي وئي. اهي ڏينهن هي ڏينهن عمران خان جنرل ضياءَ جي ڇڏيل مشن، نظرياتي سرحدن جي رکوالي لاءِ ڪلهي تي بوڇڻ کنيو هلي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪچهرين  ۾ ڪي اسٽيبلشمينٽ کي ويجهي رهندڙ حلقا جناب آصف علي زرداري جي شخصيت تي نهايت ئي نامناسب جملا ڳالهائيندا آهن. واڌو حد ادب. اسان جو عرض اهو آهي ته اوهان هن ملڪ ۾ ڪڏهن به حقيقي طور عوام دوست ۽ جمهوريت دوست سياستدان کي پيدا ٿيڻ يا وڌڻ ۽ ملڪي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ نه ڏنو. لياقت علي خان کان وٺي اڄ تائين عاليشان سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي پرمٽ نه ملڻ ڪري جيلن، ڪيسن، ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ هلي هلي ٽٽي ڊهي ويا. هاڻ اوهان لاءِ اسان حيدر بخش جتوئي، غفار خان، سائي جي ايم سيد، غوث بخش بزنجو ۽ عطاءَ الله مينگل ڪٿان آڻيون؟ هاڻ اوهان ڄاڻايو ۽ پ پ ڄاڻي.

پر هي جو اسٽيبلشمينٽ پ پ ۽ نواز مان جان ڇڏائڻ لاءِ عمران خان کي پڙ تي لاٿو آهي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ اهو به وساري ٿي ويهي ته سندن اڳيان ٻئي تجربا فيل ويا. ڀٽو ۽ نواز کين ڳچي ۾ اٽڪي پيا. عمران خان متان سندن ڳچي مان لهي آنڊن ۾ اتڪي پئي. ڳچي ۾ اٽڪيل ڪڍڻ سولو آهي، آنڊي ۾ اٽڪيل ڪٿان نڪرندو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو