Home / افيئر / ٻوڏ ڊائري- درد ۽ تاريخ جو سفر
above article banner

ٻوڏ ڊائري- درد ۽ تاريخ جو سفر

پاڪستان ۾ ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون ماضيءَ ۾ به اينديون رهيون آهن، تڏهن نه ته ٽيڪنالاجي ايڏي ترقي ڪئي هئي نه وري ايترا وسيلا هئا باوجود ان جي نقصان ۽ تباهي ايتري نه ايندي هئي جيتري اڄڪهه ايندڙ ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن ۾ نظر اچي رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب نيتن ۾ فتور ۽ بي ايماني جو اچي وڃڻ آهي. اڳ ۾ عام خلق کان ويندي ڪامورن ڪڙن ۽ سياستدانن جون نيتون ڪنهن حد تائين ٺيڪ هونديون هيون ۽ اهي مصيبت ۾ ڦاٿل خلق خدا جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهندا هئا، پر هاڻي ايئن ناهي. هاڻي وارا آفتن کي ڪمائي جي موسم سمجهن ٿا، ان ڪري ڪير ٻڏي ٿو يا ڪير بچي ٿو، ان سان کين ڪا گهڻي غرض ڪانهي- اهي هڪٻئي سان رڳو اهي احوال ڪندي ٻڌبا آهن ته ڪنهن ڪيتري سيزن ڪمائي؟ ڇو ته اهي درد ۽ پيڙا جي مارڪيٽنگ جا گُر ته ڄاڻن ٿا پر اُن درد جو دارون ٿيڻ نٿا چاهين.

بي بي سي اردو سروس سان لاڳاپيل سينيئر صحافي وسعت الله خان اهڙين ئي مصيبت جي گهڙين ۾ يعني 2005 ۾ خيبر پختونخواه ۽ 2010 ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آيل هاڃيڪار ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جو اکين ڏٺو مشاهدو ڪيو ۽ اُن مشاهدي جي آڌار هن “ٻوڏ ڊائري” لکي جيڪا هاڻ ڪتابي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهي، جنهن ۾  هن جن ماڻهن جو درد اوتيو آهي، اتي سرڪاري ادارن جي نا اهلي ۽ ڪمزورين کي به سڄي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي. آبپاسي کاتي سميت سمورن کاتن جي نا اهلي سبب آيل ٻوڏ کي هن پنهنجي قلم سان ايمانداريءَ سان قلمبند ڪيو آهي. هن سنڌ، خيبر پختونخواه ۽ پنجاب جو لڳاتار سفر ڪيو ۽ پنهنجي مشاهدي جي اک سان اهڙي ته بلا جي منظر نگاري ڪئي آهي جو وڃي ٿيا خير، هو ملتان کان ليه جڏهن پهچي ٿو تڏهن ٻوڏ کان وڌ کيس افواهن جي ٻوڏ نظر اچي ٿي. باوجود ان جي هو هڪ هنڌ ماڻهن  جي لڏپلاڻ جي دردناڪ منظر بابت هيئن ٿو لکي: “مون هندستان جي ورهاڱي جا منظر ته نه ڏٺا هئا فقط بزرگن کان ٻڌا اٿم. ليڪن  چناب ندي جي پل تي پهچڻ کانپوءِ مونکي ايئن لڳو ڄڻ ورهاڱي جي موضوع تي ٺهندڙ ڪنهن فلم جي شوٽنگ ٿي رهي هجي”

ليه ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ جا منظر ڏسڻ کانپوءِ ڪروڙ لعل عيسن پهچي ٿو. ڪروڙ لعل عيسن منهنجي سرائيڪي دوست الهه ڏوايا جو ڳوٺ آهي، جتي سندس ملاقات سرائيڪي جي مشهور شاعر اَشو لال سان ٿئي ٿي. اشو لال سنڌوءَ جو عاشق شاعر آهي، هن پنهنجي سرائيڪي شاعريءَ جو ڪلام “سنڌ ساگر نال هميشان” ۾ سنڌوءَ متعلق نظم لکيا آهن، اچو ته سندس هڪ خوبصورت نظم پڙهون:

ڪوئي ديوتا هئي جهڙا سمدا نئين،

ڪوئي ديوتا هي جهڙا سُتا پئي.

(ترجمو: ڪوئي ديوتا (سنڌو درياهه) آهي جو سمهي نٿو، ڪوئي ديوتا آهي جو سمهي رهيو آهي)

سرائيڪي جو اهو محبوب شاعر سنڌوءَ سان ايترو چاهه رکي ٿو جو ليکڪ کي چئي ڏئي ٿو ته “منهنجي ٻاروتڻ تائين سنڌو ديوتا جي تعظيم جو اهو لقاءُ هو جو ڪو به ماڻهو وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيشاب نه ڪندو هو. پوءِ ماڻهن درياهه کي درياهه بدر ڪرڻ لاءِ لالچ جي هٿوڙي سان ايترا ته گهرا گهاوَ ڏنا جو درياهه شاهه پاڳل ٿي ويو، ان ڪري غضب ۾ اچي ماڻهن کي ٻوڙي به ڇڏي ٿو”

وسعت الله خان “نانگن وچ ۾ زندگي” جي عنوان هيٺ لکيل پنهنجي ان مضمون ۾ ڪروڙ لعل عيسن جي ان پوڙهي سرائيڪي جي لوڪ ڏاهپ به بيان ڪري ٿو، جيڪو چوطرف پاڻي هوندي نانگ بلائن ۾ ڦاٿل آهي، پر کيس پنهنجو ۽ ٻچن جو درد نٿو ماري جيترو کيس پنهنجي مال متاع جو درد جهوري ٿو. جهور پوڙهو سرائيڪي هڪ سوال جي جواب ۾ چوي ٿو ته “ سائين مال جو ڇا ڪجي، ڪئمپن ۾ ماڻهن کي ماني ڳڀو نٿو ملي ته مال کي ڇا ملندو. هتي نانگ گهڻا آهن، ڪالهه مون ٻه پنهنجي هٿن سان ماريا آهن. اصل مسئلو مال جو آ- ٻار کي نانگ ڪکي ويو ته ٻيو ڄمي پوندو پر مال ويو ته اسان سڀ مري وينداسين” لکاري سفر جاري رکندي ڪالا باغ پهچي ٿو، جنهن جو نالو ٻڌندي ئي سياسي ڪارڪنن جي ذهن ۾ ڪالا باغ ڊيم نه کپي، وارو نعرو ضرور گونجندو هوندو. پر ڪالا باغ پهچندي ليکڪ جتي ٻوڏ جي تباهين جو شد مَد سان ذڪر ڪري ٿو اتي تاريخ جا ورق اٿلائڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿائين “ڪالا باغ نواب امير محمد خان سٺ جي ڏهاڪي ۾ اولهه پاڪستان جو گورنر هو. سندس ڊگهين ۽ گهاٽين مُڇن کان ايوب خان کي پنهنجو تخت لڏندي محسوس ٿيندو هو ليڪن اقتدار تان هٽڻ کانپوءِ ڪنهن ٻئي نه پر سندس پُٽ ئي کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو”، سنڌو هتي ڪالا باغ واري علائقي کي به سيراب ڪري ٿو ته کين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي غضب جو نشانو پڻ بڻائي ٿو.

ڊيرا غازي خان پهچندي پهچندي 14 هين آگسٽ ٿي وڃي ٿي ۽ لکاري ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ هنڌ ڪو ٽي وي چئنل ڏسي ٿو، جنهن ۾ اتان جو هڪ مقامي صحافي انسانيت جا سڀ ليڪا اورانگهيندي پاڻي ۾ گهڻي دير تائين رهڻ سبب هڪ پيءُ جي جهولي ۾ سيءُ سبب ٿڙڪندڙ ٻارڙو ڏسندي به کانئس بار بار سوال ڪري ٿو “اڄ پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن آهي اُن خوشيءَ جي موقعي تي توهان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟”

جواب ۾ ڏڪندڙ ٻارڙي جو پيءُ چوي ٿو “منهنجي ٻار کي  ٿڌ لڳي رهي آهي توهان وٽ ڪو ڪپڙو آهي؟”

اها آهي پروفيشلزم جي نالي تي ڪامن سينس ۽ انسانيت جي عصمت دري!

هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ماضيءَ ۾ ماڻهو هڪٻئي جي ڏک سک ۾ مدد ڪندا هئا، هڪ رضاڪاراڻو جذبو هوندو هو جيڪو هاڻي پاڻ وٽ لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي پر پوءِ به ڪُل جڳ ۾ ڪي ڪاپڙي آهن جيڪي اها دونهين دکايو ٿا اچن. اهڙي ئي هڪ ڪردار محمد رمضان ڇولن واري جو ذڪر ليکڪ پنهنجي ڊائري ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڊيرا غازي خان ۾ روزن جو مهينو هوندي به ڏکويل ماڻهن جي مدد جي اعتبار کان هوٽل کليل ٿو رکي ۽ ماڻهن کي سستي اگهه تي ماني مهيا ڪري ٿو. حالانڪه هڪ غريب ۾ مدد جو جذبو اڄ به موجود نظر اچي ٿو اتي امير توڙي سياستدان ڏکويل ماڻهن کي هڪ ويلو به ماني کارائڻ لاءِ تيار ناهن. ليکڪ ڄام پور جي ان هاءِ اسڪول جي عمارت تائين به پهچي ٿو جتي مولانا عبيد الله سنڌي پڙهيو هو، سندس چواڻي ظالم ٻوڏ جي پاڻي ڄام پور جو بنياد وجهندڙ جادم جکڙ جي قبر جو به خيال نه ڪيو. اها به پاڻي هيٺ آهي.

پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن کانپوءِ ٻوڏ ڊائري ۾ سنڌ جي علائقن جو ذڪر اچي ٿو، جنهن ۾ شروعات گهوٽڪي کان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هو قدرتي وسيلن سان مالامال گهوٽڪي جو تجزيو ڪندي ان سان مختلف ڌرين جي لاڳاپيل مفادن جي نشاندهي ڪجهه هن ريت ڪري ٿو “لاهور يا ڪراچي ۾ ويٺل صنعتڪار لاءِ گهوٽڪي، ڀاڻ، کنڊ بجلي پئدا ڪرڻ وارو ڪو ڪارخانو، اسلام آباد جي وفاقي سيڪريٽريٽ جي “A” بلاڪ جي ٽئين فلور تي آئل اينڊ گئس مشنري جي ڪنهن بيورو ڪريٽ لاءِ گهوٽڪي رڳو گئس فيلڊ آهي. جي ايڇ ڪيو ۾ ويٺل جنرل ان کي فقط هڪ ڇانوڻي سمجهي ٿو، دبئي ۾ ويٺل ڪنهن شيخ لاءِ گهوٽڪي سائبريا مان ايندڙ مهمان پکين  جو شڪار گاهه آهي، ڌاڙيلن لاءِ گهوٽڪي ڪچي جو اهو ٻيلو آهي جتي درياهه جي آرپار وارداتن کانپوءِ پوليس ۽ وڏيري کي اعتماد ۾ وٺي پناهه وٺي سگهجي ٿي. مقامي سردارن لاءِ گهوٽڪي اوطاقي سياست، طاقتور ملڪي ۽ غير ملڪي مهمانن کي شڪار ڪرائڻ جي مشغلي ۽ ضلعي ۽ صوبائي سياست ۾ گهوڙي کي بادشاهه ته ڪڏهن وزير کي پيادو بڻائڻ جي اها بساط آهي جنهن تي طاقت جو توازن برقرار رکڻ ۽ مخالف کي مات ڪرڻ لاءِ قبائلي جهيڙن جون چالون هليون وينديون آهن. هر هڪ جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي گهوٽڪي آهي، عام ماڻهو بس ڪچو مال آهي”

ياد رکڻ کپي ته گهوٽڪي ۾ موجود لبرٽي پاور پلانٽ جي مجموعي پئداوار ساڍا ڇهه سو ميگا واٽ آهي، جڏهن ته گهوٽڪي جي 10 لک آبادي کي فقط 45 ميگا واٽ بجلي کپي، پوءِ به اتي لوڊ شيڊنگ عام آهي- معنيٰ ته گهوٽڪي جي ڪمائي تي موجون ٻيا پيا ماڻين- پاڻ وارا سنڌي قومپرست ڪٿي آهن؟ اهو خود هڪ سوال آهي.

مونکي خبر ناهي ته وسعت، نسيم کرل جي ڪهاڻي “چوٽيهون در” پڙهي آهي الائي نه پر هن گڊو بئراج تي بيهي جنهن 65 هين دروازي جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو دردناڪ منظر اُن  اسان ڪافي مشابهت رکي ٿو” هو لکي ٿو “اهي هزارين چپلون شايد ڪالام کان شامل ٿيون هجن، شايد نوشهري، ليه يا راجن پور مان درياهه ۾ لڙهي آيون هجن ۽ اهي پائڻ وارا به درياهه ۾ لڙهي ويا هجن، جي ايئن هجي ها ته پوءِ سوين هزارين لاش به پنهنجا چپل ڳوليندي 65 هين در تائين ضرور پهچن ها”. ٻوڏ ڊائري ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ جو واقعو حقيقتن جي انڪشاف سان گڏ دلچسپ پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي” اندرون سنڌ هر ماڻهو ايشيا جو اٽلس کنيو گهمي رهيو آهي. هتي هر ماڻهو جو پنهنجو ايشيا آهي جيڪو ڳوٺ کان شروع ٿي وڌ مان وڌ ننڍي کنڊ تائين ڦهلجي وڃي ٿو جيئن ٽوڙي بند کي پوڻ واري گهاري کي ايشيا جو وڏو گهارو چيو پئي ويو” هو لکي ٿو.

هي ٻوڏ ڊائري ٽوڙي بند ٽوڙائڻ ۾ ملوث ڪردارن جي منهن تان ماسڪ به هٽائي ٿي، جنهن ۾ ڄام سيف الله ڌاريجو کان وٺي خورشيد شاهه تائين سڀ  لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. مزيدار ڳالهه ته خورشيد شاهه طرفان سکر جي بچاءُ بند تي پنهنجن پئسن مان مٽي وجهرائڻ وارو ڊرامو ايئن وائکو ڪيو ويو آهي ته اهي پئسا اصل اسلام الدين شيخ ڀريا هئا ۽ خورشيد شاهه ته صنعتڪارن جون اربين روپين جون صنعتون بچائڻ لاءِ ڪروڙين روپيا ورتا. ان کانسواءِ راندين واري وفاقي وزير اعجاز جکراڻي بيگاري ٽوڙائي جيڪب آباد جو شهباز ايئر بيس ڪيئن بچايو ۽ آمريڪين کان ڊالر ڪيئن ورتا. ان جو سربستو احوال به پڙهڻ جوڳو آهي. ليکڪ مرحوم مير سندر خان سندراڻي جي ٻڏل ڳوٺ دڙي به وڃي ٿو. هو سندس شوق شڪار ساريندي چوي ٿو ته “مير سندر خان ٿلهو متارو مڙس سياري ۾ سوئر ۽ ڪتن جي بڇ جو شوقين پر بلا جو مهمان نواز به هو، اڳ ۾ تر مان اغوا ٿيندڙ ماڻهو ڇڏرائڻ لاءِ سندر خان سان سرڪار رابطو  ڪندي هئي هاڻي سليم جان مزاري سان ڪري ٿي”

شڪارپور جا احوال اوريندي ليکڪ تاريخ جي واهه جي اپٽار ڪئي آهي، ماضي ۾ شهر کي ديوان شام لال جي پاور هائوس مان بجلي سپلاءِ جو به ذڪر ڪري ٿو جيڪو 60 جي ڏهاڪي تائين ڪار آمد رهيو، هو شڪارپور جي عملي حيثيت جا پڻ ڳڻ ڳائي ٿو. “1930ع جي شڪارپور ۾ 70 گريجوئيٽ ۽ باقي سنڌ ۾ ست گريجوئيٽ هئا. سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر آغا بدرالدين ۽ پهريون وزير اعليٰ الله بخش سومرو کي هن مٽي جنم ڏنو. سنڌي شاعري جي چئن ٿنبن شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي ۽ شيخ اياز مان آخري ٻه ٿنب شڪارپور مهيا ڪيا” هو وڌيڪ لکي ٿو.

“غيبي خان ياد اچي ٿو ” جي عنوان سان ليکڪ قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل عوام جي دردن کي جتي نهايت باريڪ بيني سان بيان ڪيو آهي، اتي هن چانڊڪا پرڳڻي جي هڪ سخي ڪردار غيبي خان جي سار پڻ لڌي آهي. هو رقمطراز آهي ته “چانڊڪا سردار غيبي خان کي 1930 جي ڏهاڪي ۾ انگريزن نواب سر غيبي خان جو خطاب ڏنو تڏهن هو نوَ لک ايڪڙ زمين جو مالڪ هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته هو سڀ کان وڏو جاگيردار هو، پر جاگيردار کان به وڏي غيبي خان جي دل هئي. جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري ڇڏي هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان نواب غيبي خان خلاف اليڪشن وڙهيو ته ڪامريڊ ۽ سندس ساٿي سڄو ڏينهن سندس خلاف چونڊ مهم هلائيندا هئا. ليڪن شام جو سندن ماني ٽڪي ۽ رهائش جو بندوبست غيبي خان طرفان هوندو هو”

هي ٻوڏ ڊائري حقيقت ۾ ٻوڏ ستايلن جي درد جي جتي ڪٿا بيان ڪري ٿي اتي ليکڪ تاريخ کي به واهه جو ڦلهوريو آهي، سندس محنت جس لهڻي. هي ڊائري هر پڙهئي لکئي ۽ ساڃاهه وند کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇو ته هن ۾ جتي ٻوڏ ستايلن جي نالي ۾ مال ڪمائڻ وارن جا پرداچاڪ ڪيا ويا آهن، اتي کوڙ تاريخي حقيقتون به نروار ڪيون ويو ن آهن، جيڪو پڙهي سو پرکي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو