Home / افيئر / پي آءِ اي طرفان پروقار تقريب
above article banner

پي آءِ اي طرفان پروقار تقريب

پاڪستان پنهنجي رنگ برنگي ثقافت ۽ تهذيب توڙي دلنشين قدرتي نظارن سبب سڄي دنيا جي سياحن جي دلچسپي جو محور رهيو آهي، پر ملڪ ۾ عدم استحڪام سبب پاڪستان ايندڙ سياحن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن لاٿ ايندي وڃي. پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياحن جي دلچسپي جو مرڪز بڻائڻ واسطي پي آءِ اي جي انتظاميا تاريخي مهم جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن جو نالو آهي “Majestic Pakistan”. ان مهم ۾ شامل آهن:

* سنڌ جي تهذيب جي تجديد ۽ Country Branding

* پي  آءِ اي جو پنهنجو FM ريڊيو چئنل (Majestic Voices)

* پي آءِ اي جا پنهنجا ميوزيڪل بينڊ (Majestic Music)

* پي آءِ اي جي تاريخي ميگزين “همسفر” جي ٻيهر اشاعت.


Majestic Pakistan مهم جي شاندار افتتاحي تقريب  20 نومبر 2011ع تي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي. هن تقريب ۾ ايم ڊي پي آءِ اي ڪيپٽن نديم خان يوسفزئي، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ۽ ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر (DMD) شرڪت ڪئي. تقريب جي صدارت اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم جي ٽيڪسٽائيل بابت صلاحڪار ڊاڪٽر مرزا افتخار بيگ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو. تقريب ۾ ايم ڊي پي آءِ اي کي وزن 2020ع بابت پريزينٽيشن ڏني وئي. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته پي آءِ اي ايندڙ  سال تائين ڪيترائي نوان ڪمرشل جهاز پنهنجي ٻيڙي ۾ شامل ڪندو. جڏهن ته پي آءِ اي ڪارگو ۽ Speedex کي بطور اسٽريٽجڪ بزنس يونٽس تيار ڪيو ويندو، جيڪي پنهنجي ذاتي جهازن جي ٻيڙي سان گڏ ڪم ڪندا. پي آءِ اي ٽريننگ سينٽر تمام جلد پنهنجون شاخون اندرونِ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر کوليندو. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪيئر مينيجر متعارف ڪرائيندو، جن جو مقصد ڪارپوريٽ ڪلائنٽس کي بهتر ڪسٽمر سروس فراهم ڪرڻ آهي. پي آءِ اي طرفان ڪنٽري برانڊنگ جو قدم سڀ کان بهتر  آهي، جنهن ۾ هفتي جا 24 ئي ڪلاڪ هلندڙ FM ريڊيو چئنل “Majestic Voices” جو افتتاح به شامل آهي. هي ريڊيو چئنل پاڪستان جي بينظير آوازن ۽ بي مثال ٽيلينٽ کي فروغ ڏيندو. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اداري ڪنٽري برانڊنگ جي ذميواري کنئي آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ پي آءِ اي ڏانهن وڃي ٿو. ڪنٽري برانڊنگ جو قدم دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به کنيو ويو، جنهن ۾ روشن مثال ملائيشيا ايئرلائن طرفان پنهنجي ملڪ لاءِ ڪيل برانڊنگ آهي. پي آءِ اي به ان  طرز تي پاڪستان جي ڪنٽري برانڊنگ ڪندو، جيڪو عمل يقينن ساراهه جوڳو آهي.

هن تقريب ۾ سنڌ جي تهذيب جي تجديد جي عنوان سان خصوصي پريزينٽيشن به ڏيکاري وئي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو. حميد آخوند صاحب ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو پي آءِ اي جي ڏور رس قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان کي عالمي افق تي بلند ترين ڪرڻ لاءِ پي آءِ اي جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڊي پي آءِ اي چيو ته پي آءِ اي تمام جلد موهن جو دڙو تائين اڏامون شروع ڪندو.

مهمانن جي تواضح Hi-Tea سان ڪرڻ بعد تقريب ۾ “Sketches” ميوزيڪل بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ ڪيترن ئي لوڪ فنڪارن به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ عمران جاويد، خادم حسين ۽ فهيم الڻ فقير شامل هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو