Home / ڪرنٽ افيئر / پ پ قيادت ۽ مرزا وچ ۾ ڇڪتاڻ يا نورا ڪشتي
above article banner

پ پ قيادت ۽ مرزا وچ ۾ ڇڪتاڻ يا نورا ڪشتي

هلندڙسا ل 27هين روزي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ قران مٿي تي رکي پاڪستان جي تاريخ جي لائيو ڏيکاري ويندڙ ڊگھي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ميڊيا جي “ڊارلنگ” بڻيل ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو معمو بڻيل آهي، جيڪو في الحال ته ڪنهن کي به سمجھه ۾ نٿو اچي، ٻيو ته ٺهيو،  پر شايد پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاريخ ۾ اڪيلو هي اهڙو اڳواڻ آهي جنهن لاءِ ان جي چيئرمين کي سئو دفعا سوچڻو ٿو پوي،ته هو سندس “زبان دراز” دوست خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري ؟

جيڪڏهن اهو ٽوپي ڊرامو ناهي ته پوءِ پارٽي ۽ ان جي هزارين ڪارڪنن کي سياسي طور ايترو منجهائڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿي رهيو آهي؟گذريل اڍائي پوڻن ٽن مهينن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا دوستن ۽ مخالفن جا راز فاش ڪرڻ جي انعام ۾ جيترو وقت ميڊيا ۾ حاصل ڪري سگھيو آهي ايترو وقت هو ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگھي ها جيڪڏهن هن جو تعلق صدر زرداري سان نه هجي ها.

“تعلق  جڏهن ٻوجهه بڻجي وڃي ۽ تعارف جڏهن روڳ بڻجي وڃي،ته پوءِ ساحر جي لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته:

“چلو اڪ بار فِر سي اجنبي بن جائين هم دونون!”

پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت جڏهن ٽوڙڦوڙ ۾ تيزي اچي رهي آهي،تڏهن سنڌ ۾ ڪمشنري نظام  جي بحال ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي مڪمل خاموشي ۽ نئين مڪاني نظام جي بل تي هلندڙ ڳالھه ٻولھه دوران  انگل نه ڪرڻ، ان ڪري سمجهھ ۾ اچي پيو ته هن سڄي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم هڪ مناسب حڪمت عملي تحت پاسو جھلي ويهي رهي آهي،جيئن حالتون سندس حق ۾ بهتر ٿين ته هو کُلي سامهون اچي،ان جو مُک سبب ذوالفقار مرزا به آهي، جنهن جو ڀوت به پيپلز پارٽي اڻ سڌي طرح ايم ڪيو ايم کي بڇائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنهن جو واضح مثال ذوالفقار مرزا پاران لنڊن وڃڻ ۽ اتي اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي ايم ڪيو ايم خلاف دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ جي دعوا به آهي.

ملڪ جي ناليواري صحافي رئوف ڪلاسرا پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ ڊگھي خبر شايع ڪئي آهي جنهن ۾ هن دعوا ڪئي آهي ته مرزا ۽ زرداري وچ ۾ جھيڙو شگر ملن ۽ زرعي زمينن جي ملڪيت تان ٿيو آهي، انهي اسٽوري ۾ هن انتهائي اهم نقطا سامهون آندا آهن، جن ۾ هن صدر جي ويجھي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته  ٻئي دوست انهي جھيڙي کي ايم ڪيو ايم ۽ بدعنواني جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن،رپورٽ ۾ ٻڌايو ويوآهي ته صدر زرداري ان وقت حيران ٿي ويو جڏهن هُن مرزا کي گھرائي چيو ته هو اهي سموريون شگر ملون ۽ زمينون کيس لکي ڏئي جيڪي هِن زرداري جي حمايت ۽ ڏوڪڙن مان ٺاهيون آهن، مرزا جڏهن اهي زمينون لکي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اها هُن لاءِ واقعي حيراني جي ڳالھه هئي .جنهن کانپوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا،پر زرداري صاحب انهي مسئلي کي آرام سان حل ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت هڪ ويجھي ساٿي کي ڪراچي موڪليو ، جيڪو بلاول هائوس ۾ ترسيو،جنهن مرزا سان ملاقات ڪري کيس آگاهي ڏني ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اوهان کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائي گهرو معاملن جو وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي مرزا سوچڻ شروع ڪيو پر کيس انهي ڳالھه جو جلد احساس ٿي ويو ته کيس انهي جي بدلي ۾ زمينن ۽ شگر ملن تان هٿ ڌوئڻا پوندا،رپورٽ ۾ چيو ويوآهي ته جيڪڏهن مرزا بغاوت جو علم بلند نه ڪري ها ته اهي زمينون ۽ ملون هٿ مان نڪري وڃن ها، پر انهي بغاوت کان پوءِ صدر لاءِ به اها ڏکي ڳالھه هئي ته هو ائين ڪري، ڇاڪاڻ ته هو پوءِ ان کي انتقامي ڪارروائي جو رنگ ڏئي ها، رپورٽ موجب هڪ ذهين مرزا هڪ تير ۾ ٻه شڪار ڪري ويو آهي، هاڻي هن کان زمينون ۽ شگر ملون لکرائڻ ڏکي ڳالھه آهي پر انهي جي خلاف ڪارروائي به نٿي ڪري سگھجي،انهي جھيڙي ۾  هُن اهي راز فاش ڪرڻ شروع ڪيا جيڪي هن جي علم ۾ انهي ڪري هئا ته هو صدر جو ويجھو دوست هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي دوستن کي انهي ڳالھه جي خبر آهي ته هو هڪٻئي جا اهڙا خوفناڪ راز ڄاڻن ٿا،جنهن ۾ هو هڪ ٻئي کي آساني سان تباھ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

هي هڪ طويل رپورٽ جو مختصر خلاصو هو، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ٻه ڳالھيون سامهون اچن ٿيون، پهرين ڳالھ اها ته جيڪڏهن انهي رپورٽ تي ٿوري دير لاءِ اعتبار ڪجي، پوءِ اها ڳالھه واضح آهي ته هن سڄي معاملي ۾ ذوالفقار مرزا ئي ڪامياب ٿي ويوآهي، ۽ هاڻي هوانهي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي جتي هن سان وڙهڻ جو خطرو پارٽي جي اعلي قيادت به نٿي کڻي سگھي، جنهن ڪري هو اقتدار جا سمورا مزا ماڻڻ کانپوءِ نه رڳو پنهنجي ملڪيت ۾ اضافو ڪرڻ پر انهي کي بچائڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو آهي، پر جيڪڏهن انهي رپورٽ جو ٻيو پاسو کڻي انهي تي شڪ جي نگاھه وجھي پاڻ اها ڳالھه ڪريون ته اها خبر اسلام آباد مان هٿ وٺي هلرائي وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي انهي ڳالھ جو اعتبار ڏياري سگھجي ته واقعي ٻنهي ويجھن دوستن ۾ اختلاف شدت جي حد تائين پيدا ٿي ويا آهن ،تڏهن به ڳالھه ٺهي ٿي ،پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته اها خبر سرڪار ڪوشش ڪري پرنٽ ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ جي ڪو شش ڪري ها، پر اڃا تائين انهي قسم جي ڪوشش سامهون نه آئي آهي. جيتوڻيڪ لنڊن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر مرزا اها ڳالھ ڪئي آهي ته هو رئوف جي رپورٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حق رکي ٿو.

پر اها ڳالھه به ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته بدين ۽ ٺٽي جي وچ ۾ ڪارو گھونگھڙو جي پل تي هڪ وڏو سائن بورڊ لڳل هو جنهن تي “ فهميده مرزا فارم” لکيل هو ،اهو بورڊ 6 مهينا اڳ ۾ لهي ويو آهي، انهي جو سبب ڇا هو؟ انهي جي خبر انهن کي وڌيڪ هوندي جن اهو بورڊ لهرايو آهي، چون ٿا ته ڊاڪٽر مرزا انهي علائقي ۾ ڳچ زمين خريد ڪئي  هئي،

ايم ڪيو ايم جو پوئتي هليو وڃڻ

هتي اسان پڙهندڙن کي ملڪ جي ناليواري صحافي نجم سيٺي پاران ڪيل اها ڳالھه ٻڌائڻ به ضروري ٿا سمجھون ،جنهن ۾ هن چيو آهي ته مرزا جو لنڊن وڃڻ ايم ڪيو ايم لاءِ تمام گھڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو، انتهائي ملائم لهجي ۾ سخت ترين انڪشاف ڪندڙ ۽ نجم سيٺي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ڳالھه ڪئي آهي ته پاڪستان جي فوج جي مستقل اتحادي  ايم ڪيو ايم کي  ايندڙ ڏينهن ۾سنڌ توڙي پاڪستان ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سوچيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ هن جي طاقت کي محدود ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم اندر هڪ ٻي قيادت چيئرمين جي صورت ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ٿي ويو آهي، هن جي چوڻ موجب ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي اعلي قيادت تي به آڱريون اٿيون آهن، انهي ڪري برطانيا جي سيڪيورٽي فورسز انهن مٿان نظر به رکي ويٺي آهي، انهي ڪري انهي ڳالھه جا چٽا امڪان آهن ته الطاف حسين کي انهي ڳالھه تي مجبور ڪيو وڃي ته هو سندس تنظيم اندر پنهنجي ڪردار کي محدود ڪري، ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي لاءِ چيئرمين شپ جو نئون عهدو تخليق ڪري اهو ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪيو وڃي، انهي لاءِ هن ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفي ڪمال ۽ انيس قائم خاني جو نالو کنيو آهي، هُن جنهن مهل انيس قائم خاني جو نالو کنيو ته انهي مهل هن جي هٿن جا اشارا انيس قائم خاني مٿان ڪيتريون ئي شاهديون ڏئي رهيا هئا، هن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار مرزا پاران شاهديون کڻي لنڊن پهچڻ به انهي پلان جو حصو آهي، اهو پلان ڪنهن جو آهي؟ انهي بابت ته وضاحت ناهي ٿيل پر اهو ممڪن آهي ته ايم ڪيو ايم جن جي مستقل اتحادي آهي، ممڪن آهي ته هو هاڻي انهي کي پاڻ مٿان ٻوجھه سمجھندا هجن.

جنهن ڏينهن ڊاڪٽر مرزا لنڊن ويو پئي انهي ڏينهن سندس گهر واري ۽ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا صاحبه ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪري رهي هئي، ۽ ٽي وي چينلز تي ذريعن جي حوالن سان اهي خبرون هلي رهيون هيون ته هن سندس گهر واري(مرزا) جي سياست کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، ان رات ڊاڪٽر مرزا پروٽوڪول ۾ ڪراچي ايئر پورٽ پهتو، هو روانو ٿيو ته الطاف حسين صدر کي فون ڪري دانهن ڏني ته مرزا هن جي پويان پئجي ويوآهي، ۽ انهي ئي ڏينهن رات جو الطاف حسين پاران آءِ ايس آءِ بابت ترديدي بيان هلڻ شروع ٿي ويا هئا، وزير اعظم وفاقي ڪابينا ۾  ذوالفقار مرزا جي ذڪر تي لاتعلقي جو اظهار ڪيو، ۽ شام جو ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ۾ هن انهن جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ مرزا خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي، ۽ ڪجھه دير کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ هن چيو ته اختلاف جھموريت جو حصو هوندا آهن ، پر پي پي پي هڪ خاندان آهي ۽ مرزا انهي جو حصو آهي.

هن صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي سان واضح ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته  هن دفعي جيڪڏهن واقعي مرزا وٽ ٺوس ثبوت آهن ته پوءِ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ الطاف حسين سُک سان نه ويهي سگهندو، انهي ڪري ايم ڪيوايم پنهنجو سِر بچائڻ لاءِ ڪجھ به ڪري سگھي ٿي.

ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجھ “مٿين” جي رضا سان ٿي رهيو آهي ، ۽ ثبوتن جا بريف ڪيس اهي ئي هٿ ڪري سگھن ٿا، شايد اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر مرزا پاران رحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف پيش ٿيندڙ چارج شيٽ ۾ انهن خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ ايس آءِ ۽ آرمي چيف کي اپيل ڪئي ويندي آهي.

پيپلزپارٽي ۽ مرزا وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار کانپوءِ بدين جي شهر گولاڙچي ۾ منظور وساڻ جي حمايت ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي هئي، جيڪا گولاڙچي جي پي پي پي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو جي چوڻ تي ڪڍي وئي هئي، هن ريلي کي روڪڻ لاءِ مرزا جي حامين اڳواٽ انهي جو رستو روڪي ورتو، هنن جي هٿن ۾ هٿيار هئا، ريلي ۾ شامل پي پي پي ڪارڪن جيئن اڳتي وڌيا ته هنن کين چتاءُ ڏنو ته هو اڳتي وڌيا ته سٺو نه ٿيندو، پيپلز پارٽي جو هاڻوڪو جنرل سيڪريٽر غفور نظاماڻي اهو الزام هڻي ٿو ته ڊاڪٽر مرزا انهي وقت گولاڙچي جي الحافظ پمپ وٽ موجود هو ۽ فون تان هدايتون ڏئي رهيو هو، انهي ريلي ۾ جهيڙو ٿي وڃي  ها پر شهر جي ڪجهه ماڻهن وچ پئي معاملي کي ٽاريو، پر انهي جي باوجود شهر ۾ افراتفري مچي وئي، ماڻهن خوف ۾ ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڊاڪٽر مرزا شهر ۾ قائم ٿيل سندس آفيس ۾ پهتو،جتي هن منظور وساڻ ۽ ٻين خلاف ڳالهايو،هن الزام هنيو ته پيپلزپا رٽي تعلقي گولارچي جو صدر غفور ميمڻ هن جا 35 لک رپيا کائي ويو آهي، انهي سڄي صورتحال کانپوءِ ٻئي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ  ڪراچي ۾اجلاس سڏايو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، رئيس بشير خان سريوال، مير بابو ٽالپر، محمد نواز چانڊيو، حاجي رمضان چانڊيو، غفور نظاماڻي، شامل هئا، جڏهن ته انهي اجلاس ۾ وڏي وزير کان علاوه صوبائي وزير منظور وساڻ، آغا سراج دراني، ۽ بعد ۾ مير نادر مگسي به شرڪت ڪئي، اجلاس جي اندروني ڪهاڻي اها آهي ته جڏهن بدين جي تنظيم جي اڳواڻن ڊاڪٽر مرزا ۽ ان جي ماڻهن مٿان هڪ ڊگھي چارج شيٽ پيش ڪئي ته منظور وساڻ چيوته آهستي آهستي سڀ ڪم ٿيندا، ڇاڪاڻ ته مٿان کان پاليسي ڪليئر ناهي، ۽ هٿ هلڪو رکڻو آهي،جنهن تي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو ڪاوڙجي پيو، ۽ هن چيو ته ساڍن ٽن سالن ۾ اسان هڪ سپاهي به بدلي نه ڪرائي سگهيا سين، پهرين چيو ويو ته ريليون ڪڍو، هاڻي چئو ٿا ته ماٺ ڪريو.  مقامي سطح تي انهي تبديلي بعد ڊاڪٽر مرزا کي انهي ڪري ڌڪ لڳو آهي ته هاڻي ماڻهن کي اها پڪ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ته اهو ٽوپي ڊرامو ناهي،جيتوڻيڪ اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فهميدا مرزا اڃا سمورن اختيارن سان موجود آهي انهي ڪري نون عهديدارن جي سفارش تي موجود انتظاميا کي تبديل ڪرڻ هڪ وڏو سوال اڃا جيئن جو تيئن موجود آهي،نوان عهديدار بحال ٿيڻ بعد جڏهن بدين پهتا ته غفور نظاماڻي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٻن سالن تائين ڪارڪنن جي زبانن تي تالابندي هئي، هاڻي ڪارڪن آزاد ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر مرزا سان تعلق رکندڙ ويجھن ماڻهن به جڏهن کيس سمجھائڻ جي ڪو شش ڪئي ته هن انهن جا وڌيڪ دليل ٻڌڻ کانسواءِ مٿن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪير ڇڏي وڃي ته کيس انهي جي پرواھ ناهي،

مرزا شروع کان طبيعت جو تيز ۽ حد درجي جو چيڙاڪ آهي،  خاص ڪري اقتدار وارن ٽن سالن ۾ هن سان ملندڙ عام توڙي خاص ماڻهن کي پنهنجي  بي عزتي جو ڊپ ٿيندو هو جنهن مهل هو هِن سان ملندا هئا، هن جا ملاقاتي، پارٽي جا اڳواڻ هجن يا عام ۽ خاص ماڻهو ملڻ کان اڳ ۾ اها پڇا ضرور ڪندا هئا ته” صاحب جو موڊ ڪيئن آهي”، پيپلزپارٽي جي هن دور ۾ انتهائي طاقتور طور ليکئي ويندڙ ڊاڪٽر مرزا جي روئي تي ڪنهن انهي ڪري به رد عمل ظاهر نه ڪيو ته هو موٽ ۾ ڪجھه به ڪري سگھڻ جي پوزيشن ۾ هو،۽ داد فرياد جي اميد به نه هئي،

هن جي دوستن مان ڪيترن کي انهي ڳالھه جو ڊپ آهي ته هو پنهنجي انهي طبيعت جي ڪري ڪنهن اهڙي ڏچي ۾ نه پئجي وڃي جنهن جو ازالو ممڪن ئي نه هجي، ڇاڪاڻ ته هِن جي حامين خلاف به جيڪڏهن ڪا،ڪارروائي ڪئي وئي ته هن جو رد عمل اهو ئي هوندو ،جيڪو رياستي ادارن کي چيلينج ڪرڻ کان گھٽ نه هوندو، انهي ڪري هِن جا دوست سمجھن ٿا ته هو جنهن رستي تي هلي نڪتو آهي اهو جيڪڏهن واقعي ائين ئي آهي جيئن ظاهري طور نظر اچي ٿو ته ان جا گهڻا نقصان ٿي سگهن ٿا،

مرزا جي لنڊن وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بعد ايم ڪيو ايم جو هڪ وفد بابر غوري جي اڳواڻي ۾ صدر زرداري سان مليو آهي، جنهن ۾ صدر زرداري هنن کي يقين ڏياريو آهي ته هن جو مرزا سان ڪوبه تعلق ناهي، ۽ عين ممڪن آهي ته صدر پاران مرزا خلاف ڪارروائي جا حڪم به جاري ڪيا وڃن، جيئن ايم ڪيو ايم کي مطمئن ڪري سگھجي، پر اها ڳالھه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته مرزا ۽ زرداري گھڻو وقت پري رهي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هِن سڄي صورتحال ۾ مرزا ئي زرداري جي مجبوري نظر اچي ٿو، راز فاش ڪرڻ واري عادت هٿان مجبور مرزا گهڻن جا سِر کڻي سگھي ٿو انهي ڪري  عقلمند زرداري نه چاهيندو ته هو ڪو به اهڙو عمل ڪري جيڪو ان لاءِ ختم نه ٿيندڙ پريشاني جو سبب ٿئي،

ڪجھ به ٿئي ، پر مرزا  واپس زرداري صاحب ڏانهن موٽي ايندو، عوام جو حافظو ڏاڍو ڪمزور ٿيندو آهي، ۽ انهي کي ويسر جو مرض اڄوڪو نه پر صدين کان لاحق آهي، ٻئي ڪنهن جو ڪجھ وڃي نه وڃي، پر سنڌ جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن سان هن دفعي جيڪو کيڏ کيڏيو پيو وڃي انهي جا نتيجا ڏسڻ لاءِ باقي ڪجھ ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو،

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو