Home / ڪور افيئر / پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي
above article banner

پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي

“خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي”! حالتون ته اهڙيون ئي نظر اچن ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪومت جي موڪلاڻيءَ جي ڀرپور رٿابندي ڪري ڇڏي هئي، پر نيٽو کي شاباس جنهن حملو ڪري حڪومت کي موقعو ڏنو ته اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو ٿي وري ڪجهه ڏينهن لاءِ حڪومت کي آڪسيجن تي ساهه کڻائي سگهي! “ته ڇا نيٽو وارن پاڪستان جي فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو پ پ وارن جي صلاح سان ته ناهي ڪيو؟” اهڙو ٻاراڻو سوال اڃان تائين ڪنهن ناهي ڪيو. پر ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حڪومت آمريڪا جي صلاح سان ضرور ڳائجي ۽ وڄائجي ٿي، اهو ته سڀڪو سمجهي ٿو. حڪومت جي قائم رهڻ يا اوچتو موڪلائي وڃڻ جي سوال کي اگر سمجهڻ جي نيت ڪبي ته پوءِ هڪ دفعو ٻيهر اسامه بن لادن جي مارجڻ، حسين حقاني وارو ميمو ۽ نيٽو جي حملي جي ڪڙين متعلق ڳالهين کي هڪ دفعو ٻيهر ضرور ٻڌڻو پوندو. ملڪ جي مالڪن الائي ته ڪهڙي ڳالهه تان ۽ الائي ته ڪڏهن اهو طئي ڪري ورتو ته هاڻي پ پ جي حڪومت نه کپي. توڙي جو اهي پاڪستان کپي جو نعرو پيا هڻن پر زرداري نه کپي. سمجهيو ته اهو پئي ويو يا سمجهايو پئي ويو ته پ پ آمريڪين جي آشيرواد سان آئي آهي، شهيد بينظير ڀٽو به سندن آشيرواد سان پاڪستان آئي هئي ۽ سندس ملڪ اچڻ جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ آصف زرداريءَ آمريڪا ۾ زبردست لابنگ ڪئي هئي پر محترمه پاران آمريڪين سان طئي ڪيل ڳالهين جي ابتڙ سياست ڪرڻ سبب کيس شهيد ڪيو ويو. ان بعد صدر زرداريءَ وري آمريڪين کي راضي ڪري سندن معرفت پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪيون ۽ اقتدار ورتو. ايستائين به ڳالهه ٺيڪ آهي. پر ان بعد پيپلزپارٽيءَ ڪوشش ڪئي ته جج بحال نه ڪري، ڳجهي اداري کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪري. پر ٻنهي معاملن تي پ پ قيادت کي بدترين شڪست کائڻي پئي، ميثاق جمهوريت، مذاق جمهوريت ۽ مفاهمت شايد ته منافقت بڻجي پئي آهي. ميثاق جمهوريت ۽ مفاهمت جو حشر جيڪو به ٿيو پر حڪومت هلي پئي، معنيٰ جمهوريت قائم ۽ دائم آهي، اسان سڀني کي ان تي خوش ٿيڻ گهرجي. ڇو ته جڏهن مشرف جي بادشاهت هئي تڏهن اسان جو سمورو دانشور لڏو، صحافي ۽ سول سوسائٽي سڀ ان ڳالهه تي راضي هئا ته بهترين آمريت کان بدترين جمهوريت به ڀلي. پر هاڻي صرف پ پ دشمنيءَ ۾ ڪيترين قوتن کي موجوده جمهوريت به آمريت لڳڻ لڳي آهي!

اسٽيبلشمينٽ به شايد اهوئي سمجهي ٿي ته موجوده جمهوريت ان ڪري بدترين ٿي پئي آهي جو اها وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. جنهن جو سڀ کان گهڻو فائدو پيپلزپارٽيءَ کي ٿيندو. مارچ جي سينيٽ چونڊن ۾ زرداريءَ جي ماڻهن جي ڪاميابيءَ جو تصور ڪري شايد اسٽيبلشمينٽ جا پگهر وهڻ شروع ٿيا ۽ آمريڪين به طئي ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل پ پ سندن ڪنهن ڪم جي ناهي في الحال. تنهن بعد ئي ميان نواز شريف “گو زرداري گو” وارو روڊ ماپڻ شروع ڪيو. پ پ جا جيالا چون ٿا ته ميان نواز شريف کي آمريڪي سي آءِ اي جي حمايت حاصل آهي. ڇو ته افغانستان مان نڪرڻ ۽ طالبان سان ڳالهين لاءِ آمريڪا کي نواز شريف جهڙي مذهبي سوچ رکڻ واري اڳواڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته ملڪ جا ڳجها ادارا وري پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ٻنهي مان ناخوش آهن ۽ هو پنهنجي پسند جي قيادت ۽ حڪومت آڻڻ لاءِ عمران خان جي مٿي تي شفقت وارو هٿ رکي چڪا آهن. اهي اهڙا تضاد آهن جيڪي سمجهه ۾ نه پيا اچن. هڪ وقت هو، جنهن کي ياد ڪري ميان نواز شريف پاڻ اڄ چوندو پيو وتي ته هن آمريڪا جي ڊڪٽيشن نه ورتي ۽ آمريڪي امداد بند ٿيڻ باوجود ايٽمي بم ڌماڪا ڪيا. ريمنڊ ڊيوس معاملي تي به نواز ليگ وارن جي ڦُڙتي اهڙي هئي جو ان مان ته ڪو نه پئي لڳو ته ڪو سي آءِ اي سندن حامي ۽ مددگار ٿي پئي آهي. ۽ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ ئي اهم ڪم آهي ته اهو ڪم نوازليگ وانگر پ پ به ڪري سگهي ٿي. اگر محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي دور ۾ نصيرالله بابر جي معرفت افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ڪرائي ته هاڻي آصف زرداري طالبان سان امن ڳالهيون به ڪري سگهي ٿو. پر شرط هڪڙو آهي ته “اصل ڌڻي” آمريڪين سان ان نقطي تي متفق ٿين ته پاڪستان طالبان سان ڳالهين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسٽيبلشمينٽ اصل ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) مان بيزار ٿي پئي آهي تنهن ڪري عمران خان ميدان ۾ آيو آهي ۽ هڪ بائونسر سان نواز ليگ ۽ پ پ جون وڪٽون ڪيرائڻ جي هام هڻي پيو. اها گهڻي قدر سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي. جڏهن آمريڪين اسامه بن لادن کي اچي ايبٽ آباد ۾ سوگهو ڪيو ته اها پيپلزپارٽي ئي هئي جنهن اڪيلي ٿي پيل اسٽيبلشمينٽ ۽ ڳجهن ادارن کي زوردار تنقيد مان آجو ڪرايو. ته پوءِ جن ادارن کي پ پ پنهنجي ساٿ وسيلي باعزت انداز سان ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو اهي ادار ڇو هن حڪومت خلاف ٿي بيٺا آهن؟ اهو سوال به اهم آهي.

ان سوال جي اهميت سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته حسين حقانيءَ کي جنهن ميمو اسڪينڊل جي سُوليءَ تي چاڙهي ڦٽو ڪيو ويو آهي ان جو ذڪر ڪجي. خيال اهو آهي ته ميمو اسڪينڊل سي آءِ اي ۽ پاڪستان جي هڪ سگهاري اداري جو گڏيل ڪارنامو آهي. سي آَءِ اي پاران منصور اعجاز ۽ پاڪستاني ڳجهي اداري پاران پاڪستان جي هڪ وڏي ميڊيا هائوس جي آمريڪا ۾ ترسندڙ ناليواري صحافيءَ اهو ميمو تيار ڪيو. اهي ٻئي شخص حسين حقانيءَ سان ملندا رهيا آهن، ان ۾ صداقت آهي. حسين حقاني سمجهيو ويندو آهي ۽ هن ڪتاب لکي ثابت به ڪيو آهي ته هو آمريڪا جي گهڻو ويجهو ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو مخالف ٿي چڪو آهي. منصور اعجاز ميمو وارو اهو معاملو ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ اخبار “فنانشل ٽائيمز” ۾ جيڪو آرٽيڪل لکيو ان ۾ حسين حقانيءَ جي ميمو جو ذڪر ڪرڻ کان علاوه اهو به چيو ته پاڪستان جو هڪ ادارو دهشتگرد تيار ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. منصور اعجاز جي ان ڳالهه کي ته پاڪستاني ميڊيا نشر ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. بهرحال ميمو اسڪينڊل ان لاءِ ئي تيار ڪيو ويو ته جيئن پ پ قيادت جي حب الوطنيءَ تي شڪ ڪري کين غداريءَ جو ڏوهه ڪرڻ جي زمري هيٺ آڻجي ۽ کين اقتدار کان الڳ ڪجي. هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ ميمو اسڪينڊل تيار ڪرائيندڙن کان يا ته تڪڙ ٿي وئي آهي يا حسين حقانيءَ کي هو پنهنجي ڄار ۾ صحيح طرح سان ڦاسائي نه سگهيا. جنهن ڪري صدر زرداري غداريءَ جو ڪيس داخل ٿيڻ کان بچي ويو. ان بعد صورتحال اهڙي هئي ته آخري وقت تائين به صدر زرداريءَ پاران حسين حقانيءَ کي بچائڻ جا جتن ڪيا ويا. پر وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ طرفان “طاقتور ماڻهن” آڏو اٽل ارادي سان بيهي نه سگهڻ سبب حسين حقانيءَ کي استيعفيٰ ڏيڻي پئي. خبر اها آهي ته وزيراعظم کي چيو ويو ته “دبئي منتقل ٿيندڙ ڪجهه ڪاغذن سبب توهان خلاف ڀرپور ڪم ٿي سگهي ٿو اگر تعاون نه ڪندئو”. جنهن ڪري مجبوريءَ ۾ وزيراعظم ان موقعي تي صدر زرداريءَ جي خيال جو حامي نه ٿي سگهيو. ان ڪري اهي خبرون به هيون ته صدر ۽ وزيراعظم ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ تبديليءَ جي صورت ۾ صرف صدر کي استيعفيٰ ڏيڻي پوندي. پر اصل صورتحال ايئن ناهي، گيلاني پ پ جو باغي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، پر پاڻ کي بچائي ضرور پيو.

هن سڄي معاملي ۾ به آمريڪا جي ملوث هجڻ جو نقطو ته وري به موجود آهي ۽ اهو سمجهڻ واقعي به ڏکيو آهي ته آمريڪي ميمو گيٽ اسڪينڊل ۾ ڇو ملوث هوندا ۽ کين ڪهڙا فائدا ٿيندا؟ ميمو گيٽ اسڪينڊل ۾ آمريڪين جي رضامندي هجڻ جي نقطي کي ڪنهن وضاحت کانسواءِ رد به نه ٿو ڪري سگهجي نه ئي قبول ڪري سگهجي ٿو. پر بهرحال اهو اشارو سمجهي سگهجي ٿو ته آمريڪي به پ پ مان خوش ناهن رهيا. جنهن ڪري پاڪستان ۾ تبديليءَ جي فضا جنم وٺڻ لاءِ تيار ٿي چڪي هئي. پر اچانڪ نيٽو پاران پاڪستان جي فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي ڪرڻ سبب صورتحال هڪدم تبديل ٿي وئي آهي. پ پ حڪومت اهي فيصلا ڪيا جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڊڪٽيٽ ڪرايا. حقيقت ته اها آهي ته ڪابينا جي دفاع بابت ڪميٽيءَ جي هنگامي اجلاس کان اڳ ئي نيٽو جي سپلاءَ بند ٿي چڪي هئي. حڪومت ته صرف پريس رليز جاري ڪري ٻڌايو ته اهو فيصلو ڪرڻو پيو. اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ ملڪ جي تحفظ ۽ سرحدن جي حافظت ڪرڻ جي ذميوار ڪنهن به آفيسر استيعفيٰ نه ڏني پر حسين حقاني هڪ فرضي اسڪينڊل تي گهر ڀيڙو ٿيو. اها انتها هئي جيڪا سمجهائي ٿي ته پاڪستان ۾ سياست ۽ حڪومت صرف ووٽ جي بنياد تي ناهي ٿيندي. هر فيصلو هڪ طاقتور ڌر طرفان ايندو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي لڳي ٿو ته جيڪا پ پ وقت اچڻ تي سندن ساٿ ڏئي پئي اها پارٽي في الحال ڪمزور آهي. پر ان ئي پارٽيءَ کي اگر سينيٽ چونڊن ۾ سرسي ملي وئي ته ان طاقت جي ڏڍ تي ايندڙ ڏهن سالن لاءِ مضبوط ٿي ويندي. اهڙي مضبوطيءَ کانپوءِ ساڳي پ پ کين ڏينهن جو به تارا ڏيکاري سگهي ٿي. “ڳجهي ايجنسيءَ” کي گهرو وزرات جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو اڳ اگر تعميل هيٺ نه اچي سگهيو ته بعد ۾ اچي سگهي ٿو. مسئلو اهو ئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ پ پ مان اڄ به ڊنل آهي ته ان جمهوري پارٽيءَ جي قيادت ڪيتري به لالچي يا مفاد پرست ڇو نه هجي پر پنهنجي سياست جي بقا لاءِ اهي قدم کڻي سگهي ٿي جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي نڪ ۾ ناڪيلي ثابت ٿي سگهن ٿا. حڪومت جي تبديلي اگر ڪا اچڻي به هئي ته اها في الحال ٽري چڪي آهي. پر ڪيتري وقت تائين؟ ان جي خبر راولپنڊيءَ وارن کي يا سندن ويجهو رهندڙ صحافين کي. اسان کي ته اهو ٿو لڳي ته آمريڪا پ پ مان گهڻو ناخوش ناهي ۽ اڃان به پ پ جو ساٿ نه ڇڏيو اٿن. باقي عمران خان لٿو آهي ميدان ۾ ملڪ جي اصل مالڪن جي مرضيءَ سان. وٽس آيل پيسو ۽ ماڻهو اڃا عجب جو نشان آهن. پر ايڏا ماڻهو گڏ ڪري وٺڻ کانپوءِ به اهو چوڻ ته عمران خان ووٽن جي پهاڙ تي بيهي حڪومت ٺاهيندو، هڪ وڏي خوش فهمي آهي. جيڪا خلق ووٽ وجهندي آهي، اها خلق ٽي وي چينلن جي تبصري بازن کان گهڻو ڏور رهي ٿي. عمران خان جو ڀُوت هن حڪومت جي تڏا ويڙهه لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نواز ليگ کي بارگيننگ پوزيشن تي آڻڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڪم نڪرڻ کانپوءِ عمران وري لاپتا ماڻهن جي ڪيس متعلق رڙيون ڪندو رهجي ويندو. پر اگر کيس حڪومت ڏني به وئي ته سندس ڪاميابي ڌانڌلين جي نئين عظيم الشان رڪارڊ جي بنياد تي ٺهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو