Home / افيئر / ڀاڻ جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي واڌ: سرڪار اگهور ننڊ ۾
above article banner

ڀاڻ جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي واڌ: سرڪار اگهور ننڊ ۾

سنڌ صوبو، جنهن جو ملڪ جي مجموعي زرعي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ پنجويهه سيڪڙو حصو آهي، ان صوبي کي گذريل سال جي مها ٻوڏن ۽ هن سال جي مها برساتن هڻي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾  حڪومت جي  روينيو ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ته ان سان گڏوگڏ سنڌ جي لوئر ۽ لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ غريب، هاري ۽ ننڍي زميندار کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جي ٻوڏن ۾ سنڌ جي سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو هو، ۽ هيل به ٿيل سارين جي فصل کي برساتن هڻي تباهه ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح نه رڳو سارين، پر هيلوڪي برساتن ۾ سنڌ جي ڪپهه جي فصل کي به لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ڌڪ رسيو آهي.


گذريل سال به خريف ۽ ربيع جي فصلن جي ٺيڪ ٺاڪ تباهي ٿي ته هيل به خريف جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ متاثر ٿيل لکين ننڍن آبادگارن ۽ هارين وٽ ربيع جو فصل ۽ فروٽ پوکڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، جو هو ان فصل ۽ فروٽ جي پوکي ڪري سگهن، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جنهن لڳ ڀڳ پنج ارب روپين جو زرعي پيڪيج ڪاغذن ۾ تيار ته ڪري ورتو آهي، پر اهو پيڪيج اڃا “منطوريءَ ” جي مرحلي آهي، ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ هڪ گڏجاڻي به بلاول هائوس ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ زراعت کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن کيس بريفنگ ڏني ته “اسان تيار آهيون رڳو سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سمري تي صحيح ڪري ته اسان برسات متاثر ننڍن آبادگارن ۽ هارين ۾ ربيع جي فصلن جو ٻج ۽ ڀاڻ تقسيم ڪيون”.

سنڌ جي زراعت کاتي ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن طرفان گذريل سال جي  ٻوڏن کان پوءِ ورهايل فصلن جي ٻجن ۽ ڀاڻ جا “قصا” ته ڪنهن کان به لڪل ناهن، ان ڪري ان ڳالهه جو اندازو چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو ته هيل به سرڪاري ٻج ۽ ڀاڻ ڪنهن جي اوطاقن، گودامن، بنگلن جي اسٽور رومس جي زينت بڻبو، ڇاڪاڻ ته گذريل سال پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ضلعي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، تعلقي صدرن، سيڪريٽرين، سٽي صدر، سيڪريٽرين ۽ ٻين “جيالن” گاڏين جون گاڏيون ڀرائي وڃي ڪارخانن ۽ ڊسٽريبيوٽرن کي ٻج ۽ ڀاڻ وڪيو هو.

نه رڳو ايترو پر سنڌ سان ته جيڪو اٿي ٿو اهو ظلم ڪرڻ لاءِ ور کڻي بيهي ٿو رهي، تازو سنڌ ۾  ئي ڀاڻ تيار ڪندڙ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني وارن ڀاڻ جي پنجاهه ڪلو واري في ٻوريءَ تي 400 روپيا اضافو ڪري ڇڏيو هو، جنهن لاءِ ڪمپني جي مالڪن (جن جي اڄڪلهه سنڌ حڪومت سان تمام گهڻي ويجهڙائپ آهي، ڇاڪاڻ ته ساڳي ڪمپني ٿر جي ڪوئلي تي به ڪم ڪري رهي آهي) سنڌ يا وفاقي حڪومت جي ڪنهن به اداري کان ڪا به اجازت نه ورتي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي جا ڪجهه  عملدار “زباني آرڊر” کڻي وڃي ڪمپني جي گهوٽڪي ضلعي جي علائقي ڏهرڪي ۾ لڳل پاور پلانٽ تي پهتا هئا ۽ اتي موجود ملازمن کي اهو دهمان ڪيو ويو ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي ته پلانٽ مان هڪ به ڀاڻ سان ڀريل گاڏي ٻاهر نه ڇڏيون.

بحرحال قصو آيو ويو ٿيو ۽ معاملو في الحال ٽري ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪمپني مالڪن وڌايل في ٻوري تي 400 روپيا قيمت واپس وٺي ڇڏي آهي، پر “افيئر” کي مليل ڄاڻ موجب اهيو معاملو وقتي آهي ۽ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني وارا ڪجهه ئي هفتن اندر قيمت وري وڌائيندا.

هن وقت سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ مختلف قسمن جي ڀاڻ جي في ٻوري جي قيمت 1500 کان 1600 جي وچ تي آهي  جيڪا هڪ اندازي موجب “ڏهن مهينن جي عرصي اندر ٻيڻ تي ٿي وئي آهي” افيئرطرفان ورتل ڄاڻ موجب ڊسمبر 2010ع تائين ڀاڻ جي في ٻوري جي قيمت 800 کان 900 روپيا هئي.

هڪ اندازي موجب سڄي ملڪ جي ڀاڻ جي کپت 7.5 ملين ٽن ساليانو آهي، جڏهن ته سنڌ جي لڳ ڀڳ 2 ملين ٽن آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جا هاري ۽ ننڍا آبادگار ساليانو ڪروڙين  روپيا ڀاڻ جي ڊيلرن  کان وٺي ڪپمني مالڪن کي فائدي طور فراهم ڪن ٿا، پر سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا به اهڙي طاقت نه آهي، جيڪا هنن ڀاڻ فيڪٽرين جي ڊيلرن کان وٺي مالڪن تائين پڇا ڪري ته آخر هو هفتن جي اندر ڀاڻ جا اگهه ڇو ٿا وڌائن…؟ جنهن جو سڌو سئنون بار سنڌ جي غريب، هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي مٿان پوي ٿو.

“افيئر” طرفان سنڌ جي زراعت کاتي وٽان هٿ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ موسم يعنيٰ ربيع جي هن موسم ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ، بصر، پٽاٽا، ٽماٽا، مختلف قسم جون داليون، مٽر، مرچ، تمباڪو، ٻارهن قسمن جي نارنگين، مالٽن ۽ ليمن سميت لڳ ڀڳ اٺاويهن قسمن جا فصل ۽ فروٽ پچي راس ٿين ٿا، سنڌ جي زراعت کاتي وٽان هٿ ڪيل انگن اکرن موجب 2008-9 ۾ سنڌ ۾ 1،443،162 هيڪٽرن (هڪ هيڪٽر اڍائي ايڪڙن جي برابر هوندو آهي) تي اهي سمورا فصل پچي تيار ٿيا هئا، جنهن مان سنڌ صوبي جي ماڻهن کي 10،181،795 ميٽرڪ ٽن جي پيداوار ٿي هئي، ساڳي طرح سال 2009-10 ۾ 1،449،770  هڪيٽرن تي مٿي ڄاڻايل سمورا فصل ۽ فروٽ ربيع جي موسم ۾ تيار ٿيا هئا، جنهن مان سنڌ کي 9،853،467 ميٽرڪ ٽن پيداوار ٿي هئي.

ساڳي طرح سنڌ ۾ خريف جي موسم ۾ ڪپهه، ساريون، ڪمند، جوئر، ٻاجهري، مڱن جي دال، ماش جي دال ۽ ٻيون داليون ، انب، ڪيلا، صوف، کجيون، زيتون، انگور، هنداڻا، ڀينڊيون، ميها، مختلف قسمن جا مرچ، سويابين، گوار، سورج مکي ۽ مختلف قسمن جا ٻيا ڪل ٽيتاليهه فصل ۽ فروٽ پچي تيار ٿين ٿا.

زراعت کاتي وٽان مليل انگن اکرن موجب سال 2009ع ۾ 2384215 هيڪٽرن تي اهي سمورا فصل پچي تيار ٿيا هئا، جن مان سنڌ کي 23396631 ميٽرڪ ٽن پيداوار پڻ ٿي هئي، ساڳي طرح سال 2010ع  ۾ اهي سمورا فصل ۽ فروٽ 1966891 هيڪٽرن تي پچي تيار ٿيا هئا، جن مان صوبي کي 21668435 ميٽر ٽن پيداوار ٿي هئي.

“افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي سربراهه ڊاڪٽر نديم قمر ٻڌايو ته اسان ڀاڻ جي روز بروز وڌندڙ قيمتن جي حوالي سان روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ وارا ناهيون، اسان صرف حڪومتي مشينري ۾ ويٺل ماڻهن سان ملاقاتون ڪري ۽ لکپڙهه ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا آهيون ۽ موقف پيش ڪري زراعت سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن جي ڀلي جي ڳالهه ڪندا آهيون.

ڊاڪٽر نديم قمر جي نظر ۾ ڀا ڻ جي وڌندڙ قيمتن جو حل صرف اهو آهي ته سنڌ جا آبادگار ۽ هاري مهانگو ڀاڻ خريد نه ڪن ۽ اهي ان جو متبادل استعمال ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڻ جو استعمال گهٽجي ويندو ۽ ڪمپنين جا مالڪ اگهه وڌائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر موجوده اگهه گهٽائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، هن وڌيڪ چيو ته مون ۽ منهنجن ڪجهه ويجهن دوستن ان حوالي سان عمل شروع ڪري ڇڏيو ۽ ظاهر آ جڏهن ته ربيع جو فصل لهندو ته اسان ٻين ماڻهن کي به ٻڌائڻ جهڙا ٿي سگهنداسين ته ڏسو اسان ڀاڻ جو متبادل استعمال ڪري گهٽ خرچ تي ساڳي ئي پيداوار حاصل ڪري ورتي آهي، تنهن ڪري اوهان به هاڻي مهانگي ڀاڻ جو استعمال گهٽايو.

سنڌ آبادگار بورڊ جي جنرل سيڪريٽري محمود نواز شاهه “افيئر” سان ڳالهائيندي پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته اسان روڊن تي اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙن مان ناهيون، پر اسان مختلف فورمن تي آبادگارن جي حق ۾ آواز اٿاريندا آهيون، هن چيو ته ڀاڻ جي قيمتن وڌڻ جي پٺيان حڪومتن جو به هٿ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي هر سال ڀاڻ ٻاهران امپورٽ ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو ليٽ ٿيڻ ڪري ئي آبادگار ۽ هاري مجبور هوندو آهي ته هو عام ڊيلر کان مهانگو ڀاڻ خريد ڪري.

وفاقي سرڪار سان لاڳاپيل مخصوص ادارن جي ذريعن وٽان هٿ ڪيل ڄاڻ موجب حڪومت کي هيل تيرنهن کان چوڏنهن لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرائڻو هو، جيڪو رعائتي اگهن تي مارڪيٽ ۾ دستياب ڪرڻو هو، پر حڪومت هن مهل تائين اهو ڪم نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي ڪري به ڀاڻ ڪمپنين جا مالڪ ۽ ڊيلر مستي ۾ ٻڏل آهن، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو به سندن ئي جهڙا آهن، انهن جا مزاج به سرمائيدار طبقي جي مزاجن کان گهڻا مختلف نه آهن، جنهن جي ڪري ئي سرمائيدار ۽ بيوروڪريسي ملڪ جي مظلوم طبقي سان لاڳاپيل ننڍن آبادگارن ۽ هارين سان ڏاڍ انتها تائين پهچي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀاڻ  فصل جي پيداوار لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو، جيستائين في ايڪڙ هڪ ڏيڍ ٻوري استعمال نه ٿيندي تيستائين فصل جاندار نه ٿيندو.

ان حوالي سان مختلف آبادگارن کان مليل ڄاڻ موجب مختلف فصل جي پيداوار ۾ مختلف قسمن جو ڀاڻ ۽ انهن جي مختلف تعداد استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته وڌ مان وڌ ڀاڻ ڪمند جي فصل ۾ استعمال ٿئي ٿو.

ليکڪ انگريزي اخبار روزاني بزنس رڪارڊر ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري ٿو ۽ هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين

yasirbabbar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو