Home / ڪور افيئر / چڪ واقعو: ڀوتارڪو ڪلچر ۽ سيڪيولر سنڌ
above article banner

چڪ واقعو: ڀوتارڪو ڪلچر ۽ سيڪيولر سنڌ

قرباني واري عيد جي ڏينهن تي چڪ شهر ۾ ٽپهري ويل موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آيل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊاڪٽر اجيت ڪمار، اشوڪ ڪمار ۽ نريش ڪمار جي قتل ۽ ستيه پال جي زخمي ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ سنڌ، هند ۽ پوري دنيا جي باشعور فردن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو جيڪو ردعمل آڏو آيو آهي اهو قاتلن توڙي کين موڪليندڙن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو. واقعي جي اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران نوٽيس وٺڻ، وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائڻ وارين دعوائن، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاطري ۽ گهرو وزير پاران بيان ڏيڻ کان پوءِ به متاثر ڌر جي اطمينان جوڳي ڪيفيت نه آهي.

ان ڏينهن ڄاڻايل رتوڇاڻ کان پوءِ جڏهن جوابدار ڌر جي  گرفتاري لاءِ پوليس سندن گهرن تي چڙهايون ڪيون ۽ عيوضي ۾ ڪجهه عورتون گرفتار ڪيون هيون ته مسجدن مان مذهبي غيرت جا اعلان ڪيا ويا هئا ۽ اهو بار بار چيو پئي ويو ته ڏسو ڏاڍائي به اسان جي عورت سان ٿي آهي ۽ پوليس نياڻيون به اسان جون ٻڌيون آهن. ان ماحول ان وقت چڪ جي فضا ۾ وانا ۽ وزيرستان ياد ڏياري ڇڏيا. غيرت تي ڪوٺ کان پوءِ گڏ ٿيل ماڻهن چڪ ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو هو ۽ ڪن شرارتي ماڻهن هڪ هنڌ ڪٺ ڪري اقليتي برادري جي گهرن ۽ دڪانن کي باهه ڏيڻ، ڦرلٽ ڪرڻ ۽ سندن ننگن ۾ هٿ وجهڻ جو پروگرام به رٿيو هو پر معاملي جي کڙڪ پوڻ کان پوءِ وفاقي وزير غوث بخش مهر پاران آيل فون ۽ رينجرز جي اچڻ جي اطلاعن کان پوءِ اڌو اڌ ماڻهو چئن پنجن منٽن ۾ غائب ٿي ويا.

واقعي کان پوءِ وفاقي وزير غوث بخش مهر پنهنجي صوبائي وزير پٽ شهريار خان  ۽ ٻئي پٽ اڳوڻي ضلعي ناظم شڪارپور عارف خان سان متاثر ڌر وٽ پهتو ۽ بعد ۾ به سندن دلداري لاءِ ايندو رهيو.

غوث بخش مهر وقتي اپاءَ وٺي مذهبي ۽ لساني بنياد تي وڏي سطح جي رٿيل رتوڇاڻ واري سازش کي ناڪام بڻايو نه ته جهڙي سطح جا چڪ ۾ مذهبي نعرا لڳا هئا اهي گهڻن جائي لاهه ڪڍي ڇڏين ها. غوث بخش مهر چڪ ۾ پنهنجي برادري سميت پنهنجي ووٽرن ۽ حمايتين سميت ٻين ذاتين جي ماڻهن کي به ساک تي واقعي بابت سچين شاهدين ڏيڻ جو چيو، مقتول ڌر جا وارث ۽ مائٽ به مقدس ڪتاب کڻي اُتي پهتا جنهن کان پوءِ ڪجهه ماڻهن اها شاهدي ڏني ته خوني واردات کان پوءِ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿيندڙ ماڻهو ٿاٻڙجي ڪريا هئا جنهن ڪري سندن منهن تي ٻڌل ٻُٽُون کلي ويون هيون ۽ اهي اسلام اقبال ۽ حسين ڀيو هئا جن جي هٿيارن مان اتفاقي فائر به ڇٽو هو.

“افيئر ٽيم” جڏهن چڪ ۾ وڃي متاثر ماڻهن کان حال احوال ورتاتڏهن هندو پنچائت چڪ جي مکي انجنيئر پريم چند “افيئر” کي ٻڌايو هو ته واقعي واري وقت ڪو به پوليس وارو موجود نه هو ۽ ان ڏينهن ٿاڻي تي ڊيوٽي انچارج وري ممتاز ڀيو هو. هن غوث بخش مهر جي آڏو ظاهر ٿيل نالن جي حوالي سان چيو ته ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ سکر ايئرپورٽ تي سندس موجودگي ۾ گهرو وزير کي وڏي اعتماد سان جن قاتلن جا نالا ۽ سندن ولديتون ٻڌايون هيون سي مٿي ڄاڻايل نه هئا. پريم چند اهو به چيو هو ته ايس ايس پي کي ڪجهه ڪلاڪن جي اندر گهربل جوابدار گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ هٽائڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو. ان کان اڳ ايس ايس پي شڪارپور پنهنجي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ستن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي خبر ڏني هئي ۽ ان ئي پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن جوابدار پيش ڪيا ويا ته انهن مان هڪ احسان ڀيو پوليس پاران بي گناهه گرفتار ڪرڻ جو الزام هڻندي صحافين کي ٻڌايو هو ته واقعي کان پوءِ مير بابل خان ڀيو جا ماڻهو سيما کي کڻي ويا هئا ۽ کيس اها خبر ناهي ته هاڻ هوءَ ڪٿي آهي. اهڙي بيان کان پوءِ بابل خان الزام جي ترديد ڪندي قاضي غلام محمد جي ملوث هئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ان پريس ڪانفرنس ۾ اهو احساس پوري شدت سان محسوس ٿي رهيو هو ته پريس ڪانفرنس ايس ايس پي جي نه پر جوابدار جي ٿي رهي آهي. جنهن ۾ جنيد احمد شيخ چڪ ۾ پيش آيل خوني واردات پٺيان ڀتا خوري ۽ دهشت گردي جو عمل ورجائيندي چيو هو ته جوابدارن مقتول ڌر سميت انتظاميا جي اکين ۾ مرچ وڌا پر اها دوکيبازي کين ڏاڍي مهانگي پئجي ويندي. ايس ايس پي شڪارپور کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو هو ته فريادي متاثر ڌر پاران رياست ڇو بڻي آهي ته هن چيو ته عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ڏاڍي ڌر متاثر ڌر تي اثرانداز ٿيندي آهي ۽ نتيجي ۾ اها ڪيس تان هٿ کڻي ويندي آهي جنهن ڪري ڏوهاري ڪنهن ڪٽهڙي ۾ نه ايندا آهن ان ڪري پوليس فريادي بڻي آهي ته جيئن جوابدار انجام تي رسي سگهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير غوث بخش مهر جي مٿي کڙڪايل فونن ايس ايس پي جي بدلي ڪرائي جنهن واقعي کان پوءِ ايس ايڇ او چڪ غلام مصطفيٰ ڪورائي کي هٽائي سندس جاءِ تي خير محمد سميجو مقرر ڪيو هو.

واقعي کان لڳ ڀڳ هفتو ڏيڍ اڳ چڪ ٿاڻي تي ڄاڻايل مسئلي جي اطلاعَ جي حوالي سان ايس ايس پي معززين سان کليل ڪچهري ڪئي هئي جنهن ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهو به شريڪ هئا  ۽ خود “افيئر ٽيم” به موجود هئي اُتي ٿيل گهڻ رخي گفتگو کان پوءِ سڀني ڌرين امڪاني خطري جي ٽري وڃڻ ۽ چڪ جي سيڪيولر باشعور سوچ رکندڙ ماڻهن جي ڪردار کي ساراهيو ويو هو پر جيڪي ان واقعي جي پسمنظر ۾ ڪو ممڻ مچائڻ جي مهم ۾ مصروف هئا تن جو تاءُ تحرڪ ڏيکاري ويو ۽ تعصب جي تيلي سان امن جو وجود ساڙي رک ڪيو ويو.

مقتول ڊاڪٽر اجيت ڪمار ترقي پسند سوچ رکندڙ سماج سڌارڪ هو. نريش ڪمار انڪم ٽيڪس ملازم هو ۽ اشوڪ ڪريانه اسٽور هلائيندو هو. مقتول ٽئي ڄڻا بي گناهه هئا ۽ امن جي حوالي سان ضروري اُپائن جي حوالي سان متحرڪ هئا سندن بي گناهه موت جي ڪري جسمن کي باهه ۾ ساڙڻ بدران لاش سنڌو حوالي ڪيا ويا.

چڪ ۾ مقتولن جي تڏي تي موجود وارثن “افيئر ٽيم” کي ٻڌايو ته عيد جي ٻئي ڏينهن تي مير بابل ڏي ميڙ وٺي وڃڻا هئا سون ۽ فيصلي جي تاريخ به ملڻي هئي ته اسان کي لاش ڏنا ويا. هتي ٻڌايو ويو ته اسان آفتاب ميراڻي جي معرفت بابل خان کي معاملي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي التجا ڪئي هئي ۽ ان مثبت موٽ به ڏني هئي جيڪي ماڻهو مسئلي جي حل لاءِ متحرڪ هئا تن کي مارايو ويو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بربريت ٿيندي آهي. ڊاڪٽر اجيت واقعي کان هڪ منٽ اڳ ۾ اوطاق ۾ آيو هو ۽ ٻه ماڻهو ٻه منٽ اڳ ۾ ڪچهري مان نڪري ويا هيا. الزام هيٺ آيل ٻئي نوجوان پوليس حوالي ڪيا هيا ۽ ڏنڊ چٽيون ڀرڻ لاءِ تيار هئاسون اسان ته فيصلو ئي بابل ڀيو کان ٿي ڪرائڻ گهريو ان کان پوءِ به هي هيڏا هاڃا انتهائي افسوسناڪ آهن.

“افيئر” کي ڀروسي جوڳن ذريعن واقعي جو ڪارڻ بڻجندڙ سيما ڀيو واري ڪيس جا وچور ڏنا آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏياري واري ڏينهن سنديپ پنهنجي جاءِ ۾ سيما سان گڏ ويو ته ٻاهران مهر ذات سان تعلق رکندڙ سندس ئي هڪ دوست ڪڙو ڏنو ۽ ان بعد ۾ هڪ ٻئي مائٽ سان ملي ڇوڪري جي وارثن کي اطلاع ڪيو. ان وچ ۾ سنديپ پنهنجي هڪ دوست کي فون ڪري ڪڙو کولڻ لاءِ اطلاع ڪيو. سنديپ جا هڪ ٻه ٻيا دوست به موٽر سائيڪل تي پهتا.

ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا ته سيما جو پيءُ نذير ڀيو پنهنجي ڌيءَ تي ڪارنهن الزام هڻڻ لاءِ قطعي طور تيار نه هو پر ڪجهه مائٽن هٿيارن جي زور تي سيما کي ڀوتار جي ڪوٽ ۾ پهچايو. ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا ته سيما ڀيو جي سندس ماسات سان شادي ڪرائي وئي آهي. ذريعا سيما ڀيو جي زندگي مٿان امڪاني خطري جي تلوار لٽڪڻ جو اشارو به ڪن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيما سان نه ته جنسي ڏاڍائي ٿي آهي نه ان جا ڪي فوٽو نڪتا آهن نه وري ان جي ڪا وڊيو ڀري وئي آهي. ذريعا اهو به چون ٿا ته نه ڪي نوجوان نشي ۾ ڌت ها. “افيئر” کي اهو به پتو پيو آهي ته جنهن ماڻهوءَ سنديپ کي ڦاسايو سو سيما ۽ سنديپ جي وچ ۾ رابطن، ايس ايم ايس موبائل گفتگو ۽ هر ڳالهه کان واقف هو. پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته قابت جو احساس هو يا اڃا ڪو ٻيو جذبو جنهن تيلي کي ٿنڀ بڻايو پر “افيئر” ان معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته اها سموري ڪوشش شعوري عمل دخل جو نتيجو هئي.

اُتر سنڌ ۾ هيل تائين ڪاروڪاري جا جيڪي واقعا ٿيا آهن تن ۾ اڪثر ڪري يا ته “ڪاريون” قتل ٿينديون آهن يا “ڪارا ” ماريا ويندا آهن. پر چڪ وارو واقعو پنهجي نوعيت جو اهو پهريون منفرد مثال آهي جنهن ۾ ڪارن کي وارثن پاڻ پوليس حوالي ڪيو هجي. ڪاروڪاري جي الزام هيٺ آيل جوابدار نه ملڻ جي صورت ۾ سال کان پوءِ سندس سوٽ يا ڀاءُ وغيره قتل ٿيندو آهي ايئن ڪڏهن به ڪٿي ۽ ڪنهن به دستور ۾ نه ڏٺو ويو آهي ته ملزم به پڪڙيل هجي ۽ ان جا مائٽ به هر قسم جو ڏنڊ چٽي ڀرڻ لاءِ آماده هجن ۽ پوءِ به اهي انسان شڪار ٿيا هجن جو خود ان تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪردار ادا ڪيو هجي!

چڪ ۾ مقتول ڌر جي ڪميونٽي جي ڪجهه ماڻهن جي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتلن جي تاريخ ملي ٿي پر انهن واقعن ۾ ايئن نسورو ناحق ڪڏهن به نظر نه آيو جيئن هاڻوڪو پسمنظر ڪجهه مختلف پيش منظر آڇي رهيو آهي. ماضي جي واقعن “۾ خود مقتول ماڻهن جي وارثن سان پنهنجي ڪميونٽي به گڏ نه بيٺي ڇو ته اها انهن مان مطمئن نه هئي ۽ سندن ڪمن سان سهمت نه هئي پر هاڻي پوري دنيا هڪ آواز ٿي صدا بلند ڪري رهي آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته مقتول ڌر جي ڪميونٽي جا نوجوان ڇوڪرا مالي طور مستحڪم هئڻ ڪري رات جو دير دير تائين غلط صحبت ۽ اخلاق کان ڪريل سرگرمين ۾ مصروف رهن ٿا.

“افيئر” کي اها خبر پئي آهي ته الزام هيٺ آيل ڇوڪرن واري ڌر جي پهرين ٺاهه لاءِ ويل ميڙ ڇوڪري جي پيءَ بدران قاضي غلام محمد ڏي وئي جنهن ٻه سڱ ۽ ٻه ڪروڙ طلبيا. قاضي غلام محمد بچل ڳوٺ کان ڪافي وقت اڳ چڪ لڏي آيو هو ۽ ڇوڪري جا وارث به ان ساڳي ڳوٺ ۾ رهندا هئا جيڪي هاڻ ڪافي عرصي کان چڪ ۾ رهائش پذير هئا. بچل ڀيو جي نالي سان ڪچي ۾ هڪ ٿاڻو به آهي  ۽ بچل ڀيو قاضي غلام محمد جو ڏاڏو هو، قاضي، ڀيا ذات جو هڪ پاڙو آهي. سيما ڀيو جا ناناڻا چنا آهن ۽ چڪ ۾ چنا، قاضي ۽ ڀين جو گڏيل ويڙهو رهي ٿو.

“افيئر” کي اهو به معلوم ٿيو آهي قاضي غلام محمد جمعيت علماءِ اسلام جو سرگرم ڪردار آهي. سندس پابندي مڙهيل تنظيم سپاهه صحابه سان به واسطا ٻڌايا وڃن ٿا. هن ڪجهه عرصو اڳ برڪت انصاري نالي هڪ همراهه تي صحابه بابت اشتعال انگيز ايس ايم ايس پکيڙڻ جو الزام هڻي چڪ ۾ مذهبي فرقيواريت جي بنياد تي وڏي رتوڇاڻ به رٿي هئي جيڪا وقت ۽ حالتن ناڪام بڻائي ڇڏي هئي. ان حوالي سان ٿيل سمورين تحقيقاتن ۾ قاضي جو مشڪوڪ ۽ سازشي ڪردار نروار ٿيو هو. برڪت انصاري کي ايترو مجبور ڪيو ويو جو اهو چڪ ئي ڇڏي ويو. قاضي غلام محمد خلاف ڪيترن ئي ڌرين پاران ڪيترن ئي فورمن ۽ ادارن ۾ شڪايتون اُماڻيون ويون آهن ۽ شڪارپور جو هڪ ايس ايس پي هن جي حرڪتن کان ايترو بيزار ۽ پريشان ٿيو هو جو ان هڪ نجي ڪچهري ۾ چيو هو ته هن کي جيڪڏهن ايجنسي کان کڻائي گم ڪرائجي. تعليم کاتي ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪندڙ قاضي غلام محمد چڪ واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي جنهن جي هر ممڪن ڪوشش هئي ته چڪ واري قتل کي مذهبي مت ڀيد ۽ تفرقي واري تحريڪ ۾ تبديل ڪيو وڃي.

“افيئر” کي اها خبر به پئي آهي ته سيما ڀيو جو پيءُ فقه جعفريه سان تعلق رکي ٿو ۽ هو رازو آهي. اها فيملي ويڙهه يا جهيڙي جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي. انهي جي ڳچي ۾ سڄو ڊرامو وجهڻ وارو غلام محمد آهي ۽ غلام محمد جي چوڻ تي چڪ واقعو وڌيو ويجهو. اها الڳ ڳالهه آهي ته غلام محمد کي به قبيلي جي طاقتور ڀوتار جي بڇ ۽ ٽيڪ آهي.

ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور جي شيخ محلي مان هڪ مسلمان نينگر جي هندو ڇوڪري سان نينهن ناتي وارا چرچا منظر عام تي آيا هئا. ڇوڪري کي مسلم بڻجڻ لاءِ وڏا هيلا وسيلا هلايا ويا. ڳالهه نه ٺهي ته مائٽن ڇوڪري کي گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو. ٻن مهينن کان پوءِ شهر موٽيو ته پريميڪا به وٽس پهچي وئي. هل هُلاءُ ٿيو ڳالهه ٿاڻي تائين پهتي. وارثن ڇوڪر تي اغوا ۽ زنا جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو پر ڳالهه جڏهن ميڊيڪل ۽ ٻين حساس ڳالهين جي اثر ۽ رد عمل جي آڏو آئي ته معاملو ٽري ويو. اهو واقعو ڊي پي او خادم حسين جي ڏينهن ۾ پيش آيو هو جنهن کي وڏي سوچ ويچار، سنجيدگي ۽ تدبر سان حل ڪيو ويو هو.

ڪجهه سال اڳ شڪارپور شهر جي هڪ انتهائي ذهين نوجوان هڪ هندو ڇوڪري سان افيئر هلائي کيس شهر شهر گهمايو هو ۽ بعد ۾ ان گهران نڪتل ڇوڪريءَ لاءِ ان کان سواءِ ٻي راهه نه بچي هئي ته مسلم ٿي سندس ۽ پريمي وچ ۾ رابطي جو ڪردار ادا ڪندڙ شادي شده موچڪو ڪم ڪندڙ همراهه سان شادي ڪرڻي پئجي وئي هئي.

پاڻ جيڪڏهن ٿورڙو پنهنجي حافظي تي زور ڏيون ته اسان کي شبانه مهر ۽ پون ڪمار جي پريم ڪٿا کان پوءِ سندن ڳڀا ڳڀا ڪري سنڌوءَ ۾ اڇلايل لاش به ياد اچي ويندا ۽ انهن ڏينهن ۾ سندن قتل کان پوءِ خط به  اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا.

پر سنديپ ۽ سيما وارو معاملو ڪنهن قسم جي پريم ڪٿا جو پتو نه ٿو ڏئي. اهو واقعو ئي ڪو ٻيو آهي جنهن کي ڀڙڪائي سياست ۽ مذهب جا جهنڊا بلند ڪيا پيا وڃن. سيما ڀيو ڪيس بابت الزامن کان سواءِ ڪا به حقيقت ۽ ڪو به ثبوت اڄ ڏينهن تائين آڏو ناهي آيو ان جي باوجود ايترو ڏڦيڙ ۽ ايترو ڏاڍ ٿيو آهي. پر کپري ۾ پيش آيل زينب ڀيو واري واقعي جو ڪلائيمڪس ڪهڙو ٿيو هو؟

جي يو آءِ شڪارپور ۾ اڪثر ڪري مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسند سوچ جي محافط طور آڏو ايندي رهي آهي ۽ ان جي ڏنڊا بردار همراهن شڪارپور شهر ۾ ڪافي عرصي کان ميوزيڪل پروگرامن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. حد ته اها آهي ته شڪارپور جي آرٽسٽن پاران سنڌي ۾ تيار ڪيل وڊيو فلم جي وڏي اسڪرين تي نمائش به ناجائز قرار ڏني وئي آهي ۽ جيڪڏهن ٽين جنس سنڌ سطح تي ڪو شڪارپور ۾ جشن ٿي ڪري ته اها تقريب به ناڪام بنائي وڃي ٿي.

جڏهن چڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتار عورتن کي پوليس کان ڇڏرائڻ جي حدتائين ته مذڪوره مذهبي ڌر “غيرتين” سان ملهايو آهي ۽ اڻ سڌي ريت سندن مددگار ته ثابت ٿي رهي آهي پر وڏي پئماني اڀري آيل سيڪيولر ترقي پسند اظهار وقتي طور سندن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. ان ڪري ان پنهجي ڏنڊا بردارن کي وقت جي نزاڪت آڌار محتاط رهڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.

چڪ واقعي جي مقتول ڊاڪٽر اجيت ڪمار جي ڀاءُ سريش ڪمار جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو آهي. چڪ ٿاڻي تي گناهه نمبر 2011/80 واري ايف آءِ آر ۾ ست جوابدار اهي آهن جن جي چڪ ۾ نشاندهي غوث بخش مهر واري گهرايل ڪٺ ۾ ٿي هئي ۽ هڪ مک جوابدار قاصي غلام محمد جوابدار طور متعارف ٿيو آهي. پر غلام محمد جنهن جي پناهه ۾ آهي يا جنهن جو خاص ماڻهو آهي ۽ جنهن جي ٽاسڪ تي هن اها راند کيڏي آهي تنهن بابت ڪو ٻڙڪ ٻاڦڻ لاءَ تيار ناهي. پڇڻ وارا پڇن  ٿا ته صدر مملڪت، وزير اعظم، وڏي وزير تائين جڏهن رياست جا سمورا ڪرتا ڌرتا سنجيده هجن ته پوءِ ان ماڻهوءَ کي چُهنڊڙي ڇو نه آئي آهي جنهن جو اهو سڄو فساد برپا ڪرايل آهي يا جيڪو چڪ ۾ نئين ايم ڪيو ايم ٿيڻ جا جتن ڪندو آيو آهي؟

سنڌ جو شعور سوال اُٿاري ٿو ته ڇا اهو سڀ کان طاقتور۽ ڏاڍو آهي؟ واقعي کان پوءِ هو پاڻ تڏي تي وڃي همدرديون ۽ حوال ڪري آيو آهي پر ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته جوابدار ٿڏي تي خود پاڻ پوليس حوالي ڪري ها. ان کي صوبائي مڪاني ادارن وارو وزير آغا سراج خان وٺي ويو هو ۽ جنهن ڪري خود سراج دراني به سواليه نشان تي آهي. هاڻ ته ان جا فون به بند آهن ۽ چيو پيو وڃي ته کيس پارٽي قيادت محتاط رهڻ ۽ وقتي طور انڊر گرائونڊ ٿيڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

حيرت جهري ڳالهه اها آهي ته چڪ واقعي ۾ جڏهن هن جو هر هنڌ نانءُ کنيو ويو آهي ته تڏهن به ان خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته پ پ جي اها ڪهڙي پاليسي آهي جنهن ۾ اعليٰ قيادت جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ به مک ماڻهو نظر نه ٿو اچي؟

چڪ واقعي کان پوءِ مهر ڀيا خوني تڪرار وڌڻ جا به امڪان آهن ڇو ته اڳ ئي ٻنهي ڌرين ۾ سياسي ۽ قبيلائي محاذ تي مورچابندي ٿيندي رهي آهي. تازو ڳڙهي ياسين ۽ لکي جي 47 پولنگن تي سردار واحد بخش جي درخواست تي ٻيهر پولنگ ٿي. سردار ٽي چار سال رڙندو رهيو ته انهن پولنگن تي ان سان ڌانڌلي ڪري غوث بخش کٽيو هو پر ق ليگ ۽ پ پ جي ڪري وفاقي وزير کي مفاهمت ڪم اچي وئي ۽ صدر ملڪت سردار کان هٿ کڻايو. 2008ع ۾ جڏهن چونڊون ٿيون هيون ته مهرن ۽ ڀين وچ ۾ رتوڇاڻ به ٿي هئي. تڏهن غوث بخش مهر۽ شهريار تي خونن جا ڪيس به داخل ٿيا ها پر هن ڀيري سردار جي هاءِ به وئي ۽ هوءَ به وئي. سردار چيو هو ته دل ته ڏاڍو ٿي گهريو ته اسيمبلي ۾ هجان ها پر پارٽي قيادت جي چوڻ تي هٿ کڻڻو پيو. چڪ واقعي جي ابتدا به ٻن مهرن جي چُغلي سان ٿي واقعي جو ڪيس به مهر داخل ڪيو ۽ جوابدارن جي نشاندهي به مهر ڪئي آهي ۽ هينئر هن سڄي واقعي جو سياسي سماجي ۽ عوامي فائدو به مهر جي حصي ۾ اچي رهيو آهي. اهي ڳالهيون ڀلي پنهنجي جاءِ تي ڪو اتفاق هجن پر ڪي ماڻهو ان کي ڪنهن ٻئي رخ سان به ڏسن ٿا ان ڪري چڪ واقعو هڪ طرف مذهبي بنياد تي  ٻئي پاسي قبيلائي بنياد تي رتوڇاڻ جي سازش طور سامهون آيو آهي. انهن واقعن جا مهرا ڀل گرفتار ٿي وڃن پر ماسٽر مائنڊ ۾ هٿ ڪڏهن پوندا؟

سردار واحد بخش ڀيو چوي ٿو

مقتول اسان جي نياڻي سان ڏاڍائي ملوث هئا

سردار واحد بخش ڀيو “افيئر” سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ چڪ ۾ پيش آيل ٻنهي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. کائنس جڏهن ميڊيا جي ڪردار بابت پڇيو ويو ته هن ان بابت اطمينان جو اظهار ڪيو وري جڏهن افيئر 10 نومبر جي ڊان ۾ واقعي جو ڪارڻ ناچڻي ڇوڪري سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ ڏاڍائي رپورٽ طرف ڏياريو ته هن چيو ته اها ڳالهه زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اها ڳالهه غلط بياني ۽ بدديانتي تي ٻڌل آهي. ٽن ڄڻن جي قتل جا وچور پڇڻ تي سردار واحد بخش ٻڌايو ته پنج ڄڻن اسان جي قبيلي جي عورت سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ۽ اها انٽرنيٽ تي جاري ڪئي. “افيئر” جڏهن انٽرنيٽ تي اهڙي ڪنهن به وڊيو ڪلپ موجود نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي ته سندس چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ته اها بعد ۾ هٽائي وئي هجي.

افيئر چڪ واقعي جي سنگيني جي آڌار تي جڏهن اهو سوال اُٿاريو ته الزام هيٺ آيل ڌر کي ٺاهه جي تاريخ ڏيڻ بعد واقعو ڪيئن پيش آيو؟ تڏهن هن چيو جيڪڏهن واردات ۾ ملوث پنج ڄڻا پوليس حوالي ڪيا وڃن ها ته ڪا واردات جنم نه وٺي ها. کائنس جڏهن پوليس پاران مقتولن جي ڪيس ۾ نامزد ۽ گرفتار جوابدار احسان ڀيو پاران سيما ڀيو کي بابل ڀيو جي گارڊن پاران سندس بنگلي تي کڻي وڃڻ واري بيان تي تبصري لاءِ چيو ويو ته هن ان جي تصديق ۽ ترديد نه ڪئي. جڏهن پڇيو ويو ته بابل ڀيو واقعي کان لاتعلقي ڄاڻائيندي ان ۾ قاضي غلام محمد جي ملوث هئڻ جو الزام هنيو آهي ته سردار واحد بخش سوال اُٿاريو ته مير بابل ان وقت غلام محمد سان گڏ هو ڇا؟ سردار واحد بخش پوليس جي ڪردار تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته سڄو ڪم ان خراب ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس کيس ناحق پڪڙيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته ٻه ڄڻا ته اهي گرفتار ڪيا ويا جيڪي ماڻهن سان عيد ملڻ ۽ قرباني جو گوشت ڏيڻ آيا هئا. هو وڌيڪ چوي ٿو ته پوليس بدران وارث فريادي ٿيڻ کپن ها پوليس پاڻ فرياد داخل ڪري ڪنهن جي ڪمداري ڪئي آهي. عورتن جون گرفتاريون، گهر ساڙڻ ڪهڙي قانون ۽ آئين جي بالادستي آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته بدنام اسان وڏيرا سردار آهيون پر جاگيرداراڻي نفسيات جو مظاهرو پوليس ڪيو آهي. جرڳي جي تاريخ ۽ ٺاهه لاءِ مقتول ڌر کان لکين روپيا ضمانت طور وٺڻ واري خبر کي واحد بخش ڀيو بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته آءُ لنڊن ۾ هئس ڏاڍائي جي شڪار عورت جي وارثن الزام هيٺ آيل ڌر کي منهنجي واپسي جي انتظار جو چيو هو ۽ بعد ۾ اهو واقعو پيش آيو.

مير بابل خان ڀيو سمورن الزامن کي رد ڪندي “افيئر” کي ٻڌايو آهي ته هو محسوس ڪري ٿو ته ڪي ڌريون ضلعي ۾ سندس وڌندڙ مقبوليت ۽ ڪارڪردگي مان خوش ناهن ان ڪري کيس اهڙن اسڪينڊلز جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيو ٿو وڃي جيڪي سندس شخصيت کي مسخ ڪن. هن ٻڌايو ته هن جو جوابدارن سان ڪو واسطو ناهي نه وري هن جا گارڊ سيما ڀيو کي کڻي آيا هئا نه اها سندس ڪوٽ ۾ آهي مير بابل وڌيڪ چيو ته چڪ واقعو غلام محمد ڪرايو ان ڪري ان جو ذميوار به اهو آهي، ته جوابدار به اهو. پ پ جي ضلعي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڳ به امن لاءِ متحرڪ رهيو آهي ۽ هاڻ به اهڙو تحرڪ وٺي ٿو.

هن چيو ته چڪ ۾ پيش آيل واقعي جي حوالي سان پيش رفت ٿي هئي پر ڪن ڌرين نه چاهيو ته اهو معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي وڃي. ان ڪري انهن هڪ سازش تحت اهو خوني کيل رچائي ڊرامو اسان جي ڳچي ۾ وجهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. اسان هر فورم تي هن واقعي کان پوءِ مان پاسيرو ٿي ويو آهيان يا معاشري کان ڪٽيل آهيان اهي افواهه اسان جا مخالف ساسي فائدي لاءِ ڦهلائي رهيا آهن. انهن کان اهو هضم نه ٿو ٿئي ته مان ڪارڪنن جي پرگهور لهان ٿو سندن ڏک سک ۾ شريڪ آهيان ۽ انهن جي وارثي ڪيان ٿو.

ڀوتارن طرفان هندن جي زمين تي قبضي جي ڪوشش!

افيئر کي ذريعن ٻڌايو آهي ته متاثر ڌر جي ڪچي ۾ موجود ڪجهه ايڪڙ زمين ڦٻائڻ لاءِ خوني راند کيڏي وئي جنهن تي اڳ ئي هڪ ڏاڍي ذات جو قبضو آهي پر چڪ واقعي کان پوءِ قبضا مافيا ملي ڀڳت سان قانوني طور ان جي مالڪ ٿيڻ جو ارادو پئي رکيو.

شڪارپور جي ڀورتارن سدائين ڏنڊو به ڏيو ۽ هٿ به رکو واري فارمولي تي عمل ڪيو آهي. هن ڀيري به اها ايجنڊا آڏو آئي آهي جنهن تي عمل جاري آهي. چڪ متاثرين کان عيد ڏينهن واري واقعي کان اڳ جرڳي جي تاريخ و‎ٺي ڏيڻ ۽ جرڳي تي راضپو ۽ ان سان هر حال ۾ سهمت رهڻ جي ضمانت طور 14 لک روپيا هڪ بااثر سردار وٽ رکيا ويا. طئي اهو ٿيو هو ته ڏنڊ جي چٽي 28 لک رويپا ورتي ويندي جنهن جو اڌ جرڳي کان اڳ ئي ضمانت طور تي ان ڪري رکيو ويو ته جيئن اها خاطري ۽ پڪ ٿي سگهي ته فيصلي تان الزام هيٺ آيل ڌر ڦري نه ويندي.

اسان وٽ جرڳي کان اڳ هر ناجائزي جائز محسوس ڪئي ويندي آهي ۽ اهڙو اختيار ۽ لائسنس سڌي ريت جاگيرداري قانون جي روايتن ۾ محفوظ آهي پر جرڳي واري ڏينهن ڪنهن کي ڪجهه به ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي پر هاڻي سوال اهو ٿو جنم وٺي ته متاثر ڌر جا کاڌل ويهه پنجويهه لک ڪهڙي کاتي ۾ لکيا ويندا ۽ اهو ته هاڻي هن معاملي جو جيڪڏهن جرڳو ٿيو ته به ان جي فتويٰ جي نوعيت ڪهڙي هوندي؟ جيڪڏهن مقتولن جا خون رائيگان نه ٿا وڃن ۽ جوابدار ڌر کي عبرتناڪ ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو يا اهي سزائن تائين رسن ٿا ته اها سنڌ جي تاريخ جي هڪ انوکي ۽ منفرد ڳالهه ليکي ويندي ۽ جي ايئن ٿي ٿو ته پوءِ اقليت ۾ محسوس ٿيندڙ احساس محرومي جو به انت اچي سگهي ٿو.

 

naseembukharai@yahoo.com


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو