Home / افيئر / چڪ واقعي کانپوءِ ڀوتارن جو پلڙو ڀاري
above article banner

چڪ واقعي کانپوءِ ڀوتارن جو پلڙو ڀاري

چڪ ۾ سيما ڀيو سان سان منسوب واردات ۾ ڄاڻايل سنديپ جي پيءُ دليپ ڪمار، وجئه ڪمار، تيج ڪمار ۽ ستيه پال توڙي رام پاران گهر وڪڻي چڪ کي الواداع ڪرڻ ۽ هڪ نجي اسڪول جي پرنسپل لکمي چند، سندس پٽ راجا ديوان ۽ ٽن ڊاڪٽر ڀائرن مرلي چند انيل ڪمار ۽ ڀرت لعل سميت ڪيترن ئي ماڻهن پاران ملڪيتون وڪڻڻ ۽ لڏ پلاڻ جي سانباهن کان پوءِ قومپرستن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران تحرڪ ۾ اچڻ کان پوءِ متاثر ڪميونٽي کي ڪافي حد تائين دلجاءِ ۽ تسلي ته ٿي آهي ۽ انهن مان اڪثريت ڌرتي ڇڏڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي آهي پر اهي خاطريون ڪيتريون خاطر خواهه آهن ڪير به نٿو ڄاڻي.

چڪ مان هندن جي لڏ پلاڻ جيڪڏهن پوري تسلسل سان جاري رهي ٿي ته پوءِ انهن کان پوءِ چڪ جو معاشي ڍانچو ڪهڙو بيهندو؟ گذريل هڪ مهيني کان چڪ واقعي اتان جي روزگار، ڌنڌن ڌاڙين ۽ اجتماعي عوامي زندگي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. هڪ ته ڪاروباري طور تي متاثر ڌر کي ڪافي نقصان رسيو آهي ٻيو ته هاءِ پروفائيل ڪيس ٿيڻ کان پوءِ متاثرين جي تڏي تي جيڪا هر سطح جي حلقي ۽ طبقي جي اچ وڃ جاري آهي، تنهن به ديوانن کي وڏو ڌڪ هنيو آهي ۽ ٽين سڀ کان اهم ڳالهه ته چڪ ۾ مارجي ويل ٽن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي پيءُ ڊاڪٽر اجيت ڪمار ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي والد نريش ڪمار ۽ ٽن پٽن واري اولاد رکندڙ مقتول اشوڪ ڪمار پنهنجي پويان رڳو بيواهون ۽ ٻچڙا متاثر نه ڇڏيا آهن پر هن واقعي چڪ ۾ اڪثر عورتن ۽ ٻارڙن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي. واقعي کان پوءِ قاتلن جي گرفتاري ۽ مک جوابدار قاضي غلام محمد ڀيو جي پڪڙجڻ لاءِ نه رڳو پوليس جون ڪيتريون ٽيمون متحرڪ آهي پر راڄوڻا ٽولا به سندس ڳولا ۾ آهن.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته قاضي غلام محمد ڀيو جي گرفتاري ۾ دير ان ڪري به ٿي رهي آهي ڇو ته سندس ڀوتارن کي ڊپ آهي ته ڪٿي بعد ۾ ان جو بيان سندن ڪوٽن ۾ ڪڙڪا نه ڪرائي ڇڏي.

ٻيو ته قاضي غلام محمد ڀيو جي گرفتاري کي قبيلائي غيرت واري مفاد ۾ به ڏٺو پيو وڃي. قبيلي جي منهن ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ لاءِ قاضي غلام محمد جو مفرور هئڻ ضروري سمجهيو پيو وڃي.

سيما ڀيو جي ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ هاڻ ان جو عدالت سان به رجوع ٿيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پوليس ڪيس نه ورتو ان ڪري عدالتي در کڙڪائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي. جڏهن ته اهڙي معاملي جي آڌار تي جي يو آءِ شڪ جي بنياد تي گرفتار پنهنجا ماڻهو ڇڏرايا آهن ۽ معاملي کي مذهبي رخ ڏيڻ جو دڙڪو ڏئي پوليس کان ڀين جي گهرن تي ڪيل ڪاهه دوران ٿيل نقصان جو ڏيڍ لک روپيا به ڀرائي ورتا آهن. ڪجهه هنڌن تي سيما ڀيو ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج به ڪرايا ويا آهن ۽ معاملي کي راڄوڻي طريقي سان حل ڪرڻ وارو ماحول سازگار بڻايو پيو وڃي. مک جوابدار سميت گهربل ٻين جوابدارن جي گرفتاري ۾ سڌي ريت ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تان ايس ايڇ او بچل ڀيو ۽ محمود آباد گلشن سيٺار ۽ محمد پناهه کي بدلي ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آهي ۽ چڪ ٿاڻي جي سپاهي ڌڻي بخش ڀيو کي مخبري جي الزام ۾ برطرف ۽ اهلڪار صلاح الدين مهر کي واقعي ۾ نااهلي ڏيکارڻ تان معطل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ اهڙن ئي الزامن آڌار هڪ ايس ايڇ او غلام نبي ڪورائي کي هٽايو ويو ۽ چار سپاهي برطرف ٿي چڪا آهن.

تڪ جو ايم پي اي شهريار مهر چوي ٿو ته قاتلن کي حڪمران ڌر جا ماڻهو تحفظ ڏئي رهيا آهن. مک جوابدار هندن کي فون تي ڌمڪيون ڏنيون آهن. ڊي آءِ جي ايس ايس پي کليل دل دماغ سان ڏسن ۽ محسوس ڪن ته قاتلن جي ڪير پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.

پر سوال اهو آهي ته شهر يار مهر هن معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو دٻاءُ ڪيو آهي يا خود سندس وفاقي وزير والد غوث بخش مهر قومي اسيمبلي ۾ ڪهڙو آواز اٿاريو آهي؟

چڪ واقعي جي متاثرين جي نمائندگي ڪندڙ انجنيئر منوهر لعل “افيئر” کي ٻڌايو ته سچ اهو آهي ته سمورا اعلان هن وقت تائين سکڻا ۽ بي عمل ثابت ٿيا آهن زخمي ڊاڪٽر ستيه پال جو ڪراچي آغا خان ۾ ٻارهن لک کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪو آهي. علاج اڃا به هلندڙ آهي ڪنهن به سطح تي مقتولن جي وارثن توڙي زخمي لاءِ ڪو به مالي سهائتا وارو پئڪيج پڌرو نه ٿيو آهي. هر ڪو اچي حوال ڪري وڃي ٿو ازالي جهڙي ڪا به آٿت اڄ ڏينهن تائين پڌري نه ٿي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي شڪارپور جي صدر مير بابل خان ڀيو چڪ واقعي جي راڄوڻي ۽ جرڳائي ڪلائميڪس بابت موهن ڪوهستاني ۽ رميش لعل پاران رابطن جي تصديق ڪندي جلد نبيري جي خاطري ڪرائي آهي. گڏوگڏ اهو به چيو آهي ته اسان جي ڪو ڳچي ۾ هٿ وجهندو ته سندس اکيون ڪڍي ڇڏينداسون.

“افيئر” کي مليل ڄاڻ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪنهن بنگلي جي بند ڪمري ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ضروري معاملا طئي ٿيڻ ۽ ڪرڻ بابت هاڻي کان ئي “ڪاٽڪو” ميدان تي لهي پيا آهن. جيڪي ڌرين وچ ۾ شرطن شروطن تجويزن ۽ راين جي ڏي وٺ ۾ مددگار ۽ موثر ثابت ٿي رهيا آهن ڀين پاران چئن ڳوٺن محمد صالح ڀيو، بچل ڀيو، اسلام الدين ڀيو ۽ عظيم ڀيو ۾ پوليس چڙهائي دوران ٿيل نقصان جو ڪاٿو چار پنج ڪروڙ پيو ٻڌايو وڃي. سندن چوڻ آهي ته گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ خاندان سياري جي ٿڌ ۾ دربدر آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه سياسي آڙ ۾ ٿي رهيو آهي. ڀيا برادري جي ننڍي وڏي ماڻهو جي اها ئي وائي وات آهي ته اهو سڀ ڪجهه مهرن جي “مهربانين” جو نتيجو آهي. جن کان اڀري آيل ڀيا فيڪٽر برداشت نه ٿو ٿئي ۽ ڀين کي ٽپڙ کڻائي مهر پنهنجي سلطنت تي مڪمل حڪمراني جو ارادو رکن ٿا.

جاگيرداراڻي سماج ۾ واقعن کي پنهنجي حق ۽ مفادن ۾ استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. شڪار پور وڏيرڪي طاقت جو ڳڙهه آهي. هر ڪنهن ڀوتار جي پنهنجي برگيڊ آهي.

چڪ واقعي تي دنيا جهان پنهنجي وس آهر وڏا واڪا ڪيا آهن پر اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته متاثر ڌر جي نمائندگي ڪندڙن ڪنهن به سطح تي ڪو سگهارو ۽ موثر آواز نه اٿاريو آهي نه وري ان حوالي سان ڪنهن حڪمت عملي کي آڏو آندو ويو آهي. جنهن جي آڌار جهدوجهد سان جوابدار ڌر جو گهيرو تنگ ٿي سگهي.

naseembukhir@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو