Home / ڪور افيئر / چڪ ۾ اقليتي ماڻهن جو قتل سنڌ جو صوفي مزاج بندوق بازن هٿان يرغمال
above article banner

چڪ ۾ اقليتي ماڻهن جو قتل سنڌ جو صوفي مزاج بندوق بازن هٿان يرغمال

دائود ابراهيم، جنهن 1993 ۾ ممبئي اندر بم ڌماڪن جي  سيريز ڪري هندن کان ڀارتي گجرات ۾ 3 هزار مسلمانن جي قتل جو پلاند وٺڻ جو اعلان سينو ٺوڪي ڪيو، اهو مفرور دائود ابرهيم ان ريت ۽ رسم جو اهم موضوع آهي، 1947 کانپوءِ جيڪا ريت نين قائم ٿيندڙ رياستن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اڻ اعلانيل طور اقليتن خلاف قائم ڪئي وئي. ٻنهي رياستن جا ادارا مذهبي انتها پسندن کي تنظيمن جي نالي هيٺ منظم ڪري پنهنجي منصوبن لاءِ استعمال ڪن ٿا. مسجد منزل گاهه وارا فساد پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ جو الميو آهن، پر اهڙن فسادن کي بنياد بڻائي ورهاڱي جو جواز گهڙيو ويو. ورهاڱي کان اڳ جنهن مذهبي ڀيد ۽ ڀاوَ جو بنياد رکيو ويو اهو صوفي سنڌ ۾ به اڄ تائين موجود آهي. ورهاڱي کان اڳ جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد سميت سمورن قومپرستن توڙي اڳوڻن مسلم ليگ پرستن لڏپلاڻ کان بچي ويل سنڌي هندن سان قربت وارا لاڳاپا ته قائم ڪيا پر عام ماڻهن ۾ منتقل ٿيل مذهبي ۽ معاشرتي نفرت جو خاتمو ممڪن نه ٿي سگهيو. مذهبي خدمت جي جذبي سان سرشار مسلمانن جي ارمانن جي تسڪين اڄ به عبادت کان وڌيڪ ان ڪوشش سان پوري ٿئي ٿي ته ڪنهن هندو نياڻيءَ کي ڪنهن طريقي سان مسلمان ڪري سندس شادي مدرسي جي طالب سان ڪئي وڃي. ڪراچيءَ جي ان هندوءَ لاءِ  راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون سندس ڌيءُ جي گهران غائب ٿي وڃڻ کانپوءِ ناياب بڻيل آهي، جيڪو هڪ نجي ڪمپنيءَ ۾ ڊرائيور طور نوڪري ڪري ٻچن جو پيٽ پالڻ واري ڪِرت کانسواءِ زندگيءَ جو ڪو به ايڊوينچر ڪرڻ جي قابل ئي ناهي. هوُ ته ٿر جي انهن اسيمبلي ميمبرن جيترو سرمايو ۽ واقفيت به نه ٿو رکي جيڪي سينيٽري ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استيعفائون ڏئي ڀارت لڏي ويا. جيڪب آباد ۾ هندن جي مشهور سماجي اڳواڻ جي قتل کان وٺي سنڌي اقليت جي معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري ڪروڙين روپيا ڀُنگ وٺڻ وارين وارداتن بعد اسانجي غيرتمند مذهبي سماج جي ٺيڪيدارن چڪ ۾ 3 هندن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري محدود ۽ خوف واري زندگي گذاريندڙ هندن کي هتان لڏي وڃڻ جو هڪ ٻيو دليل تيار ڪري ڏنو آهي.

ڌاڙا هڻڻ واري انڊسٽريءَ جي جوڌن لاءِ سنڌي هندوءَ کي اغوا ڪرڻ هر قيمت تي منافعي وارو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. “هندوءَ جي رڙ پوليس به جلدي نه ٿي ٻُڌي، سندن واهر ڪو طاقتور قبيلائي سردار ناهي ڪندو نه ئي سندن برادري هٿيار کڻي اسانجي ٿاڪن جو رخ ڪندي آهي ۽ پيسا به جلد ملندا آهن لڳ ڀڳ ايترا، جيترا اسان گهرندا آهيون” خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڏوهي ڪارروايون ڪري تَرُ تپائيندڙ نظرو ناريجي هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو هو. هڪ ڌاڙيل جي موقف مان ئي سنڌي هندن لاءِ رياستي ادارن، ڏوهارين ۽ هندن جي ويچارگيءَ جي تصوير مڪمل ٿي سامهون اچي وڃي ٿي. ڏاڍي سٺي تصوير آهي اُها به، سمورا قومپرست اڳواڻ واردات ٿيڻ بعد مقتول هندن جي وارثن ۽ پئنچائتن جي مکين سان گڏ تصوير ڪڍرائي، مائيڪن سامهون بيان ڏيڻ  کانپوءِ غائب ٿي وڃن ٿا. جنهن بعد مسلمان سنڌين جي مذهبي، سماجي، معاشي ۽ سياسي ٻڌيءَ جو هندو ساڳي ريت اڪيلي سِرِ مقابلو نه ڪري سگهڻ واري پوزيشن تي هليا ٿا وڃن. چڪ جا هندو هاڻي به يا ته سردار غوث بخش مهر جي رحم ڪرم تي آهن، يا ڀين جي سردارن جي وس. پوليس ته ڪوڙا سچا ڪيس داخل ڪري آغا سراج درانيءَ معرفت سردار بابل خان ڀيو کي خوش ڪندي. چند ڏينهن بعد، جڏهن سڀ وفاق پرست توڙي قوم پرست سياستدان هن معاملي تي بيان ڏئي چڪا هوندا، هي سانحو اسان سڀني کان وسري ويندو، ڪجهه گرفتار ٿيل ضمانتن تي آزاد ٿي ويندا. عدالتن ۾ هر مهيني ڪيس جي هڪ اڌ حاضري ٿيندي ۽ بس. ڪو به جوابدار قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهندو، ڪنهن کي به ته سزا نه ايندي ۽ وري ڪنهن ٻئي شهر ۾ هندن لاءِ مقتل گاهه سجائي وري هندن کي لٽڻ يا قتل ڪرڻ جو منصوبو تڪميل هيٺ آندو ويندو. تقريبن هڪ مهينو اڳ پنوعاقل ۾ هندو برادريءَ جي هڪ شخص تي هڪ معصوم نينگريءَ سان زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳو، ان بعد ان هڪ گناهگار جي ڏوهه جي سزا پنوعاقل جي سمورن هندن کي ڏيندي هڪ برادريءَ جي ڪلاشنڪوف بردار ماڻهن هندن جي گهرن ۽ دڪانن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ کانپوءِ ساڙن شروع ڪيو. اطلاع اهي به مليا ته سکر جي هڪ اهم سياسي شخصيت ۽ اڳوڻي ايم پي اي جي پٽ انهن ماڻهن جي اڳواڻي ڪئي. رياستي ادارن هندن جي تحفظ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. جنهن ڪري ان بحث به جنم ورتو ته ڪي قوتون سنڌ جي انهن شهرن مان جتي هندو  ڪاروبار تي ڇانيل آهن انهن شهرن  مان کين بيدخل ڪرڻ جو ڪو پلان جوڙيو ويو آهي جنهن تحت هندن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. پر  اهو بحث لڳي ٿو ته پنهنجي منطقي دليل ۾ نامڪمل آهي. سمجهه ۾ ايترو ئي اچي ٿو ته اڪثريت لاءِ  هندو اقليت خلاف تشدد ڀريون ڪارروايون ڪرڻ سولي ڳالهه آهي جنهن جي ڪا به سزا ناهي ۽ هندن وٽ سواءِ ان جي ته ڀارت لڏي وڃن ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي!

موجوده حڪومت خلاف هلندڙ سياسي کيڏ واري حڪمت عمليءَ تحت ڪجهه ڏينهن پهريان ميان نواز شريف به چڪ پهچي هندن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اها نج سياسي همدردي هئي. چئي سگهجي ٿو ته اگر ميان نواز شريف مستقبل ۾ ملڪ جو حڪمران به ٿي ويندو تڏهن به هندن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ نه ته ملڪ جي نظرياتي پاليسين ۾ ڪا تبديلي آڻي سگهندو نه ئي اهڙا ڪي قانون ٺاهيندو جيڪي هندن خلاف صرف ان ڪري ٿيندڙ ڏوهن کي روڪي سگهندا ته سندن ڏوهه صرف هندو هجڻ آهي.  ميان نواز شريف جي چڪ واري دوري کان هڪ ڏينهن اڳ ان سانحي جي حوالي سان انتهائي سمجهي ويندڙ فرد سيما ڀيو پنهنجي والدين سان پريس ڪانفرنس ڪندي پهريون ڀيرو ميڊيا آڏو پنهنجو بيان جاري ڪيو. سيما ڀيو جو چوڻ هو ته “ مونکي ٽن هندو نوجوانن نقاش، سنديپ ۽ ڌوني ۽ هڪ نامعلوم شخص زبردستي اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻايو”  ان موقعي تي ڀيا برداريءَ جو سردار ۽ پ پ اڳواڻ مير بابل ڀيو به موجود هيو. جنهن چيو ته ڇوڪريءَ سان زيادتي بعد پوليس ٽن هندو نوجوانن کي گرفتار ڪيو جن کي هڪ ڊي ايس پي پيسا وٺي ڇڏي ڏنو. جڏهن ته هڪ ڇوڪريءَ سان زيادتي واقعي جي رد عمل ۾ ٽن هندن کي قتل ڪرڻ واري واردات ۾ ڀيا برداريءَ جا ماڻهو ملوث ناهن پر ڪن شرپسندن اها واردات ڪئي آهي. ان پريس ڪانفرنس آڌار ئي اگر ٽن انسانن جي قتل واري واقعي جا جوابدار ڳولهڻ لاءِ قانوني انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪجي ته معاملو ڪجهه ڏينهن ۾ ئي حل ٿي ويندو. ۽ انهن هندو نوجوانن جي موجودگي به ظاهر ٿي پوندي جن مٿان سيما ڀيو سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

پر هر گذرندڙ ڏينهن ڳالهين جي دز واقعي مٿان اڇلائندو رهي پيو. قتل واري واردات بعد جيڪا ابتدائي معلومات ملي، سا ان نقطي تي ٻڌل هئي ته هندو برادريءَ جي نوجوان سنديپ ۽ سيما ڀيو وچ ۾ موبائل فون تي رابطو رهندو هو، ٻنهي جنهن هنڌ ملاقات ڪرڻ جو پروگرام رٿيو اها جاءِ مهر برادريءَ جي هڪ ڪاموري پاران هندن کي ڪرائي تي ڏنل هئي. ڇوڪري ملاقات لاءِ پهچڻ کان ٿوري دير بعد ئي ڪجهه ماڻهو اتي گڏ ٿيا جن جي گوڙ ۽َ شور سبب ڇوڪري واپس پنهنجي گهر رواني ٿي وئي. جنهن بعد هندن خلاف شهر ۾ محاذ ٺهڻ شروع ٿي ويو. اهڙي واقعي بعد هندو برادريءَ جي چڱن مڙسن بابل ڀيو، سردار واحد بخش ڀيو ۽ غوث بخش مهر سان رابطا ڪيا ۽ ٽئي هندو نوجوان پوليس حوالي ٿيا. پر هڪ مسلمان جنهن جو ان سڄي واردات ۾ نالو اچي پيو اهو آزاد رهيو. سردارن سان رابطن کانپوءِ معاملي جو فيصلو ٿيو هندن مٿان ڏهه لک روپين کان وڌيڪ ڏنڊ ادا ڪرڻ جي چٽي وڌي وئي. اها معلومات به ملندي رهي ته ڀيا برداريءَ جي ڇوڪريءَ سان ڪا به جنسي زيادتي ناهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته مون پاران مٿي ڏنل ڳالهين ۾ حقيقت نه هجي ۽ اهي محض افواهه هجن پر وفاقي وزير داخله رحمان ملڪ قومي اسيمبليءَ ۾ احتجاج ٿيڻ کانپوءِ اهڙو ئي بيان ڏنو ته هندن جي ٽن ڄڻن کي هڪ هندو نوجوان جو رابطو ڀيا برادريءَ جي هڪ ڇوڪريءَ سان هجڻ ڪري قتل ڪيو ويو.  پر اگر ايئن نه هجي ۽  مون سميت تَر جي صحافين  توڙي وفاقي گهر وزير کي مليل معلومات درست نه هجي تڏهن به سيما ڀيو پاران ڪيل پريس ڪانفرنس آڌار پوليس اتان کان تحقيقات شروع ڪري سگهي ٿي ته ساڻس جنسي ڏاڍائيءَ جي تصديق لاءِ سندس طبي معائنو ڪرايو وڃي. جڏهن ته سنديپ، نقاش ۽ ڌوني نالي الزام هيٺ آيل ٽنهي هندو نوجوانن کي پوليس حراست هيٺ رکڻ توڙي هاڻي سندن لاپتا هجڻ بابت به وضاحت ڪرڻ گهرجي. پر ان ڏس ۾ اڃا ته سرڪاري سطح تي ڪا به وضاحت ناهي ڪئي وئي. ”

واقعي بعد هٿ ڪيل معلومات مان اهو به پتو پيو آهي ته هندو نوجوانن مٿان سيما ڀيو سان مبينا زيادتي ڪرڻ وارو الزام لڳڻ واري معاملي بعد سيما ڀيو کي سردار بابل ڀيو حوالي ڪيو ويو ۽ ان بعد ٿيل فيصلي ۾ ڏنڊ پوڻ بعد طئي اهو ٿيو هو ته هندو برادري عيدالاضحيٰ کان ٻه ڏينهن پوءِ پيسا ادا ڪندي. پر ان وچ ۾ چڪ شهر اندر ڀيا برادريءَ جو چڱو مڙس سمجهيو ويندڙ قاضي غلام محمد ڀيو منظرعام تي سرگرم ٿيو. چيو وڃي ٿو ته قاضي غلام محمد ڀيو جيڪو تعليم کاتي ۾ سپروائيزر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي ان  جا سپاهه صحابه سان به لاڳاپا رهيا آهن. ان پاران عيدالاضحيٰ جو خطبو ڏيڻ وقت به غيرمسلمن خلاف جهاد ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ واري تقرير ڪئي وئي. جڏهن ته چڪ ۾ عام طور تي مهر برادريءَ جو فيصله ڪن اثر آهي ۽ ان سڄي اثر کي سردار غوث بخش مهر پنهنجي سياسي ۽ قبيلائي مفاد ۾ استعمال ڪندو آهي. تازو ئي سردار واحد بخش ڀيو ۽ سردار غوث بخش مهر وچ ۾ ٻيهر پولنگ ٿيڻ واري معاملي تان تڪرار ٿيڻ سبب ڀيا برادري ان ڪيفيت ۾ هلي رهي هئي ته مهرن جي مقابلي ۾ کين فوقيت نه پئي ملي ۽ سندن ذات جي هڪ ڇوڪريءَ جو نالو هندن سان ڳنڍجڻ سبب ڀيا برادريءَ لاءِ اهو غيرت جو معاملو ٿي پيو آهي. ان سياسي ۽ قبيلائي انا سبب ڪجهه پوليس اهلڪار ۽ عام نوجوان عيد واري ڏهاڙي تيار ڪري هندن تي حملي لاءِ روانا ڪيا. جن کي ماڻهن قتل واري واردات ڪندي ڏٺو. واردات بعد پيدا ٿيل صورتحال کي به ڪجهه سياسي سردار پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. چيو اهو پيو وڃي ته سردار غوث بخش مهر هندن جو پاسو کڻي ڀيا برادريءَ جي بابل ڀيو کي سياسي ۽ قبيلائي بنيادن تي شڪست ڏيڻ چاهي ٿو.

اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سردار بابل ڀيو واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ بابل ڀيو کي وري آغا سراج درانيءَ جي حمايت ۽ سرڪاري طاقت حاصل آهي. ان ڪري اصل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ايئن بلڪل نه ٿو چئي سگهجي ته هندو نوجوان ڪن غيراخلاقي يا غيرروايتي ڪمن ۾ ملوث ناهن هوندا ٿي سگهي ٿو ته هندو نوجوان سنديپ جو سيما ڀيو سان ٽيليفون تي رابطو ٿيندو رهيو هجي پر ان معاملي جو جرڳي ۾ فيصلو ٿي چڪو هو، ان باوجود ڪن ماڻهن اگر قتل جي واردات ڪئي ته هاڻي حڪومت، پيپلزپارٽيءَ، ڀيا برادريءَ جي سردار ۽ شڪارپور انتظاميا کي گهرجي ته جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري. هندو برادريءَ پاران به اهوئي مطالبو ڪيو پيو وڃي. ۽ انهن ٽن هندو نوجوانن کي منظرعام تي آندو وڃي جن مٿان سيما ڀيو سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام آهي ۽ اهي پوليس تحويل ۾ ڏنا ويا. اگر انهن نوجوانن مٿان الزام درست ثابت ٿئي ته کين به سزا ڏني وڃي. باقي اهڙا واقعا جيڪي ڪڏهن به اخبارن ۾ به تحرير نه ٿي سگهيا آهن ته ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ خيرپور سميت ٻين شهرن ۾ هندو واپارين کان پيسا ڦرڻ لاءِ  مٿن عورتن سان لاڳاپن جو الزام هڻي کين بيگناهه ڪارو قرار ڏئي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو. اهڙن روين جي ڪري هندو واپاري انتهائي غيرمحفوظ ٿي واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو مٿي ذڪر ڪيل علائقن مان هندن جي وڏي اڪثريت پنهنجا ڪاروبار بند ڪري سکر ۽ ڪراچيءَ جهڙن شهرن جو رخ ڪيو آهي. گذريل ٻن سالن دوران سکر ۾ هندو ڪٽنبن جي آباديءَ ۾ واڌارو ٿيو آهي. هندن وٽ پاڻ خلاف ٿيندڙ وارداتن کان بچڻ جو هڪ ئي گس آهي لڏ پلاڻ. پوءِ اهي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن هجي يا هن ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ. هندو ٻڌائن ٿا ته ڀارت ڏانهن سندن لڏپلاڻ هاڻي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي ڇو ته ڀارتي حڪومت سندن لاءِ اميگريشن قانون سخت ڪري ڇڏيا آهن ۽ کين مذهبي ماڳن جي ياترا لاءِ به ويزا ڪيترن پڇاڻن کانپوءِ ڏني وڃي ٿي. جنهن ڪري هندو اتان جي پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي پڇائن کان تنگ اچي وڃن ٿا. ان ڪري سنڌ جا هندو هاڻي دبئي، عمان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ تي به سوچڻ لڳا آهن. سنڌ ۾ هندن خلاف ٿيندڙ هر انتقامي واقعو سنڌي هندن لاءِ ڌرتيءَ کي نه ڇڏڻ وارا دليل کُٽائي رهيو آهي، سنڌ جي قومپرست لڏي ۽ دانشمندن کي ان نقطي تي سوچڻ گهرجي ته هو رياست جي ادارن کان قطع نظر سماجي سطح تي هندن جو تحفظ ڪري سگهن ٿا يا نه!!؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو