Home / افيئر / ڊاڪٽرن جا اغوا اتر سنڌ ڊاڪٽرن لاءِ نوگو ايريا
above article banner

ڊاڪٽرن جا اغوا اتر سنڌ ڊاڪٽرن لاءِ نوگو ايريا

جڏهن شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ درس و تدريس سان لاڳاپيل استادن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتالن ۾ ٽن ڊاڪٽرن پروفيسر ڊاڪٽر امتياز علي وڳڻ، پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاه جي اغوا تي احتجاج شروع ڪيو ته مون کي اُهي ڏينهن اکين آڏو تري آيا جڏهن لڳ ڀڳ 84/1983 ۾ لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر وجئه ڪمار اغوا ٿيو هيو. اِهو دور سنڌ ۾ ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جي خلاف اٿيل هڪ اُڀار جو هيو جيڪو ايم آر ڊي جي شڪل ۾ اٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ڌاڙيلن جو به عروج هيو. جڏهن سنڌ جا روڊ رستا بلڪل غير محفوظ ٿي ويا هيا (يا وري ايئن هٿ وٺي ڪرايو ويو هو). اغوا، ڌاڙا ڦريون روز جو معمول ٿي ويون هيون.

اُهي ڏينهن بلڪل وسرڻ جهڙا نه آهن. جڏهن لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن ۽ شهر جي سماجي ۽ واپاري تنظيمن گڏجي هڪ مُٺ وانگر طاقت ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو هيو ۽ شهر لاڙڪاڻو گهڻن کي ياد هوندو پورو هڪ هفتو بلڪل بند رهيو، جنهن ۾ ايئن کڻي چئجي ته جونءَ به انهن تنظيمن جي فيصلي کان سواءَ نه پئي چري.


اهڙي ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو لاڙڪاڻي جيڪو گهڻن ئي رخن کان ڄاتو وڃي ٿو، وري ڪو ورلي ڏٺو هوندو. پر گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽرن ۽ سماج جي سجاڳ ڌرين جو اهڙي تاڃي پيٽي ۾ ڳنڍجڻ مون کي ياد نه آهي ۽ اڄ سوڌو وري ڏٺو به ڪونهي.

ان کان اڳ، ٿورو ماضيءَ جي ڳڙکيءَ ۾ جهاتي پائڻ سان 1983 ۾ وري لاڙڪاڻي مان هڪ ٻيو ڊاڪٽر اڪرام تنيو پنهنجي ڪلنڪ تي ويندي ٿوپ چوسول ڀرسان اغوا ٿيو. هيءُ ڪو عام ڊاڪٽر ڪو نه هيو. پر هو ڊاڪٽرن جي تنظيم پاڪستان ميڊيڪل ائسوسئيشن لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر هيو جيڪو ڪلينڪ هڪ ڳوٺ ۾ هلائيندو هيو. ڳالهه نڪتي آهي ته اِهو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته هو هڪ بهترين استاد الله بخش جو پٽ آهي. جنهن سنڌيءَ ۾ سڀ کان پهرين OLD MAN S AEA جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ اُهو سندس قلمي نالي الف بي تي ميرو خانيءَ جي نالي سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. اِهو ناول M A جي ڪورس تي رکيل هيو.

چوندا آهن ته انسان ڏاڍو ڪمزور آهي ۽ شل نه “ماڻهو، ماڻهوءَ جي ور چڙهي” ها ته پاڻ اهو ذڪر پيش ڪيوسين ته ڊاڪٽر وجئه ڪمار ۽ ڊاڪٽر اڪرام تنيو جي اغوائن سان لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ خاص طور تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سان لاڳاپيل تدريسي عملي انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هيو. پوءِ ڇا ٿيو هن سماج ۾ پيدا ٿيندڙ اُن احساس (غير محفوظ هجڻ) کي وڌيڪ هٿي وٺرائي تڏهن جڏهن وڏن، وڏن ڊاڪٽرن پنهنجي حفاظت لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري گارڊ رکڻ شروع ڪيا. مطلب ته هن سماج ۾ هڪ اهڙي بيماريءَ جنم ورتو جو هاڻ هِتِ رهندڙ هر شهري پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري ٿو.

اهڙين حالتن ۾ وري سرڪار ڏنڊو کنيو ته وري ڪنهن کي ته روڊن تي ڪاروان هلائڻ لڳا ۽ پوءِ اُهي به جي سٿيا ته سڀ گڏ سٿيا. هونئن جي هڪ اغوا ٿيندو هيو يا هڪ ڦربو هيو. پوءِ ته ٿوڪ جي حساب سان اغوا، ڌاڙا ۽ ڦرون شروع ٿيون. بهرحال ڊاڪٽر به هن سماج جو اهڙو فرد آهي جنهن لاءِ اِهو چوڻ عام آهي ته “جڏهن بادشاهن جا دروازا هر ڪنهن لاءِ بند هوندا آهن تڏهن اُهي ڊاڪٽرن لاءِ کوليا ويندا آهن” ڇو ته ڪيڏي به پردي داري هجي، ڊاڪٽر پنهنجي پيشي سان هر جڳهه تي عزت ۽ احترام سان ويندو آهي ۽ سمجهيو ويندو آهي. ان لاءِ وڏن محلاتن جا در به کلي پوندا آهن.

مون کي اُهي ڏينهن بلڪل چڱيءَ طرح ياد آهن جڏهن محترمه بي نظير ڀٽو پنهنجي پهرين اليڪشن مهم هلائي رهي هئي ته لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس تي رهندي هئي. گهڻي ڊڪ ڊوڙ اليڪشن مهم ۾ ڪندي ڪندي هن کي هڪ ڏينهن تمام گهڻو بخار ۽ فلو ٿي پيو ۽ هُنَ پنهنجون چونڊ سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. تڏهن هن ڊاڪٽر حسين سيد جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪن، نڪ ۽ ڳلي جو پروفيسر هيو، ان کي المرتضيٰ هائوس تي گهرايو. اُن وقت هن لاءِ المرتضيٰ هائوس جا در کُلي ويا ۽ هن محترمه کي چڪاسيو ۽ دوا تجويز ڪئي. اِها آهي هڪ ڊاڪٽر جي اهميت.

۽ هاڻ وري اچي ڊاڪٽرن ۾ ٽاٻڙڪو پيو آهي. ڪڏهن چڪ ۾ هڪ ڊاڪٽر سوڌو ٽي هندو ماريا ٿا وڃن ۽ ڪڏهن وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ انتظاميا جو امتحان وٺڻ لاءِ جيڪب آباد کان سکر ايندڙ ٻه پروفيسر- ڊاڪٽر امتياز علي وڳڻ ۽ ڊاڪٽر اظهر علي شاهه اغوا ڪيا ٿا وڃن. اڃا ڊاڪٽرن جو تنظيمون چَڪ واري معاملي تي رڙيون ڪري رهيون هيون ته مٿان وري هي اغوا جا واقعا جيڪي انهن لاءِ ويتر وڌيڪ ڳڻتي جوڳا آهن.

سوال اهو آهي ته:

ڇا هي اغوا ٽارگيٽيڊ آهن.

ڇا اِهي ان لاءِ ته نه آهن ته هن علائقي ۾ وڌندڙ طبي سهولتون لاءِ ٺهندڙ ميڊيڪل يونيورسٽي جي استادن ۽ اتي ايندڙ امتحانن لاءِ پروفيسرن کي اِهو پيغام آهي ته هو نه اچن جيئن هي علائقو ٺهندڙ يونيورسٽي بدنام ٿئي ۽ وڌي ويجهي نه.ان کان سواءِ اِهو به ٿي سگهي ٿو ته حد ۾ آيل نون پوليس آفيسرن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڌاڙيلن جا مُک ٽولا جن جا ساٿاري حد جا ڪڏهن ڪڏهن چڱا مڙس به هوندا آهن اُهي اِهو ڪجهه ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ چاهين ٿا ۽ آيل اعليٰ عملدار کي چپ ڪرائڻ چاهين ٿا.

هلو کڻي ڪيئن به آهي؟ آهي ته وري به هڪ ڏوه ۽ ان ۾ ڏوهاري يا وري سفيد پوش ڏوهاري شامل هجن. معاملو وري ٻن ڳالهين ڏانهن وڃي ٿو

1. ڊاڪٽرن ۾ غير محفوظ هجن به احساس

2. وقت جي حاڪم جو ڏوهارين مٿان ڪنٽرول

اُهي ٻئي شيون ڦري گهري به وري اچي حڪومت ۽ حڪمرانن جي کاتي ۾ پون ٿيون جن کي ملڪ جو آئين اِها ذميواري ٿو سونپي ته هو عوام جي “جان، مال ۽ عزت جا محافظ آهن. انهن جي ذميواري آهي ته اهو عوام جي پر گهور لهن ۽ انهن جي حفاظت جا جوڳا انتظام ڪن.

“اڳي ئي رُٺي ويٺي هئي مٿان آيس پيڪن جو نياپو” اڃا ڊاڪٽر پنهنجي ٻن دوستن لاءِ احتجاج ڪري رهيا هيا ته مٿان وري ٽيون ڊاڪٽر عبدالوهاب سانگي، ڳوٺ ڪُوٺيءَ ڀرسان لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن مان ان وقت اغوا ٿي ويو جڏهن هو پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري خاص مهم تي نڪتل هيو. هن سان گڏ هن جي ڪار ۽ ان جي ڊرائيور کي به کنڀي کڻي ويا آهن ۽ اڄ سوڌا ظاهر ڪو نه ٿا ٿين.

انهن ٻنهي واقعن ڊاڪٽرن کي هاڻ جيڪي سنڌ جي صحت کاتي سان لاڳاپيل آهن ۽ اِي ڊي او هيلٿ جي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪن ٿا، ۽ ٻيا اُهي جيڪي انهن ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا جيڪي شهيد محترمه بي نطير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ڪنٽرول ۾ اچن ٿا. انهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر، جيڪب آباد ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ ان سان هي سڄو سارو صحت جون سهولتون ڏيندڙن لاءِ هڪ اِهڙو مسئلو ٿي سامهون آيو آهي، جنهن جو جيڪڏهن انتظامي قوت حل نه ڪڍي سگهي ته پوءِ وڌيڪ گوڙ جي امڪان کي رد به ڪري ڪو نه ٿو سگهجي.

ان کان سواءِ ان ڳالهه جي امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته پاڪستان ميڊيڪل ائسوسئيشن، سنڌ ان لاءِ ڪو وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ سوچڻ نه شروع ڪري. شل ايئن نه ٿئي ۽ ڊاڪٽر جلد واپس اچن پر جي ايئن ٿيو ته ان جا اثر تمام خراب پوندا. صحت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۽ ڪم ڪندڙ عملي تي وڌيڪ اثر پوندا ان کان وڌيڪ وري بدنامي انتطاميه جي ٿيندي جنهن لاءِ اهو مئسج ويندو ته اُها ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙن آڏو، باوجود حڪمت عمليءَ جي ڪاميابي ماڻي نه ٿي سگهي ۽ڏوهاري سگهارا ۽ حڪومت ڪمزور آهي.

معاملي اتي وڃي انت ڪيو آهي. لاڙڪاڻي پي ايم  اي جا چانڊڪا ۽ ٽيچرس ائسوسئيشن جا عهديدار ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو، ڊاڪٽر اڪبر سومرو ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جي نئين آيل ڪمشنر سيد آصف حيدر شاهه سان مليا ۽ اُن آڏو پنهنجا تحفظات رکيائون. جنهن کين سٺي موٽ ڏيندي کين چيو ته هن معاملي بابت سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي ٻڌايو ويو آهي ۽ صحت کاتو به ان ڏس ۾ بلڪل آگاه آهي. ڇا اِهو ئي سڀ ڪجهه آهي ته صرف آٿت ڏئي معاملي کي ٽارجي يا ڪي اثرائتا قدم کڻي معاملو حل ڪجي.

بهرحال اهڙي معاملي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلز پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري به چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس گُهرائي انهن کي آگاهي ڏني ته هُن هن معاملي بابت سنڌ جي گورنر کي آگاه ڪيو آهي ۽ هن کيس يقين ڏياريو آهي ته تمام جلد ڊاڪٽرن کي بازياب ڪرايو ويندو.

سوال وري به اهو اُڀري ٿو ته ڇا اهڙا انتظام ٿي سگهن ٿا جو هن اغوا واري بيماري کي جيڪڏهن پاڙون نه پٽي سگهجن پر گهٽ ۾ گهٽ ان کي ڪجهه گهٽائي سگهجي ته جيئن هن سماج سان لاڳاپيل ڌريون ڪجهه آرام سان زندگيءَ جا پل گهاري سگهن؟

هڪ طرف هي معاملا ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ رٿيل ائناٽامي جي سبجيڪٽ جي زباني امتحان جي (جيڪو هنن اغوائن ڪري ملتوي ٿيو هيو) ٻي ڪا نئين تاريخ مقرر ٿي نه سگهي آهي. جنهن جو آخرڪار نقصان وري به شاگردن کي ٿيندو ۽ پوءِ ڪورس جو ٽائيم ويندو اينگهندو.

ان کان اڳ ڊاڪٽرن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته هو هر هفتي ۽ هر مهيني جيڪي شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آريجن جي ڀرسان لڳندڙ ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ۽ رتي ديري جي اسپتال ۾ تيستائين نه ويندا جيستائين انهن کي مڪمل تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو. مطلب ته هاڻ هر طرف کان اچي ڊاڪٽر سوڙها ٿيا آهن ۽ انتظاميا انهن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته کين مڪمل تحفظ مهيا ڪيو ويندو.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ رسڪ تي اُهي  ڊاڪٽر آهن جيڪي بنيادي صحت مرڪزن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. باقي پروفيسر جيڪي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ادارن سان لاڳاپيل آهن اُهي به هن خوف ۾ ورتل آهن هاڻ جيتري دير ڊاڪٽرن جي واپسي ۾ لڳندي اوترو نقصان وڌ کان وڌ مريضن کي ٿيندو جيڪي ڏورانهن علائقن کان پنڌ ڪري لاڙڪاڻي ۽ سکر اچن ٿا.

ڇو ته هن وقت به لاڙڪاڻي شهر واري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال بلاڪ ۾ قائم سڀني او پي ڊيز جو روزانو 9 کان 11 بجي تائين بائيڪاٽ ٿي رهيو آهي. ان جو به ٿلهي ليکي نقصان مريضن جو آهي.

ٻيو وڏو نقصان لاڙڪاڻي ۾ نئين سر جڙندڙ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو ٿيندو جيڪا اڃا مس بانبڙا پائڻ جهڙي ٿي آهي. ڇو ته اهڙي قسم جون خبرون هنن ادارن ۾ ٻين شهرن کان ايندڙ پروفيسر (امتحان وٺڻ) ايندڙ، مستقبل ۾ گهٻرائيندا ۽ پوءِ ڦري گهري به نقصان شاگردن، استادن جو، مريضن جو ۽ حڪومت جو ٿيندو. آخر هن سوسائٽيءَ ۾ خوف جو عنصر وڌندو ويندو ۽ غير يقيني ڪيفيت معاشري تي سوار ٿي ويندي.

حڪومت کي گُهرجي ته ڪارائتا اُپاءَ وٺي ڊاڪٽرن کي ترت بازياب ڪرائي نه ته بي چينيءَ کان سواءِ ڪجهه به هوندو ۽ هر شيءَ ڊانوان ڊول هوندي.

_ايم بي ڪلهوڙو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو