Home / شوبز / ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي رِيس
above article banner

ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي رِيس

بالي ووڊ جي دنيا ۾ فقط هڪ فلم وسيلي ئي شهرت جي بلندين تي پهچندڙ پاڪستان ڄائي اداڪاره نرگس فاخري جي مقبوليت جو راز ڇا ٿو ٿي سگهي؟ اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن نرگس فاخريءَ کي شوبز جي هر اخبار، هر ميگزين ۽ هر چئنل جي زينت بڻائي ڇڏيو آهي؟ سندس اداڪاري؟ پرفارمنس؟ نه…. فقط ۽ فقط حد کان وڌيڪ ڇڙواڳي… هيءَ حسين اداڪاره بالي ووڊ جي سڀني هاٽ هيروئنز کي پٺتي ڇڏي وئي آهي. سندس پهرئين فلم “روڪ اسٽار” آهي، جنهن وسيلي هن شهرت جي ان ڏاڪي تي پهچ حاصل ڪري ورتي آهي، جتي پهچڻ لاءِ اداڪارائن کي ورهيه لڳي ويندا آهن. نرگس فاخري فلم “راڪ اسٽار” وسيلي هڪ ئي ڌڪ ۾ اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون ۽ سونم ڪپور جي مقابلي ۾ اچي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته ڊگهي ۽ سانوري اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون ۽ انيل ڪپور جي ڪڪي سونم ڪپور ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويون آهن ته جيڪڏهن نرگس کي هڪ ٻي ڪامياب فلم هٿ چڙهي وئي ته پوءِ هوءَ کين تمام پوئتي ڌڪي سندن جاءِ تي راڄ ڪرڻ لڳندي. بالي ووڊ ۾ اداڪاره نرگس فاخري جي حسن ۽ سندس حرڪتن جا چرچا آهن، ماڊلنگ وسيلي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ نرگس فاخريءَ لاءِ فلم “راڪ اسٽار” کانپوءِ آڇن جا در کُلي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته بالي ووڊ ۾ فقط هڪ فلم ڪرڻ سان ئي کيس 9 ڪروڙ رپين جا ماليت جون 3 ڪمرشل ڊيلز ملي ويون آهن. نرگس فاخري لاءِ بالي ووڊ ۾ قدم رکڻ سان ڪاميابي ۽ دولت جا در کُلي ويا آهن. باقي ديپيڪا ۽ سونم لاءِ اها ئي صلاح آهي ته “ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي رِيس…!؟”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو