Home / افيئر / گانڌي اِن ڪراچي
above article banner

گانڌي اِن ڪراچي

توهان جو جڏهن به اردو بازار ڪراچي مان گذر ٿئي، تڏهن ان جي سامهون واري پاسي هڪ پراڻي عمارت تي نگاهه ضرور وجهجو جتي ننڍي کنڊ جي مشهور ماڻهن مان هڪ توهان کي ڏسي رهيو هوندو.

مهاتما گانڌي روزانو بهادر شاهه مارڪيٽ ڪراچي جي هٽ مالڪن توڙي هزارين ماڻهن کي ڏسي اڄ به مسڪرائي رهيو آهي.

ماضيءَ ۾ اهو شاندار يادگار اُتي 1933ع ۾ ٺهيل هڪ ٻه ماڙ عمارت عظيم محل جي بالڪونين ۾ لڳل لوهي سيخن ۾ گانڌي جي لڳل تصويرن جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان وقت جڏهن ڪراچي واسين طرفان عمارتون ٺاهيون ويون تڏهن سندن خواب خيال ۾ به نه هو ته هي شهر هڪ ڏينهن پاڪستان جو حصو بڻبو. “اسان خوش بخت آهيون جو اسان وٽ گانڌي جي جهڙن عظيم ماڻهن جي تصويرن چٽيل عمارتون موجود آهن” بهادر شاهه مارڪيٽ جي دڪاندار عبدالسبحان “افيئر” سان ڳالهائيندي ٻڌايو. “منهنجي خيال ۾ پاڪستان سرڪار کي عالمي نمائش جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت جي ماڻهن کي دعوت ڏئي هتي گهرائڻ گهرجي، جيئن اهي هي تاريخي عماتون اچي ڏسي سگهن” ليڪن پاڪ- ڀارت لاڳاپا ڪابل ۾ پرتشدد ڪاررواين کانپوءِ خوشگوار نه هجڻ سبب ان جو امڪان گهٽ آهي ته ڪا اهڙي نمائش منعقد ٿي سگهي.

ياد رهي ته 1947ع ۾ ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ ‎ ٺهندڙ عمارتن ۾ نقش نگاري ۽ آرٽ جو ڪم نهايت شاندار طريقي سان ٿيندو هو. ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ سينٽ جوزف ڪنوينٽ هاءِ اسڪول جون ٽائلون بيلجيم مان گهرايون ويون هيون. اهڙي ريت صدر ۾ ڪيترين  گهٽين، بندر روڊ ويجهو لڪشمي داس اسٽريٽ ۽ صالح محمد اسٽريٽ روم جي گهٽين جو هوبهو نقل آهن، جيڪي 1920 ڌاري ٺاهيون ويون.

حقيقت ۾ عظيم محل موهن روڊ تي واقع آهي، جنهن تي اهو نالو موهن داس ڪرمچند گانڌي جي نالي پٺيان پيل آهي. اهو روڊ ايم. اي جناح (بندر روڊ) روڊ کان شروع ٿي اردو بازار کان ٿيندو سنڌ اسيمبلي بلڊنگ تائين پهچي ٿو.

66 ورهين جو جهور پوڙهو دڪاندار جيڪو عظيم محل ۾ جاپان ٽائر شاپ هلائي ٿو، اهو پنهنجي ٻاروتڻ جون ساروڻيون ساريندي چوي ٿو ته “ٻاروتڻ ۾ ڀرپاسي مان هتي سياح تمام گهڻا ايندا هئا، اهي شاهي بگين يا وڪٽوريا ۾ اچي هتان لنگهندا هيا. اهي منهنجي ڏاڏي وٽ دڪان ۾ ضرور ايندا هئا. اهو ان ڪري جو منهنجي ڏاڏي کي سٺي انگريزي ايندي هئي ۽ سياح کانئس هن عمارت جي تاريخ ۽ گانڌي جي نقش ٿيل تصويرن بابت معلومات حاصل ڪندا هئا.” محفوظ الرحمٰن ٻڌائي ٿو.

هڪ ٻيو جهونڙو دڪاندار شفيق الرحمٰن ٻڌائي ٿو ته اڄ به جڏهن ٻار ارود بازار ڪتابن وٺڻ لاءِ هتان لنگهن ٿا ته اهي پنهنجي والدين سان ڪجهه پَل هتي رُڪجي هن تاريخي عمارت تي نظر ضرور وجهن ٿا. هن عمارت ۾ مٿي 10 کن فليٽ پڻ آهن جن ۾ رهندڙ ماڻهن کي اها خبر ناهي ته سندن بالڪونين ۾ لڳل لوهي گِرل ۾ گانڌي جي جون تصويرون نقش ٿيل آهن.

“پاڪستان ۽ ڀارت حڪومتن وچ ۾ ممڪن آهي ته ڪو تڪرار هجي باقي اسان ماڻهن وچ ۾ ڪو مسئلو ناهي” دڪاندار محمد عارف چيو. 61 ورهيه گذري ويا آهن پر ٿيو ته ڪجهه به ناهي.

رڳو عظيم محل نه پر ڪراچي شهر جي مرڪزي علائقي ۾ ٻيون به اهڙيون کوڙ عمارتون موجود آهن جن تي مهاتما گانڌي توڙي ورهاڱي کان اڳ جون ڪجهه Symbol تصويرون اڄ به نقش ٿيل آهن ۽ اڪثر شهري اهي تصويرون ڏسي خوش ٿين ٿا. “حڪومتي سطح تي ممڪن آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار هجن پر عام ماڻهن وچ ۾ ڪو مسئلو ناهي، ان ڪري اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي تصويرون محفوظ ڪيون وڃن، بهادر شاهه مارڪيٽ جو دڪاندار محمد عارف “افيئر” کي ٻڌائي ٿو.

amarguriro@amarguriro.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو