Home / افيئر / Badin Dispatch شگر مل مالڪن زراعت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو
above article banner

Badin Dispatch شگر مل مالڪن زراعت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو

هن سال آگسٽ 2011ع جي ٻوڏ اٽڪل سڄي سنڌ جي زراعت کي مڪمل طور تي تباهه ڪري هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڌرتي ڌڻين دربدر ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. گذريل سال پڻ ساڄي پاسي واري سنڌ ۾ اهڙي ئي ڀيانڪ دريائي ٻوڏ آئي هئي، جنهن پڻ سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري هڪ ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو هو، ٻنهي مها ٻوڏن لاءِ عام رايو آهي ته اهي قدرتي آفتون نه پر هٿرادو طور حڪمرانن ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جون سنڌ ۾ ڪڙڪايل ٻوڏون هيون، جيئن ته هن سال واري ٻوڏ جو نشانو سنڌ جو کاٻو پاسو بڻيو آهي. جيڪو سنڌ جو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وارو ڀاڱو اصل ۾ سنڌ جي زرعي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته سانگهڙ ضلعو جيڪو ڪپهه جي گهڻي پيداوار ۾ گذريل سال تائين اول نمبر تي هو. نواب شاهه ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ميرپور خاص ضلعو جنهن کي انبن جو ضلعو سڏيو وڃي ٿو، سڄي دنيا ۾ سنڌڙي انبن کانسواءِ ڦٽين، مرچن ۽ ڪڻڪ جي گهڻي پيداوار ڏيندڙ ضلعو پڻ آهي. ساڳي طرح سان عمرڪوٽ ضلعي جو بئراجي ڀاڱو ڦٽين، باغن ۽ ڪڻڪ جي زرعي فصلن کانسواءِ خاص طور تي مرچن جي پيداوار ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي مرچن جي منڊي ڪنري شهر ۾ آهي. سکر بئراج جي پوڇڙي وارن واهن سان سيراب ٿيندڙ ٿرپارڪر ضلعي جو بئراجي ڀاڱو پڻ انتهائي زرخيز آهي. قديم درياهن، هاڪڙو ۽ پراڻ جي ڪچي واري هن ڀاڱي جي زرخيز زمين شايد سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به نه هجي. نارا جي سونا سنگ اپائيندڙ هن پٽي جي نئون ڪوٽ، ڪلوئي ۽ ڀتارو جي ڀٽن تائين هن سال ڦٽين ۽ مرچن جي لکين مڻن جا جيڪي ساوا کيت هئا اهي ايل بي او اڊي جي سم نالي جي ٻوڏ ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويا. هزارين ڳوٺ ۽ ڪيترائي وسندڙ شهر ٻڏي ويا ۽ان علائقي جي لکين ماڻهن وڃي ٿر جي ڀٽن تي پناهه ورتي. زرعي فصلن ۽ گهرن جي تباهي کانسواءِ سڄي سنڌ ٻوڏ متاثر علائقي ۾ چوپايو مال لکن جي تعداد ۾ مري ويو جيڪو مال ٿر ويو ته اتي به انهن ڍورن کي وچڙندڙ بيماريون لڳي ويون جتي پڻ هزارن جي تعداد ۾ مينهون ۽ ٻيا ڍور مري ويا. اهڙي طرح هن ٻوڏ جو سڌي طرح خاص نشانو وري به بدين ضلعو بڻيو آهي. جيڪو ضلعو 90 واري ڏهاڪي کان جڏهن واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي جي تباهڪارين جو سڌي طرح سان نشانو بڻجي رهيو آهي.

هن بدنصيب ضلعي کي هڪ طرف کان سمنڊ ٻوڙي ٿو ته ٻئي طرف کان ايل بي او ڊي جي سم نالن وسيلي نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص جي ضلعن جو سمورو ٻوڏ وارو پاڻي پڻ هر سال آبڪلاڻي ۾ بدين کي ٻوڙي ٿو. ايل بي او ڊي جي تباهه ٿيل سم نالن مان جيئن ته ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ٿي نٿو سگهي. ان ڪري بدين ضلعو جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجي هر سال تباهه ٿي رهيو آهي. زراعت ۾ بدين ضلعي جي سڃاڻپ هن کان اڳ 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن کان، خاص طور ڪمند ۽ ٽماٽن جي گهڻي پيدوار طور ٿيندي رهي آهي ان سان  گڏ ساريال ۽ سورج مکي جا فصل پڻ لکين ايڪڙن تي پوکيا وڃن ٿا. سورج مکي جي گهڻي پيداوار ۾ شهيد فاضل راهوجو تعلقو گولاڙچي سڄي سنڌ ۾ اول نمبر تي آهي. ڪمند جي گهڻي پيداوار جي ڪري اڃا تائين به بدين ضلعي کي شگر ڪين اسٽيٽ جي حيثيت حاصل آهي. جتي هن وقت به سنڌ جي سڀني ضلعن کان وڌيڪ 6 عدد شگر ملون آهن. سنڌ ۾ جيڪي 32 شگر ملون آهن انهن ۾ ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن جي حدن ۾ انڪري آهن جو اصل ڏکڻ سنڌ ۽ لاڙ ئي ڪمند جي گهڻي اپت وارو ڀاڱو آهي. لاڙ جي ڪلراٺي زمين ۽ آبهوا ڪمند جي پيداوار جي موافق هئڻ ڪري هن خطي ۾ ڪمند جو فصل وڌيڪ پوکيو وڃي ٿو، هن سال جي مها ٻوڏ ۾ جيئن ته ڪپهه، مرچ ۽ ڀاڄين جا زرعي فصل 100 سيڪڙو ۽ ساريالي جو فصل 80 سيڪڙو  تباهه ٿي ويا، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جي ڪپهه جون منڊيون ۽ ڪنري جي مرچن جي منڊي ويران ٿي ويون. مسڪين هارين ۽ آبادگارن کي جتي اربين روپين جو نقصان پهتو اتي انهن شهر جي جڳ مشهور منڊين ۽ سوين ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن ۽ واپارين جا پڻ اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. اڳ ۾ ته ڦٽيون فقط سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ وارن ضلعن ۾ پوکيون وينديون هيون پر هن سال بدين ضلعي ۾ ڦٽين جي بي ٽي جي جنس وارو زرعي فصل پڻ لکين ايڪڙن تي پوکيو ويو هو. جيڪو فصل 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويو. جنهنڪري هارين ۽ آبادگارن سان گڏ ڦٽين جي واڻين سيٺ واپارين جو پڻ ڏيوالو نڪري ويو آهي. جن ڦٽين جي پوکائي لاءِ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جا وياج تي قرض ڏنا هئا. انهن واپارين جو سمورو ڏنل ناڻو پڻ دڦ ٿي ويو آهي. خريف جي انهن زرعي فصلن ۾ ڪمند هڪ اهڙو ڏاڍو فصل آهي جيڪو ايڏي ٻوڏ واري 7-6 فوٽ پاڻي ۾ به ڪجهه قدر سلامت بچي سگهي ٿو. هڪ سروي موجب  هن ٻوڏ ۾ ڪمند جو 60 سيڪڙو فصل ته سڙي ختم ٿي ويو. باقي 40 سيڪڙو بيٺل فصل پڻ لاڳيتو ٽن مهينن تائين پاڻي ۾ بيهڻ ڪري تيزيءَسان سڪي وزن گهٽائي رهيو آهي. لاڙ ۾ اڪيلو جيڪو ڪمند جو ڪجهه فصل بچيو آهي. اهو پڻ تيزي سان سڪي سڙي تباهه ٿي رهيو آهي. پر سنڌ جون اٽڪل سموريون شگر ملون اڃا 15 نومبر تائين لاڳيتو بند آهن. هيل تائين سنڌ جي ڪا هڪ به شگر مل 15 نومبر تائين چالو ٿي نه سگهي آهي.ڪمند ۽ کنڊ ملز جي ملڪي قانون تحت ملڪ جا سمورا کنڊ جا ڪارخانا هر سال پهرين آڪٽوبر تي ڪنهن به حالت ۾ هلائڻا آهن. پر گذريل اٽڪل ويهارو سالن کان کنڊ جي ڪارخانن جا مالڪ ان ملڪي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي پنهجا ڪارخانا هر سال نومبر جي آخري هفتي ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ چالو ڪندا آهن ۽ ڪمند جا اگهه به پنهنجي مرضي جا مقرر ڪندا آهن جنهن تان هر سال ڪمند جي آبادگارن ۽ کنڊ ڪارخانن جي مالڪن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويندي آهي. آبادگار ملن کي ڪمند جي فراهمي بند ڪري ڇڏيندا آهن. جنهنڪري ڪيتريون ئي شگر ملون ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند ٿي وينديون آهن. آبادگارن ۽ کنڊ جي ڪارخانيدارن جي وچ ۾ اهو جهيڙو، سڄي سيزن ۾ پيو هلندو آهي ۽ حڪومتون خاموش تماشائي بڻيل هونديون آهن. اهو تقريبن هر سال جو معمول بڻجي ويو آهي. ڪارخانيدار هر سال ان ڪري دير سان پيڙائي شروع ڪندا آهن، جيئن ڪمند جو وزن گهٽ ٿئي ۽ سندن کنڊ وڌيڪ دير سان ٿيندي تيئن مسڪين آبادگار مجبور ٿي کين گهٽ اگهه تي ڪمند فراهم ڪندا ۽ هو آبادگارن جي ان ڪمند مان ٻيڻ ٽيڻ تي نفعو ڪمائين، هوڏانهن ڪمند دير سان نڪرڻ ڪري آبادگارن کي هر سال ٻٽو نقصان ٿيندو رهندو آهي. ڪمند جو وزن گهٽجڻ کانسواءِ چيٽ جي مند جي پوکائي لاءِ به سندن زمين خالي ٿي نه سگهندي آهي. جنهنڪري لاڙ ۾ خاص طور تي بدين ۾ گذريل ڪجهه سالن کان آبادگارن جو ڪمند جو فصل پوکڻ کان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جنهنجي نتيجي ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪمند جي پيداوار گهٽجي وئي آهي. ملز مالڪن ۽ کنڊ جي واپارين هن ملڪ ۾ هڪ مافيا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ان جو مثال گذريل ڪجهه سالن کان اسانجي سامهون آهي جنهن ۾ ان مافيا سموري ملڪ جي کنڊ کي گودامن ۾ لڪائي بليڪ مارڪيٽنگ وسيلي کنڊ جي هڪ ڪلو جو مُلهه 100 روپين کان به وڌائي ڇڏيو. هن وقت به بازار ۾ 80 روپيه في ڪلو وڪامي رهي آهي. پر حڪومت ڪمند جي هڪ مڻ جو اگهه فقط 154 روپيه مقرر ڪيو آهي.گذريل سال سنڌ ۾ ڪمند جي هڪ مڻ جو سرڪاري اگهه فقط 127 روپيه هو. پر شگر ملن جي چٽا ڀيٽي سبب ڪن ملن ۾ ڪجهه ڏينهن تائين وڌي 250 روپيه مڻ تائين پهتو هو. پر پوءِ تڪڙوئي ملز مالڪن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڪمند جي هڪ مڻ جو اگهه 140 کان 150 روپيه ڪري ڇڏيو. حڪومت سنڌ ۾ هن سال ڪمند جي في مڻ جو اگهه 154 روپيه مقرر ڪيو آهي. جڏهن ته بدين ۽ لاڙ ۾ هن وقت ديوي جي ٻارڻ وارين ڪاٺين جي هڪ مڻ جو اگهه 250 روپيه آهي. هن کان وڌيڪ ڪهڙي بي انصافي ٿيندي. انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو هي قصو هن ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سالن کان جاري آهي. لکين ٻوڏ متاثر بکن ۽ ڏکن ۾ موت جو ڪنڌي تي پهچي رهيا آهن. سندن سمورا زرعي فصل 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن، اڪيلي ڪمند جي فصل جا جيڪي ڪانا بچيا آهن اهي ملز ۽ کنڊ مافيا وارا خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هي سٽون لکڻ تائين پ پ جي ڪنهن هڪ به شگر ملز چمني نه ٻاري هئي موجوده  پ پ جي عوامي حڪومت عوام جي واهر ڪرڻ جي بجاءِ شوگر ملز مافيا جي اڳيان بيوس بڻيل آهي.

بدين جا ٽما ٽا ٽڪي ڌڙي!

هي تاريخ ۽ ملڪي حڪمرانن جي ستم ظريفي جو هڪ حيران ڪندڙ عجيب لقاءَ ته ڏسو، گذريل سال ۽ ان بعد چند مهينا اڳ اسان افيئر جي هنن ئي پنن ۾ بدين ۽ ٺٽي جي اعليٰ معيار وارن ڳاڙهن ٽماٽن جي ٽڪي ڌڙي وڪامڻ واريون رپورٽون هلايون هيو ته بدين جا لکين مڻ ٽماٽا ڪا به مارڪيٽ ۽ سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري ڪنا ٿي سڙي رهيا آهن. بدين جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ خراب ٿيل ٽماٽن جا انبار لڳي ويا. هر طرف 5 روپيه في ڪلو ٽماٽن جي وڪري جا هوڪا هلي رهيا آهن. بدين جي ايشيا جي ٽماٽن جي سڀ کان وڏي منڊي جا واپاري 100 روپيه مڻ به ٽماٽا خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جنهنڪري بدين جي سوين آبادگارن پنهنجا هزارين ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽن جا ڪروڙين روپين جي لاڳت وارا فصل ڀيلائي ڇڏيا آهن ۽ ان بعد وري هن سال فيبروري ۽ مارچ جي مهينين کان تيار ٿيندڙ لاڙ جي ٻئي ضلعي ٺٽي جا اونهاري جي مند ۾ وڪرو ٿيندڙ ٽماٽا مارڪيٽ ۾آيا ته انهن ٽماٽن جو حشر پڻ بدين جي سياري وارن ٽماٽن جهڙو ٿيو. ٺٽي جي شهر سميت ضلعي جا سمورا ننڍا وڏا شهر ساڳي طرح سان ٽماٽن سان ڳاڙها ٿي ويا ۽ ٺٽي ۾ به ٽماٽا 5 روپيه ڪلو ۽ 100 روپيه في مڻ وڪامڻ لڳا. اهڙي طرح گذريل سال لاڙ جي ٽماٽن جو اهڙو حشر ٿيو ۽ مسڪين آبادگارن جا لاڳت آيل ڪروڙين روپيه ٻڏي ويا ۽ اهي واپارين جا قرضي ٿي ويا. هن سال جيئن ته آيل مها ٻوڏ ۾ ساين ڀاڄين سان گڏ هزارين ايڪڙن تي پوکيل بدين جا ٽماٽا 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويا ۽ زمين ما ن ٻوڏ جو پاڻي نه نڪرڻ ڪري نون ٽماٽن جي پوکائي به ٿي نه سگهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هن سال سڄي سنڌ جي سڀني شهرن ۾ انڊيا مان ايندڙ ٽماٽا 150 کان 200 روپيه في ڪلو وڪامڻ لڳا. انڊيا جي صوبي اوڀر پنجاب ۽ ٻين صوبن کان لاهور شهر جي واهگا بارڊر رستي اهي ٽماٽا بدين شهر کانپوءِ ڪڍڻ شهر تائين پهچن ٿا. جيڪو واقعو بنهه غير معمولي ۽ حيرتناڪ آهي ۽ اها به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اسانجو پاڙيسري ملڪ انڊيا جنهنجي آبادي هڪ ارب کان به وڌي ويئي آهي ۽ اهو ملڪ زراعت ۾ پاڻڀرو ٿي پنهنجون زرعي جنسون ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي رهيو آهي جنهن ۾ ٽماٽن جهڙي بنهه نازڪ سبزي پڻ ڪڍڻ شهر تائين اچي پهتي آهي. ٽماٽن کانسواءِ انڊيا جو ڳاڙهو بصر پڻ ڪڍڻ شهر ۾ 60 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. هيڏانهن اسان واري حڪومت جا پرڪارڏسو بدين جا ٽماٽا ۽ ڦلڪاري وارو بصر جڏهن مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته اهو 100 روپيه مڻ نٿو وڪامجي ان کان وڌيڪ حڪومت جي ٻي ڪهڙي زراعت دشمني جو ثبوت آهي. زراعت جي سرپرستي نه ڪرڻ ۽ آبادگار دشمن سرڪاري پاليسي سبب سنڌ ۾ سڪرات ورتل زراعت جو ڄڻ ته جنازو نڪري ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو