Home / افيئر / آمريڪا بهادر ۽ قومي حقن جي جهدوجهد
above article banner

آمريڪا بهادر ۽ قومي حقن جي جهدوجهد

اڄڪلهه دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن ملڪ جو ذڪر ٿئي ٿو سو آهي آمريڪا. جنهنکي آمريڪي گڏيل رياستون (USA) به چيو وڃي ٿو. البته ايئن ان ملڪ جو ذڪر ڪرڻ جا مختلف ماڻهن وٽ مختلف سبب آهن. هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته آمريڪا جمهوريت جو چيمپئن، انساني حقن جو علمبردار، آزاديءَ جو اڳواڻ ۽ برابريءَ جو بهترين نمونو آهي. جڏهن ته ٻيا ماڻهو وري آمريڪا کي سامراج، استحصالي، قبضي گير، جنگي جنوني ۽ انساني متڀيد جو مثال ڪري پيش ڪن ٿا. پهرين قسم جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته دنيا جي هر مسئلي جو حل آمريڪا وٽ آهي ۽ هر اها شيءِ جيڪا آمريڪي آهي سا بهتر آهي ۽ اهو به هت (خاص ڪري سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ) دنيا ايئن هلندي جيئن آمريڪا چاهيندو ۽ ان جو ڪيل هر فيصلو درست هوندو آهي. ان قسم جا ماڻهو سنڌ ۾ به آهن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ آهن جهڙوڪ سياستدان، صحافي، سماجي ورڪر ۽ ‘دانشور’. اُهي پنهنجي تقريرن ذريعي چوندا ٿا رهن ته سنڌ هن وقت جن مسئلن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي انهن جو اڪسير علاج آمريڪا وٽ آهي ان لاءِ انهن جا مختلف دليل آهن. هڪڙو ته آمريڪا آهي ئي آزادي، انصاف ۽ برابريءَ جو چيمپئن ۽ جيئن ته سنڌي قوم به انهن اصولن جي راهي آهي تنهن ڪري ٻنهي جو تعلق ضروري آهي. ٻيو دليل اهو آهي ته جيئن ته آمريڪا مذهبي بنيادپرستيءَ جي خلاف آهي تنهن ڪري سنڌ جو سيڪيولر ڪردار کڻي هلي انهن کي ڏيکارجي ۽ پوءِ سنڌ جي حقن (آزاديءَ سميت) جي جهدوجهد کي انهن جي مدد سان ڪامياب ڪجي ۽ ٽيون مکيه جواز اهو ڏنو پيو وڃي ته آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور ۽ ايڏو طاقتور ملڪ آهي جو جيڪو اهو چاهيندو دنيا ۾ اهو ئي ٿيندو ۽ جيڪو ملڪ يا جيڪا قوم آمريڪا جي اتحادي هوندي اها ئي آزادي ۽ خوشحالي ماڻيندي ان ڪري سنڌين کي پنهنجو ڪيس کڻي آمريڪي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ کپي.

ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم انتهائي مشڪل دور مان گذري رهي آهي ۽ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هن گلوبل وليج (عالمي ڳوٺ) بڻيل دنيا ۾ ان کي دوست، اتحادي ۽ مددگار گهرجن پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو دوست، اهو اتحادي ۽ اهو مددگار آمريڪا ئي آهي يا ٿي سگهي ٿو؟ اچو ته ان سوال جو جواب تاريخي حقيقتن جي پسمنظر ۾ اصولن جي بنياد تي ۽ حڪمت عملين جي حوالي سان ڳولهيون.

آمريڪا جي حوالي سان تاريخ جو پهريون سبق اهو آهي ته آمريڪا ۾ يورپ کان داخل ٿيندڙ پهرين ماڻهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندڙ پناهگير (Immigrants) جو هڪ ئي سبب ۽ هڪ ئي مقصد آهي؛ وڌ کان وڌ مالي فائدا حاصل ڪرڻ. اهو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هن وقت آمريڪي آباديءَ جو 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻاهران آيل آهن ۽ انهن آباد ٿيڻ جي شروعات اتان جي اصلي ڌرتي ڌڻين جي قتلام ۽ انهن جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ سان ڪئي. جنهن وقت آمريڪا جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو ان وقت 13 رياستون هيون. اڄ جيڪو اهو تعداد 50 تائين پهتل آهي ته اڪثر ڪري پاڙيسري ملڪن جي زمينن تي قبضي ڪرڻ سان ٿيو آهي. يعني بنياد ٻن ڳالهين تي آهي؛ پناهگير (Immigrants) ۽ قبضو (بندوق جي زور تي). اهو صحيح آهي ته ‘اعلان آزادي’ کانپوءِ آمريڪا آزادي، جمهوريت ۽ انساني حقن بابت دنيا کي ڪافي ڪجهه ڏنو پر پوءِ اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ان جي قيمت ڪيتري ورتي ويئي. آزاديءَ جا جهنڊا لکين آفريقي انسانن جي غلاميءَ تي جهولايا ويا ۽ انساني حقن جا سبق لکين انسانن کي جانورن کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ٻڌايا ويا. آزاديءَ جي اعلان کانپوءِ اٽڪل هڪ صديءَ تائين انسانن جي غلامي قانوني طور جائز هئي جڏهن ته عملي طور نسلي مٿڀيد جي صورت ۾ اها ويهين صديءَ دوران به موجود هئي جنهنجا اهڃاڻ روزا پارڪ ۽ مارٽن لوٿرڪنگ جونيئر واريون تحريڪون آهن.

بهرحال ان سڀ ڪجهه جي باوجود آمريڪا جمهوري طرزِ حڪومت، آزادي ۽ انساني حقن بابت جيڪي عمل ڪيا يا ڳالهيون ڪيون ۽ يورپي نوآبادياتي نظام خلاف جهيڙيندڙ ماڻهن جي جيڪا اخلاقي حمايت ڪئي اهي ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون آهن. پر اهو سڀ ڪجهه ٻي مهاڀاري جنگ تائين هليو. ان کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي ويئي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ آمريڪا هڪ سپر پاور طور اڀريو ۽ ان سان گڏوگڏ يورپ جي ڊهندڙ سامراجي قوتن جي جڳهه به والاري البته جيئن ته دنيا تبديل ٿي چڪي هئي ۽ سڌو سنئون ڪالونيون رکڻ آسان نه هئو تنهن ڪري آمريڪا جديد نوآبادياتي (Neo-colonialism) نظام جو سرواڻ ٿيو، يعني دنيا تي اڻسڌي طرح قبضو.ان جو طريقئه ڪار اهو هئو ته هڪ طرف اهڙو عالمي اقتصادي نظام ٺاهيو ويو جنهن سان ايشيا، آفريقه ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ دولت جي انهن ملڪن کان آمريڪا يورپ ڏانهن منتقلي جاري رهي ته ٻئي پاسي بدنامِ زمانه سي- آءِ- اي ذريعي دنيا جي انهن ملڪن جي عوامي، انقلابي، جمهوري ليڊرن کي قتل ڪرائي اتي پنهنجون دلال فوجي آمريتون قائم ڪرايون ويون. ويٽنام، ڪمبوڊيا، لائوس، الجزائر، ڪانگو، ترڪي، انڊونيشيا، ايران، چلي ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ملڪ ۽ يقيني طور نه وساري سگهجندڙ پاڪستان جتي هڪ نه پر چار دفعا فوجي آمريتون قائم ڪيون ويون. آمريڪا بهادر جي سرپرستيءَ ۾ ۽ مدد سان انهن ملڪن ۾ جمهوريت جو جيڪو حشر ڪيو ويو ۽ انساني حقن جيڪا لتاڙ ڪئي ويئي ان جو جديد دنيا ۾ ڪو مثال ناهي.

اها ته هڪڙي مختصر جهلڪ هئي تاريخ جي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته آمريڪا نظرياتي طور يا اصولي طرح آزادي، امن، جمهوريت ۽ انساني برابريءَ کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو. هاڻي اچون ٿا موجوده دور ڏانهن ۽ ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ڇا آمريڪا واقعي ايترو طاقتور  ۽ايترو ڏاهو آهي جو اهو جيڪو ڪجهه چوي اهو ئي دنيا ۾ ٿئي ۽ اهو جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ان ۾ ڪامياب وڃي.

عالمي صورتحال تي هڪ سرسري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سپر پاور هئڻ جي باوجود ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ آمريڪي رياست جون اختيار ڪيل اڪثر پاليسيون ناڪام ويون ۽ ان جا اڪثر فيصلا غلط ثابت ٿيا آهن جيڪي نه رڳو ٻي دنيا لاءِ پر خود آمريڪا لاءِ به هاڃيڪار اثر کڻي آيا آهن. سڀ کان وڏو مثال ويٽنام جو آهي جتي 30 لک محبِ وطن ويٽنامين ۽ 58 هزار آمريڪي فوجين جي موت ۽ ويٽنامي سرزمين جي تباهي کان پوءِ آمريڪا کي شڪست فاش ملي. آمريڪي سرحدن کان صرف 90 ميلن جي مفاصلي تي ننڍڙي ٻيٽ تي قائم ڪيوبا جي انقلابي حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ 50 سالن جي سازشن ۽ سياسي، فوجي ۽ اقتصادي حملن جي باوجود ناڪامي نصيب ٿي. ڏکڻ آفريقه ۾ نسل پرستيءَ کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي پر ان کي عوامي جهدوجهد جو طوفان لوڙهي ويو. پاڪستان ۾ فوجي حڪومتن کي پاليو ويو ۽ انهن جي ذريعي پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا تي قبضو ڪري پوءِ اتان ويهي وچ ايشيا جي قدرتي وسيلن کي ڪنٽرول ڪبو ۽ چين تي چيڪ رکبو. ڏهن سالن جي خونريزي جنگ، تباهي ۽ بدناميءَ کانپوءِ هينئر دنيا جو واحد سپر پاور واپسيءَ جا رستا ڳولهي رهيو آهي. نه رڳو ايترو پر وچ ايشيا تي ڪنٽرول جا خواب ڏسندڙ آمريڪا علائقي جي ننڍڙن ملڪن جي آمر حڪمرانن هٿان بليڪ ميل ٿي رهيو آهي ۽ انساني حقن جو ‘چيمپئن’ انهن حڪمرانن طرفان انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين تي خاموش رهڻ تي مجبور آهي.

موجوده دور ۾ آمريڪي حڪمت عملين جي مڪمل ناڪاميءَ جو سڀ کان وڏو مثال عراق آهي. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايران مغربي ايشيا ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو حريف رهيو آهي. ساڳئي وقت پاڙيسري عرب ملڪ عراق سان به ايران جي تاريخي دشمني هلندي اچي. اهڙي طرح عراق ۽ آمريڪا هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا. سڄي دنيا کي خبر آهي ته عراق- ايران جنگ ۾ آمريڪا عراق جي مدد ڪئي هئي. اها به ڄاتل حقيقت آهي ته عراق ۾ آباديءَ جي اڪثريت شيعن جي آهي جڏهن ته حڪومت سنين جي هئي. صدام حڪومت جي ظلمن خلاف ايران عراقي شيعن جي مدد ڪندو هئو ۽ عراقي شيعا اڳواڻ جلاوطنيءَ ۾ يا مذهبي حوالن سان ايران ۾ رهندا هئا ۽ اها به مڃيل حقيقت آهي ته صدام حسين جي قيادت ۾ بعث پارٽيءَ جي حڪومت سيڪيولر هئي. آمريڪا جڏهن 2003 ۾ عراق تي حملو ڪيو ان جا جا ٻه مقصد هئا. هڪ عراق جي تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ ۽ ٻيو عراق تي حملي لاءِ آمريڪا سرڪار دنيا آڏو جيڪي جواز پيش ڪيا سي اهي هئا ته عراق موتمار هٿيار تيار ڪري رهيو آهي جن کي عام تباهيءَ جا هٿيار به چيو ويندو آهي ۽ ٻيو ته صدام حڪومت جا مذهبي بنيادپرست تنظيم القاعده سان ويجها لاڳاپا آهن.

آمريڪي حملي کانپوءِ نتيجو اهو ٿيو ته سمورين ڪوششن جي باوجود عام تباهيءَ جو ڪو به هٿيار هٿ نه آيو جڏهن ته القاعده جنهنجو اڳ ۾ عراق ۾ وجود ئي ڪو نه هئو ان عراق ۾ وڏي پئماني تي پنهنجا مرڪز قائم ڪري خطرناڪ ڪارروايون ڪيون ۽ عراق هڪ سيڪيولر ملڪ مان تبديل ٿي مذهبي انتهاپسنديءَ جو ڳڙهه بڻجي ويو. ٻئي طرف ايران دشمن ۽ آمريڪا دوست صدام حسين جي حڪومت ختم ڪرڻ، خطرناڪ جنگ ذريعي عراق کي تباهه ڪرڻ ۽ لکين عراقين ۽ 5 هزار آمريڪي فوجين کي مارائڻ کانپوءِ آمريڪا عراق ۾ جيڪا حڪومت قائم ڪري سگهيو اُها شيعا اڪثريت جي آهي آمريڪا کان وڌيڪ ايران جي دوست آهي. ان مان ثابت ٿيو ته آمريڪي حڪمت عمليون نه رڳو ناڪام ويون پر انهن ابتا نتيجا ڏنا.

هاڻي اچون ٿا “آمريڪا سان دوستي” واري نُڪتي ڏانهن. ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي دوستيءَ جو نالو آمريڪا سرد جنگ دوران ڏيندو هئو. هينئر هو پاڻکي دنيا جو بي تاج بادشاه سمجهي ٿو، سو اهڙي حالت ۾ محڪوم قومن ۽ ڪمزور ملڪن جي حيثيت هن جي آڏو هڪ سواليءَ واري آهي ۽ لڳي ٿو ته گهڻن ماڻهن اها بادشاه ۽ سواليءَ واري حيثيت قبول ڪري ورتي آهي ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته پنهنجو ڪيس کڻي هلو ۽ هلي انهن کي مطمئن ڪريو. ان منجهائن ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته آمريڪا بهادر جيڪي ڪجهه ڪري پيو اهو اڻڄاڻائيءَ ۾ پيو ڪري، جڏهن اسان ان کي سمجهائينداسين ته اسان سان نا انصافي پئي ٿئي ته هو انصاف جو اَلم کڻي اٿي پوندو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته 64 سالن کان پاڪستان ۾ قومن سان جيڪي ڪلور ٿيندا رهيا آهن اُهي سڀ آمريڪا جي صلاح، آشيرواد ۽ مدد سان ڪيا ويا آهن. ته پوءِ اهو ته ايئن ٿيو جيئن ڪنهن علائقي جو ڪو چوڌري يا وڏيرو هجي، چورن ۽ ڌاڙيلن جي به اهو سرپرستي ڪندو آهي ۽ ڀاڳيا به چورن/ ڌاڙيلن سان مقابلي جي سگهه نه ساريندي ساڳئي ئي جاگيردار وٽ انصاف لاءِ دانهن کڻي ويندا آهن. پوءِ اهو وڏيرو فيصلو ڪندو آهي. ان جو اهو فيصلو 10 مان 9 دفعا چورن جي فائدي ۾ هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان کي پنهنجي چوڌرائپ قائم رکڻ لاءِ وقت اچڻ تي وري انهن جي ئي ضرورت پوندي آهي.

جيڪي ماڻهو چون ٿا ته آمريڪا وٽ انصاف لاءِ دانهن کڻي هلجي ۽ ان کي راضي ڪري پنهنجا قومي حق حاصل ڪجن انهن کي فلسطين جي صورتحال مان سبق وٺڻ گهرجي. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته فلسطينين پنهنجي قومي رياست جي حصول لاءِ ڪيتري ڊگهي جهدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪيڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان جهدوجهد ۾ انهن کي سرد جنگ دوران سوويت يونين جي حمايت ۽ مدد حاصل هوندي هئي. پوءِ 90 جي ڏهاڪي ۾ فلسطينين فيصلو ڪيو ته آمريڪا جي ٽياڪڙي ۽ مدد سان پنهنجا تاريخي حق حاصل ڪجن جيتوڻيڪ اهو فيصلو تمام گهڻو تڪراري هئو ۽ ڪيترن ليڊرن ۽ دانشورن ان جي مخالفت به ڪئي پر بهرحال پي- ايل- او مجموعي طور ان رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو. 1993 ۾ مشهورِ زمانه اوسلو معاهدو ٿيو جنهن تحت سڀني ڌرين ٻن رياستي حل جي اصول کي قبول ڪيو. اردن دريا جي الهندي ڪناري جي ڪجهه علائقن ۽ غزه ۾ شهري حڪومت جهڙي هڪ فلسطيني اختياري قائم ڪئي ويئي جيڪا پنهنجي معاشي ۽ دفاعي بقا لاءِ مڪمل طور اسرائيل جي محتاج هئي. طئي ڪيو ويو ته فلسطين جي آزاد، خودمختيار رياست جي قيام لاءِ حتمي ۽ فيصله ڪن ڳالهيون 5 سالن اندر شروع ٿينديون. آمريڪا ان معاهدي جو ضمانتي هئو- نتيجو؟ نتيجو اهو آهي ته 18 سال گذرڻ جي باوجود اُهي فيصله ڪن ڳالهيون اڃا شروع نه ٿي سگهيون آهن. ان وچ ۾ اسرائيل فلسطين جي وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪرڻ لاءِ يهودين جون وستيون قائم ڪندو ٿو رهي جيڪي عالمي قانون جي خلاف آهن ته اوسلو معاهدي جي به. ان کان سواءِ آئي ڏينهن اسرائيل غزه تي زميني ۽ هوائي حملا ڪري بيشمار بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندو ٿو رهي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود آمريڪا اسرائيل جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت ڪري ٿو ان جي سڀني عملن ۽ سمورين ڪاررواين جي دنيا ۾ گڏيل قومن ۾ وڪالت ڪري ٿو. ۽ اهو سڀ ڪجهه ان جي باوجود ته سڄي دنيا سان گڏ آمريڪي سفارتخاني جي ڪنهن اهلڪار يا آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن اسسٽنٽ ڊپٽي سيڪريٽريءَ آڏو ‘سنڌ جي مظلوميت’ ۽ ‘سنڌ جي سيڪيولر ڪردار’ جي ڳالهه رکنداسين ته بس آمريڪا اسانجي حمايت ۾ اٿي پوندو. انهن کي گذارش آهي ته تاريخ کي پڙهن ۽ عالمي سياست جي حرڪيات (Dynamics) کي سمجهن.

آمريڪا جي اهڙي ڪردار جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو فلسطين اختياري جو صدر محمود عباس جيڪو اوسلو معاهدي جو وڏو حامي هئو ۽ جنهن آمريڪا کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪيترن فلسطيني گروپن ۽ پنهنجي ساٿين کي به ناراض ڪيو ان مذاڪرات ۽ آمريڪي ٽياڪڙيءَ ذريعي قومي رياست جي حصول کان مڪمل طور نا اميد ٿي ٻيو رستو ورتو. هن عالمي قانون تحت ۽ دنيا جي ملڪن جي اڪثريت جي حمايت سان گڏيل قومن جو در کڙڪايو ته آمريڪا اتي به سخت مخالفت ڪئي ۽ فلسطينين کي تسليم ڪرڻ جي خلاف ويٽو استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. نه رڳو ايترو پر اهو به چيو ته گڏيل قومن  جي قرارداد سان رياستون قائم نه ٿينديون آهن جڏهن ته اسرائيل خود گڏيل قومن جي قرارداد ذريعي وجود ۾ آيو هئو ۽ اسانکي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته فلسطين جي تحريڪ سيڪيولر آهي ۽ اهي هڪ سيڪيولر فلسطيني رياست قائم ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ مسلمان، يهودي، عيسائين ۽ ٻين کي هڪ جهڙي حيثيت حاصل هوندي جڏهن ته اسرائيل پاڪستان وانگر هڪ مذهبي رياست آهي.

هتي ڪجهه مثال آمريڪا جي ‘پڪن دوستن’ ۽ انهن سان آمريڪي ورتاءَ جو. مٿي فلسطينين جو ذڪر ٿي چڪو آهي پر ڪير چئي سگهي ٿو ته اسرائيل جو مسئلو آهي جيڪو آمريڪا جو وڏو دوست آهي. شهنشاه ايران يورپ کان ٻاهر آمريڪا جو سڀ کان گهاٽو دوست هئو، ايتري تائين جو ٽين دنيا ۾ شاه ايران کي آمريڪا جو ‘پوليس مين’ چيو ويندو هئو. پر پوءِ جڏهن حالتون تبديل ٿيون ۽ شاه کي جلاوطن ٿيڻو پيو ته آمريڪا کيس پنهنجي ملڪ ۾ قدم رکڻ به نه ڏنو. يا صدام حسين به انقلابي ( مذهبي) ايران خلاف جهدوجهد ۾ آمريڪا جو ‘پڪو دوست’ هئو. پوءِ دنيا ڏٺو ته پنهنجي وقتي مفادن جي پورائي خاطر آمريڪا صدام جو ۽ صدام جي ملڪ جو ڪهڙو حشر ڪيو. پر ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو مثال افغان مجاهدين آهن. سوويت يونين خلاف جنگ ۾ اهي آمريڪا جا پڳ مٽ يار هئا. آمريڪا انهن جي وائيٽ هائوس ۾ دعوت ڪئي جتي هنن انهن کي پنهنجي انهن ابن ڏاڏن سان ڀيٽ ڏني جن آمريڪا کي ‘آزاد’ ڪرايو هئو. ان وقت جي نائب صدر جارج بش سينئر طورخم جي سرحد تي بيهي تقرير ڪندي چيو هو ته “اهي افغان مجاهدين رڳو افغانين جي جنگ ڪو نه ٿا وڙهن، اهي رڳو مسلمانن جي جنگ به ڪو نه ٿا وڙهن، اهي ته سڄي دنيا جي الله کي مڃيندڙن (Believers) جي جنگ ڪافرن (Non-believers) جي خلاف وڙهي رهيا آهن”. پر پوءِ جڏهن پنهنجي مفادن تحت آمريڪا پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي ته اهي ‘مومن ڀائر’ راتو رات ڦري دنيا جا سڀ کان وڏا ۽ سڀ کان خطرناڪ دهشتگرد ٿي پيا.

اتي ڪي همراهه چوندا ته “جيڪڏهن آمريڪا جو دوست نه ٿجي ته پوءِ دشمن ٿجي؟” اهو غير سياسي سوچ جو اظهار آهي. ائين رڳو ڊڪٽيٽر، جابر حڪمران ۽ انتهاپسند ماڻهو چوندا آهن. جيئن آمريڪي صدر جارج بش 11/9 جي واقعي کانپوءِ چيو ته “جيڪو اسانجو اتحادي ناهي اهو اسانجو دشمن آهي” ان جي ڀيٽ ۾ انقلابي ليڊرن جو سبق اهو آهي ته دوست يا اتحادي ۽ دشمن ٻه ڇيڙا آهن، انهن جي وچ ۾ گهڻا مرحلا ۽ گهڻيون ڪيفيتون آهن جيڪي حالتن پٽاندر اختيار ڪرڻ گهرجن. خاص ڪري ڏکي ۽ ڪمزور صورتحال ۾ ڦاٿل قومون، جيئن هن وقت اسان سنڌي آهيون، انهن کي گهڻو خبرداريءَ سان هلڻو پوي ٿو. هڪڙن سان اتحاد ۽ دوستيءَ جي شوق ۾ ٻي دنيا سان دشمني مهانگي پئجي سگهي ٿي؛ حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان به نظرياتي لحاظ کان به. حڪمت علميءَ جي لحاظ کان  جيئن مٿي چيو ويو ته آمريڪا جي ‘بادشاهت’ وارو دور گذري ويو. هينئر دنيا ۾ طاقت جا گهڻا مرڪز اُڀري رهيا آهن جهڙوڪ يورپ، چين، روس ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جو بلاڪ وغيره. نظرياتي طور اسانجي ڪيس جو بنياد اهو آهي ته اسان محڪوم قوم آهيون، اسانکي پنهنجي آزادي ۽ خودمختيار حيثيت جي بحالي گهرجي. هاڻي جيڪڏهن اسان آمريڪا جا ساٿاري ٿا ٿيون ته ان جو مطلب ٿيندو ته اسرائيل جي حمايت ۽ فلسطينين جي آزاديءَ جي حق جي مخالف جنهن سان جنهن سان اسانجي جهدوجهد جا بنياد ڪمزور ٿيندا ۽ آمريڪا جي حاڪميت واري حيثيت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي حاڪميت جو حصو ٿيڻ جو مطلب ٿيندو ته عراق وانگر دنيا جي ڪنهن به خودمختيار ملڪ تي آمريڪي قبضي جي حمايت ڪرڻ… ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ٻين جي قبضي جي حمايت ڪيئن ۽ ڪهڙي بنياد تي ڪري دنيا کان حمايت ۽ مدد حاصل ڪنداسين. جيڪڏهن باقي سڄي دنيا سان ڦٽائي رڳو آمريڪا جي آسري تي هلون ته پوءِ اسان مڪمل طور ان جي رحم ڪرم تي ٿينداسين. پوءِ ان جي مرضي اسان سان جيڪو به سلوڪ ڪري. ان ڏس ۾ 18 سالن تائين فلسطين سان اختيار ڪيل سندس ورتاءَ کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ اسانکي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته اسانجي قومي وجود کي خطري ۾ وجهندڙ قوتن کي اڳ ۾ ئي آمريڪا جي آشيرواد حاصل آهي.

اسانکي حق سچ جي بنياد تي پنهنجو ڪيس وڙهڻ گهرجي ۽ حق جي بنياد تي ئي دنيا جي مختلف ملڪن، ماڻهن ۽ تنظيمن کان حمايت ۽ مدد ڪرڻ گهرجي. پوءِ ان رستي تي هلندي اهو حالتن تي ڇڏجي ته ڪير ٿو اسانجو دوست ٿئي جڏهن ته ڪنهن سان دشمني ڪرڻ کان پاسو ڪجي سواءِ انهن جي جيڪي اسانجي قومي حق، قومي وجود ۽ بقا جا ثابت ٿيل دشمن آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو