Home / افيئر / آمريڪا جي عراق مان واپسي مڪمل
above article banner

آمريڪا جي عراق مان واپسي مڪمل

عراق ۾ 9 ورهين تائين جنگ ڪرڻ کانپوءِ تازو ئي آمريڪي فوجي آپريشن جي خاتمي کانپوءِ راڄڌاني بغداد مان آمريڪي جهنڊو لاٿو ويو. اهڙيءَ ريت عراق ۾ مقرر ساڍا پنج هزار آمريڪي فوجي عراق جي سيڪيورٽي معاملا عراقي اختيارين حوالي ڪري اتان هليا ويا آهن. عراق جنگ دوران لڳ ڀڳ ساڍا چار هزار آمريڪي ۽ هڪ لک کان وڌيڪ عراقي موت جو کاڄ بڻيا. مذڪوره جنگ تي آمريڪا جا تقريباََ ڏهه کرب ڊالر خرچ آيو. آمريڪا ۾ ري پبلڪن جماعت سان تعلق رکندڙ سياستدانن عراق جي استحڪام جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪندي آمريڪي فوج جي اتان نڪرڻ تي تنقيد ڪئي آهي. 2003 ۾ عراق تي حملي کانپوءِ اتي 15 لک آمريڪي فوجين خدمتون  سرانجام ڏنيون جن ۾ موت جو کاڄ ٿيندڙ اهلڪار به شامل آهن. ان جنگ ۾ 30 هزار آمريڪي فوجي زخمي ٿيا. عراق ۾ مقرر آخري جنگي فوجي دستو 2010 جي آگسٽ ۾ واپس هليو ويو  هو. ان هوندي به هڪ دستو اتي ترسي پيو هو جنهن جو ڪم عراقي اختيارين سان صلاح مصلحت ڪرڻ هو. آمريڪي فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ عراق جي اڪثر شهرن ۾ خوشي جو اظهار ڪيو ويو. عراقي شهرين جو چوڻ آهي ته اهي جنگ ۾ مري ويندڙ پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو