Home / پروفائيل / اسٽالن جي ڌيءَ سويتلينا، جيڪا ڪميونسٽ نه بڻجي سگهي
above article banner

اسٽالن جي ڌيءَ سويتلينا، جيڪا ڪميونسٽ نه بڻجي سگهي

 

اسٽالن جي دور جي روسي سياست جو جائزو وٺندڙ لولدد وسڪي لکيو آهي ته اسٽالن کانپوءِ جڏهن خروشيف روسي ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاس ۾ اسٽالن جي دور اقتدار ۽ ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي ته اجلاس ۾ شريڪ ڪنهن اڳواڻ هڪ چٺي لکي خروشيف کي اُماڻي ته ان دور ۾ توهان ڪٿي هئا؟ اجلاس ۾ خروشيف اها چٺي نهايت غور سان پڙهڻ کانپوءِ رڙ ڪري چيو هي چٺي ڪنهن لکي آهي؟ جنهن لکي آهي اهو اُٿي بيهي، جڏهن ڪير به نه اُٿيو تڏهن خروشيف چٺي لکندڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ته: “آءُ اتي هئس، جتي هاڻي تون آهين” اها حقيقت آهي ته خروشيف اسٽالن جو اعتماد وارو ساٿي هو. هو اسٽالن کان وڌيڪ اسٽالن نواز هو. جڏهن هٽلر سان اسٽالن معاهدو ڪري پولينڊ جو ورهاڱو ڪرايو هو تڏهن روسي پولينڊ جي نگراني اسٽالن خروشيف کي سونپي هئي ۽ 1938ع ۾ خروشيف کي يوڪرين جي ڪميونسٽ پارٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ليڪن اسٽالن کانپوءِ خروشيف اسٽالن جي سياسي طريقئه ڪار جي مخالفت ڪئي. اسٽالن جي ويجهن ماڻهن کي اهم عهدن تان هٽايو ويو. اسٽالن جي دور ۾ لکين ماڻهو مارائيندڙ طاقتور ترين گهرو وزير جنرل بيريا کي گرفتار ڪرائي بعد ۾ ڦاسي ڏني وئي. انتون انتون اسٽالن تي لکيل پنهنجي ڪتاب The time of Stalin: Portrait of a Tranny ۾ لکيو آهي ته “اسٽالن جي دور ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ هڪ لک هو، جنهن ۾ خود اسٽالن جي پنهنجي زال ۽ لينن جي بيواهه به شامل هئي” اسٽالن بي مهاڀاري جنگ جو مک ڪردار هو جنهن کانسواءِ اتحادي هٽلر کي شڪست ڏيڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ونسٽن چرچل نه رڳو اسٽالن جو مخالف هو پر يورپ تي روسي اثر رسوخ جي به سخت مخالف هو. ليڪن جڏهن اسٽالن هٽلر جي مخالف ڪئمپ ۾ شامل ٿيو ته چرچل سندس ان عمل جي ساراهه ڪئي ڇو ته چرچل هر حال ۾ هٽلر کي شڪست ڏيڻ پيو چاهي. يورپي تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن اسٽالن هٽلر سان مفاهمت برقرار رکي ها ته هٽلر جو سڄي دنيا تي قبضي جو خواب ساڀيان ٿي پئي سگهيو.

جيتوڻيڪ عام طور تي اسٽالن کي هڪ ظالم ۽ سفاڪ حڪمران طور تي هميشھ متعارف ڪرايو ويو آهي ليڪن 28 فيبروري 1928ع تي پئدا ٿيندڙ اسٽالن جي نياڻي سويتلينا ايلويا (Svetlane Alliuyea) پنهنجي پيءَ کي هڪ سڌو، سادو ۽ محبت ڪندڙ انسان قرار ڏنو هو، جيڪو پنهنجي ڌيءَ سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو، کيس رانديڪا وٺي ڏيندو هو ۽ خوش ڪرڻ لاءِ آمريڪي فلمون ڏيکاريندو هو، کيس خط پڻ لکندو هو، جنهن ۾ اسٽالن پنهنجي نالي بدران سويتلينا کي “لٽل پپا” پاڻ کي لکندو هو. اهو به نه وسارڻ کپي ته اسٽالن جي ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي منفي پهلوئن کي به اجاگر ڪندي رهي. سويتلينا اهي سمورا خط پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن. جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ اسٽالن جي سياسي ڪردار تي تنقيد به ڪئي وئي آهي ۽ اسٽالن جي ڪجهه ويجهن ساٿين جي ظالماڻي ڪردار جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. باوجود ان جي هن ڪتاب مان اسٽالن جي شخصيت کي سمجهڻ جو به موقعو ملي ٿو. “Twenty letters to a Friend” نالي اهو ڪتاب اسٽالن جي ڌيءَ لکيو آهي، جيڪا اسٽالن جي اقتدار واري دور ۾ ڪرملن ۾ هڪ شهزاديءَ وانگر رهندي هئي ۽ هن پنهنجي پيءُ اسٽالن کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو هو.

سويتلينا 22 نومبر 2011 تي آمريڪا جي شهر وسڪونسن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سويتلينا سرد جنگ جي زماني ۾ ان وقت دنيا سامهون آئي جڏهن هن منحرف جي حيثيت ۾ روس کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي ماسڪو کي به بدترين دٻاءُ جو شڪار ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي پيءُ اسٽالن وانگر سويتلينا جي زندگي به لاهن چاڙهن جو شڪار رهي. 1932ع ۾ سندس ماءُ Nadezlda Aliluyena آپگهات ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه مورخن جو چوڻ آهي ته هن کي اسٽالن قتل ڪرايو هو. سويتلينا جي عمر ان وقت فقط ڇهه ورهيه هئي، کيس ٻڌايو ويو هو ته سندس ماءُ اپنڊڪس جي ڪري موت جو کاڄ بڻي پر جڏهن کيس اصل حقيقت جي خبر پئي تڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ چئي ڏنو هو ته “ڪاش! منهنجي ماءُ اسٽالن سان شادي نه ڪري ها” سويتلينا جا ٻه ڀائر به هئا جن مان هڪ ڀاءُ جيڪب 1941ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران نازي ڪئمپ ۾ قيد دوران ماريو ويو هو ۽ ٻيو وڌيڪ شراب پيئڻ سبب موت جي منهن ۾ هليو ويو هو. سويتلينا پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي والد اسٽالن کي يهودين جو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ هن ڪجهه واقعن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته منهنجي پهرين محبت هڪ يهودي فلمساز سان ٿي هئي جنهن سان لاڳاپن کي اسٽالن پسند نه ڪندو هو. ان ڪري کيس سائبيريا جي ليبر ڪئمپن ۾ اماڻي ڇڏيو هو، پوءِ سويتلينا اسٽالن طرفان لکين ماڻهن کي ليبر ڪئمپن ۾ موڪلڻ واري سندس پاليسي تي سخت تنقيد ڪندي ان عمل کي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو. هن جو ٻيو عشق به هڪ يهودي Gregory Morgan سان ٿيو هو، جنهن سان پڻ اسٽالن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ليڪن هن ان سان ئي شادي ڪئي جنهن مان کيس کي جوزف نالي پٽ پئدا ٿيو، ليڪن 1947ع ۾ سويتلينا ان کان طلاق وٺي ڇڏي. طاقتور ترين حڪمران سمجهيو ويندڙ اسٽالن جي ڌيءَ سويتلينا کي 1953۾ اسٽالن جي موت کانپوءِ سهولتن کان محروم ڪيو ويو. ڪجهه تاريخدانن جي دعويٰ آهي ته اسٽالن کي به ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ يهودي ڊاڪٽر قتل ڪيو هو، ان سلسلي ۾ ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن. سويتلينا جو ٽيون عشق هڪ ڀارتي ڪميونسٽ برجيس سنگهه سان سندس ماسڪو ۾ رهڻ دوران ٿيو. روسي اختيارين سويتلينا کي بر جيس سنگهه سان شادي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. گهڻو پوءِ بر جيس سنگهه بيمار ٿيو ۽ گذاري ويو. سويتلينا چواڻي روسي اختيارين جي سخت روئي سبب بر جيس سنگهه موت جي منهن ۾ هليو ويو.

سرد جنگ جي عروج واري دور ۾ ئي سويتلينا آمريڪي حڪومت کي سياسي پناهه ڏيڻ جي درخواست ڪئي، ان موضوع تي ڪريملن ۽ وائٽ هائوس ۾ ڇڪتاڻ به ٿي. روس جي تڏهوڪي وزير اعظم ڪوسجين،  سويتلينا کي اخلاقي طور تي ڪمزور ۽ ذهني بيمار پڻ قرار ڏنو هو. بعد ۾ هوءَ اپريل 1967ع ۾ نيويارڪ پهچي وئي، اولهه جي اخبارن، رسالن ۽ چئنلن کيس دنيا جي مقبول ترين ڪردار طور پيش ڪيو. جڏهن ته آمريڪا ۾ هزارين ماڻهن اسٽالن ازم ۽ ڪميونزم کان نفرت ڪرڻ جي ڪري پنهنجي نياڻين جا نالا سويتلينا جي نالي پٺيان رکيا ۽ کيس آمريڪي سماج ۾ هڪ سورميءَ واري حيثيت ڏني وئي. آمريڪي شهر نيو جرسي ۾ هن پنهنجو روسي پاسپورٽ هڪ ميڙاڪي ۾ ساڙي ڇڏيو، جتي هن پنهنجي پيءُ اسٽالن جي اقتداري دور تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ڪميونزم کي انسانيت خلاف نظام قرار ڏنو ۽ روسي ڪي جي بي کي نازي گسٽاپو جهڙو سڏيو.

هن 1969ع ۾ روس جي صورتحال تي هڪ ٻيو ڪتاب “only one year” لکيو. سويتلينا 1970ع ۾ هڪ آمريڪي وليم ويسلي پيٽرس سان شادي ڪئي، 1973ع ۾ سندس علحدگي ٿي وئي. ليڪن آمريڪي وَر مان کيس هڪ نياڻي اولگا آهي. سويتلينا جنهن وقت روس ڇڏي هلي وئي هئي ان وقت سندس پٽ جوزف ۽ ڌيءَ يڪترينا روس ۾ ئي هئا، جن سان سندس رابطو برقرار رهيو. 1984ع ۾ سويتلينا ٻارن خاطر ٻيهر روس هلي آئي. هن اتي پنهنجو موقف بدلائيندي چيو: هوءَ روس جي آزادي ۽ خودمختياري جي حامي آهي ۽ هن روس خلاف جيڪو به لکيو يا ڳالهايو اهو آمريڪي سي آءِ اي جي اشاري تي ڪيو هو، کيس گمراهه ڪيو ويو هو. وضاحتن کانپوءِ کيس روس جي ٻيهر شهريت ڏني وئي. ليڪن پنهنجي روس ۾ موجود ٻن ٻارن سان لاڳاپن  ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پرڏيهه هلي وئي. ٻن ورهين تائين برطانيا ۾ رهي. هوءَ اپريل 1986ع ۾ آمريڪا هلي آئي. اتي اچڻ کانپوءِ هن نئون موقف اختيار ڪيو ته هوءَ ري پبلڪن آهي ۽ آمريڪي سياسي معاشري ۾ دلچسپي رکي ٿي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ٽي وي ته نه رکندي هئي پر اخبارون ۽ ناز فڪشن ڪتاب خاص طور تي آٽو بايوگرافيز تي ٻڌل ڪتاب ضرور پڙهندي هئي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سويتلينا پنهنجي پيءُ تي الزام هنيو هو ته اهو اسٽالن ئي هو جنهن منهنجي زندگي تباهه ڪئي، آءٌ اهي واقعا وساري نٿي سگهان.

اها حقيقت آهي ته سويتلينا کي پنهنجي پٽ جوزف جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو هو، جيڪو 2008ع ۾ 63 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو هو. 1952ع ۾ سندس پئدا ٿيندڙ ڌي هن وقت روسي سائنسدان طور ذميواريون نڀائي رهي آهي. سويتلينا هڪ حساس پر مهمان نواز ۽ سمجهدار عورت هئي اسٽالن جي ڌيءَ هجڻ باوجود پاڻ کي سندس پاڇي کان به پري رکندي هئي. سويتلينا هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: آءُ ڪميونزم جي ڇانوَ ۾ وڏي ٿي آهيان ليڪن ان نتيجي تي پهتي آهيان ته دنيا ۾ ڪميونزم ۽ ڪئپيلئزم نالي جي ڪاشيءَ موجود ناهي. هن دنيا ۾ سٺا ۽ خراب ماڻهو آهن ۽ مذهب  تي مونکي اعتماد آهي، بابا مونکي ڪميونسٽ بڻائڻ ٿي چاهيو پر مان نه بڻجي سگهيس.

آمريڪا ۾ سويتلينا جي زندگيءَ تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ سندس انٽرويو به شامل هو. انٽرويو ۾ هن پنهنجي ذاتي زندگي جا اهم واقعا بيان ڪيا هئا، جڏهن 1942ع ۾ ونسٽن چرچل ماسڪو آيو هو تڏهن اسٽالن، چرچل کي پنهنجي گهر تي دعوت ڏني هئي، جنهن ۾ هن سويتلينا کي خصوصي طور چرچل سان ملرايو هو “هيءَ منهنجي ڌي آهي ۽ هن جو مٿو پورو آهي”. چرچل، اسٽالن جي ان حملي تي مسڪرائيندي چيو هو ته “جڏهن آءُ جوان هئس تڏهن منهنجي مٿي جا وار به پورا هئا”

اسٽالن جي ڌيءَ سويتلينا جي زندگي ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها آيا، جنهن ۾ ماءُ جي حيثيت ۾ پنهنجن ٻارن لاءَ محبت جو احساس به نظر اچي ٿو- هن جڏهن آمريڪي شهريت قبول ڪئي ته روسي نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو. اهڙي تنقيد جنهن سرد جنگ واري زماني ۾ ڪريملن کي پنهنجي شڪست جو احساس ڏياريو ۽ پوءِ 1984ع ۾ جڏهن هوءَ روس ۾ موجود پنهنجي ٻن ٻارن وٽ مستقل طور ٻيهر رهڻ وئي ته هن آمريڪي حڪومت کي پنهنجي انحراف جو ذميوار ڄاڻايو. ليڪن جڏهن روس ۾ موجود ٻارن ۽ آمريڪي وَر مان پئدا ٿيندڙ سندس ڌيءَ اولگا وچ ۾ لاڳاپا تڪراري ٿيا ته هن ماءُ جي حيثيت سان ننڍي ڌيءَ جي خواهش جو احترام ڪيو ۽ آمريڪا واپس هلي آئي، جتي هوءَ پنهنجي موت تائين خاموشي سان زندگي گذاريندي رهي. ڪريملن جي بلند محلن ۾ زندگي گذاريندڙ سويتلينا جي زندگي ۾ لاها چاڙها هڪ وڏي حقيقت آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو