Home / افيئر / ايران سعودي عرب سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾
above article banner

ايران سعودي عرب سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾

ايران سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ آيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ويجهڙ ۾ ئي ايران جي انٽيليجنس وزير حيدر مصلحي رياض جو دورو ڪيو ۽ سعودي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گذريل مهيني ان وقت ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا جڏهن آمريڪا طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته انهن واشنگٽن ۾ مقرر سعودي سفير کي قتل ڪرڻ جي ايراني سازش کي پڌرو ڪندي ٻه ايراني گرفتار ڪيا آهن. ان کانپوءِ سعودي اختيارين به چيو هو ته ان سازش ۾ ايران جي ملوث هجڻ بابت ٺوس ثبوت موجود آهن. ايران آمريڪي الزام جي ترديد ڪئي هئي. تهران  ۾ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان رامين مهمان پرست ميڊيا کي ٻڌايو ته ايران سعودي عرب سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته غلط فهميون دور ڪرڻ ۽ سعودي اختيارين کي يقين ڏياريو آهي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به سازش سان ايران جو ڪو به تعلق ناهي. ايراني وزير رياض ۾ سعودي ولي عهد شهزاده نائف بن عبدالعزيز ۽ انٽيليجنس چيف شهزاده مقرن بن عبدالعزيز سان ملاقاتون ڪيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو