Home / افيئر / ايران ۽ برطانيا وچ ۾ سفارتي تڪرار تيز
above article banner

ايران ۽ برطانيا وچ ۾ سفارتي تڪرار تيز

برطانيا ايراني شاگردن طرفان تهران ۾ پنهنجي سفارتخاني تي حملي کانپوءِ تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ايران مان پنهنجو سمورو سفارتي عملو پڻ واپس گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ ايراني سفارتخانو بند ڪندي عملي کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف ناروي به ايران ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب برطانيا ايران مان پنهنجو سفارتي عملو ڪڍي ورتو آهي. جڏهن ته برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون ايران کي ڌمڪي ڏني آهي ته برطانوي عملي ۽ ملڪيت جي حفاظت ۾ ناڪامي شرم جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته ايران کي ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما تهران ۾ برطانوي سفارتخاني تي حملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بارڪ اوباما جو چوڻ آهي ته ايران ۾ برطانوي سفارتخاني تي حملي سبب عالمي برادري ڳڻتي ۾ ورتل آهي. توقع ٿا ڪريون ته ايران حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو