Home / افيئر / بدين جي ضمني چونڊ پ پ ٽڪيٽ مرزا جي پٽ کي ڏيندي
above article banner

بدين جي ضمني چونڊ پ پ ٽڪيٽ مرزا جي پٽ کي ڏيندي

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پارن خالي ڪيل ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي جي سيٽ پي ايس 57 تي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهي چونڊون 15 فيبروري تي ٿينديون، ” افيئر“ کي پيپلز پارٽي جي انتهائي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته انهي سيٽ تان پيپلز پارٽي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پُٽ حسنين مرزا کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن پي پي پي سنڌ پاران بدين جي تنظيم کان سفارش گهري وئي ته پي پي پي بدين اڳواٽ ئي پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي،

ڊاڪٽر مرزا ۽ صدر زرداري وچ ۾ تلخيون گھٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا پهرين جنوري تي صدر زرداري سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي جيڪا اڍائي ڪلاڪ جاري رهي، بلاول هائوس جي ذريعن موجب انهي طويل ملاقات دوران ٻه ڀيرا سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ۽ سنڌ جي ڪجهه وزيرن کي به سڏايو ويو، ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر مرزا جنهن کي 15 جنوري تي ملڪ اچڻو هو، عين ممڪن آهي ته هو وطن اچڻ جي تاريخ وڌائي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا مين ۽ انهن جا ڪيمرا جيئن سامهون اچن ٿا ته مسٽر مرزا جو پاڻ مٿان ڪنٽرول ختم ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ هو جيڪو ڪجهه ڳالھائي ٿو اهو هِن جي پاپولرٽي ۾ ضرور اضافي جو سبب بڻجي ٿو، پر هِن جون ڳالھيون پارٽي ۽ سندس ڪٽنب لاءِ سخت نقصانڪار ٿين ٿيون، جڏهن ته هو ڪجهه وقت اڳ ۾ ئي اها ڳالهه ڪري چڪو هو ته جيڪڏهن سندس پُٽ حسنين مرزا پارٽي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهيو ته هو پنهنجي ئي پُٽ جي خلاف پنهنجو اميدوار بيهاريندو،

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته جنهن ڏينهن بدين جي پارٽي عهديدارن کي هٽائي مرزا حامي عهديدارن کي مقرر ڪيو ويو ان ڏينهن پارٽي سنڌ جو صدر سيد قائم علي شاھ اسلام آباد ۾ هو ۽ هُن اُتان ئي ڪراچي ۾ پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري وقار مهدي کي فون ڪري چيو ته هو اهڙو اطلاع پريس کي جاري ڪري ڇڏي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو