Home / افيئر / برما: هليري ڪلنٽن ۽ آنگ سان سوڪي وچ ۾ اهم ملاقات
above article banner

برما: هليري ڪلنٽن ۽ آنگ سان سوڪي وچ ۾ اهم ملاقات

آمريڪا جي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن ڪجهه ڏهاڙا اڳ راڄڌاني يانگون (اڳوڻو رنگون) ۾ جڏهن ميانمر (اڳوڻي برما) ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ هلائيندڙ عورت اڳواڻ آنگ سان سوڪي سان ملاقات ڪئي تڏهن ٻئي هڪٻئي سان پرجوش نموني مليون. صحافين اڳيان هليري ڪلنٽن اعتراف ڪيو ته سوڪي سان ملڻ کانپوءِ مونکي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ کيس ورهين کان سڃاڻان، ڇو ته منهنجي دوستن مونکي سندس بابت جيڪو ڪجهه اڳ ۾ ٻڌايو هو، هوءَ بلڪل اهڙي ئي آهي. ٻن ڏينهن جي دوري جي آخري ڏينهن نوبل انعام يافته ۽ 20 ورهين تائين نظربند رهندڙ برمي عورت ليڊر سان ٻي ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ان خوش آئند ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته برما جمهوري رستي تي هلڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو ملڪ جنهن تي 50 ورهين تائين فوجي آمريت رهي هجي ۽ ان ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ اتر ڪوريا جي مدد ڪئي، اهو هاڻي حقيقي معنيٰ ۾ معيشت جا رستا دنيا لاءِ پاڻ کولڻ لاءِ تيار آهي. هن واضح ڪيو ته برما جيڪڏهن آمريڪا ۽ ٻين جمهوريت پسند پاڙيسري ملڪن سان سهڪار چاهي ٿو ته ان کي اتر ڪوريا سان پنهنجا فوجي لاڳاپا ختم ڪرڻا پوندا

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو