Home / افيئر / بلوچستان ۾ بجلي جو بحران: زرعي معيشت تباهه
above article banner

بلوچستان ۾ بجلي جو بحران: زرعي معيشت تباهه

بلوچستان ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري صنعت ۽ زراعت کي وڏي پئماني تي نقصان پهچي رهيو آهي. بلوچستان حڪومت توانائي جي کوٽ سبب زرعي شعبي کي پهچندڙ اربين روپين جي نقصان کي نظر ۾ رکندي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سولر سسٽم جي حاصلات لاءِ پرڏيهي ڪمپنين سان رابطو ڪري ورتو آهي.

بلوچستان ۾ ماضيءَ جي ڊگهي ڏڪار کانپوءِ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن سان صوبي جي معيشت تي انتهائي خراب اثر پيا آهن. بلوچستان جي ماڻهن جي گذر معاش جو ذريعو گهڻو ڪري زراعت آهي ان ڪري بلوچستان حڪومت زراعت کي تباهي کان بچائڻ لاءِ صوبي ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار زرعي ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينئر صوبائي وزير مولانا عبدالواسع ٻڌايو ته بجليءَ جي وڌندڙ بحران سبب هتي جي باغن ۽ زرعي فصلن کي نقصان پهچي رهيو هو. زرعي شعبي کي تباهي کان بچائڻ لاءِ نه رڳو زرعي ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي بلڪه ان حوالي سان چين ۽ ملائيشيا جي مختلف ڪمپنين سان رابطو پڻ ڪيو ويو آهي. اسان معياري سولر سسٽم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان حڪومت وٽ سيڙپڪاري جي مد ۾ تمام گهڻي رقم موجود آهي، صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ انويسٽمينٽ بورڊ سان رابطو ڪيو ويو آهي ته اهو ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. ان سان نه رڳو زراعت کي تباهي کان بچائڻ ۾ مدد ملندي بلڪه بلوچستان جي معيشت تي به مثبت اٽر پوندا.

بلوچستان ۾ قانوني ۽ غير قانوني ٽيوب ويلن جو انگ 20 هزار کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ زرعي ٽيوب ويلز تي ڪيسڪو جا 20 ارب روپيا بقايا رهيل آهن. زرعي ٽيوب ويلن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ست ارب روپيا سبسڊي جي مد ۾ ڏيڻا پون ٿا. بلوچستان حڪومت بجيٽ 11-2010 ۽ بجيٽ 12-2011 ۾ صوبي اندر سيڙپڪاري لاءِ ڏهه ڏهه ارب روپين جي رقم رکي آهي جيڪا هينئر تائين ڪٿي به خرچ ناهي ٿي سگهي. ذريعن ٻڌايو ته بلوچستان جي وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جو چوڻ آهي ته شمسي توانائي جي حاصلات لاءِ جيڪڏهن سيڙپڪاري ڪئي وڃي ٿي ته سبسڊي جي مَد ۾ ست ارب روپيا نه ڏيڻا پوندا، زميندارن ۽ آبادگارن کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان به نجات ملي ويندي.

بلوچستان حڪومت متبادل توانائي جو الڳ کاتو پڻ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي بلوچستان ۾ متبادل توانائي لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. ذريعن مطابق هڪ پرڏيهي ڪمپني جي ذميوارن طرفان بلوچستان جي دوري جو پڻ امڪان آهي، جنهن ۾ ڪمپني کي بريفنگ ڏني ويندي. سينئر صوبائي وزير مولانا عبدالواسع دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ سال جنوري، فيبروري تائين بلوچستان جا زرعي ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ٿي ويندا.

بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار مگسي زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ وارين ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته نه رڳو ٽيوب ويلن بلڪه ٻين مقصدن لاءِ به شمسي توانائي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. شمسي توانائي مان نه رڳو سستي بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي بلڪه ان سان توانائي جي بچت به ٿئي ٿي. هن صوبائي حڪومت تي زور ڏنوته ان سلسلي ۾ جامع رٿابندي ڪئي وڃي ته جيئن توانائي جي متبادل ذريعن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ۽ بجلي جي کوٽ ختم ڪري ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

زميندار ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سيد تاج آغا “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان حڪومت زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ذميوارن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پرڏيهي ڪمپنين سان پڻ رابطو ڪري ورتو آهي جيڪي نهايت خوش آئند آهن ڇو ته زراعت مڪمل طور تباهي جو شڪار آهي. بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري فصل ۽ باغ تباهه ٿي ويا آهن. اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي، هاڻي به جيڪڏهن حڪومت رڳو اعلان ڪندي رهي ته زراعت کي تباهي کان بچائڻ مشڪل ٿي ويندو.

حڪومتي سطح تي زرعي ٽيوب ويلز لاءِ بجلي تي سبسڊي جي بحالي جا به اعلان ٿيا ليڪن نوٽيفڪيشن اڄ ڏينهن تائين جاري نه ڪيو ويو. ڪيسڪو طرفان مشڪل سان چار ڪلاڪ بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. ڪيترائي ڀيرا حڪومت سان رابطو ڪيو ويو ليڪن ڪو به نتيڪو نه نڪتو. هاڻي خدا ڪري حڪمرانن کي متبادل توانائي وسيلي صوبي جي زراعت کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي توفيق ٿئي. ان سان نه رڳو زميندارن کي لوڊشيڊنگ مان نجات ملندي بلڪه صوبي جي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.

بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري هلندڙ سال نه رڳو زميندارن کي ٽي ارب روپين جو نقصان ٿيندو بلڪه ملڪي منڊي ۾ ساين ڀاڄين ۽ فروٽ جي قيمتن ۾ واڌ جو هڪ سبب بلوچستان ۾ جاري بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ پڻ آهي.

صوبي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف زميندارن ۽ سياسي جماعتن ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پشتونخواه ملي عوامي پارٽي نه رڳو بلوچستان اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪيو بلڪه ڪوئيٽا سميت صوبي جي پشتون علائقن ۾ مظاهرا به ڪيا هئا جنهن تي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني نه رڳو نئين ٽرانسميشن لائن وڇائڻ جو اعلان ڪيو هو بلڪه حڪومت ايران کان هڪ هزار ميگا واٽ بجلي خريد ڪرڻ جي هڪ معاهدي تي صحيحون به ڪيون ليڪن ان منصوبي تي اڃا تائين ڪم شروع نٿي سگهيو آهي.

ڪوئيٽا ۾ ڪيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ايران کان هڪ هزار ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ جو معاهدو ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ زوب، ڊي آءِ خان ۽ گڊو-خصدار ۾ نئين ٽرانسميشن لائن تي ڪم پڻ جاري آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. زميندارن، سياسي، سماجي حلقن طرفان بلوچستان ۾ متبادل توانائي جي حاصلات لاءِ حڪومتي ڪوشش کي ساراهيو ته وڃي پيو پر گڏوگڏ ان ڳڻتيءَ جو به اظهار ڪيو پيو وڃي ته هاڻوڪي حڪومت گذريل ٽن سالن دوران رڳو اعلان ئي ڪندي رهي ٿي ان ڪري ان تي اعتبار گهٽ آهي.

بلوچستان ۾ لڳاتار لوڊشيڊنگ خلاف تربت سان تعلق رکندڙ وڪيل چاڪر بلوچ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ گذريل مهيني هڪ درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت واپڊا کان وضاحت گهري ورتي. چاڪر بلوچ ايڊووڪيٽ موجب مڪران ڊويزن لاءِ ايران کان هن وقت 33 ميگا واٽ بجلي مهيا ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته اتي 56 ميگا واٽ بجلي جي ضرورت آهي. هن مطابق بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نه رڳو بلوچستان جي سڀ کان وڏي ميراڻي ڊيم تي هائڊروٽربائن هڻڻ سان گڏ پسني ۽ پنجگور ۾ لڳل پاور هائوسز جي جنريٽرز کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ بلوچستان کي هن وقت 1445 ميگا واٽ بجلي جي ضرورت آهي جڏهن ته واپڊا طرفان صوبي جي ٽيهن ضلعن لاءِ فقط 721 ميگا واٽ کوٽ جي ڪري واپڊا هن سال صوبي جي ٻهراڙين ۾ سورهن کان ويهه جڏهن ته شهري علائقن ۾ چئن کان اٺن ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رکيو  آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي صنعت ۽ زراعت کي تمام وڏو نقصان پهتو آهي. ڪيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ايران کان هڪ هزار ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ جو معاهدو ٿي چڪو آهي. بلوچستان زميندار ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سيد تاج آغا جو چوڻ آهي ته ان هوندي به حڪومت سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري ٿي ته اهو زراعت کي تباهيءَ کان بچائڻ جو مستقل حل هوندو، جنهن سان معاشي استحڪام ايندو ۽ هتي محرومي ۽غربت ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سنجيده حلقن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري ته زميندارن تي ڪيسڪو جي بقايائن جي ادائگي جو مسئلو حل ڪري ڪيسڪو کي مالي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو. بلوچستان حڪومت طرفان صوبي ۾ زراعت کي ترقي وٺرائڻ جون ڪوششون پنهنجي جاءِ تي ليڪن وفاقي حڪومت بلوچستان جي محرومي ۽ غربت دور ڪري ان کي خوشحالي جي گس تي آڻڻ لاءِ ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪجهه ڏهاڙا الڳ وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن لاءِ بجلي ۾ ڏنل سبسڊي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي بلوچستان جي بلوچ پشتون قومپرست جماعتن، زميندارن ۽ آبادگارن سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جو اهو فيصلو استحصالي پاليسين جو تسلسل آهي. زميندار ايڪشن ڪميٽي بلوچستان جي ان افيصلي کي رد ڪندي حڪومت خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي گذريل بلوچستان جي دوري جي موقعي تي زرعي ٽيوب ويلن تي سبسڊي جي بحالي جو اعلان ڪري چڪو هو ليڪن ڪافي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ به ان جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو