Home / ڪرنٽ افيئر / بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري: اڻ جوابيل سوال
above article banner

بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري: اڻ جوابيل سوال

شهيد بينظير ڀٽو جي باري ۾ گذريل چئن سالن دوران گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي. ليکڪن ۽ صحافين سندس باري ۾ يادگيريون به سهيڙيون آهن. سندس 1993ع واري سرڪار کان وٺي 27 هين ڊسمبر 2007 تائين ڪيترائي ڀيرا ساڻس ملاقاتون رهيون. سندس اهم سرگرميون ڏٺيون. آخري ڀيرو نومبر 2007 جي ٻئي هفتي ۾ اي آر واءِ نيوز جي آفيس ۾ تفصيلي ڪچهريءَ ۾ ڏهه ٻارهن ماڻهن جي سامهون سندس هي جملا هُئا. “مونکي خبر آهي ته مونکي ماريو ويندو پر ڇا حضرت امام حسين کي خبر هُئي، منهنجي لاءِ اهو بهتر آهي ته ڪٿي گوشه نشيني ۾ مارجي وڃان. عوام جي سامهون ماريو وڃان”. محترمه جي آف دي ريڪارڊ هي ڳالهه بعد ۾ خبر پئي ته هن ڪيترن ئي هنڌن تي ورجائي هُئي. هن ڳالهه ٻولهه وقت ناهيد خان، شيري رحمان، صفدر عباسي، ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ موجود هئا. شهيد بينظير ڀٽو هن ڪچهريءَ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ ويٺي رهي. هوءَ جنرل مشرف پاران ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳڻ جي ٻئي ڏينهن دبئي مان واپس موٽي آئي هُئي. ان ايمرجنسيءَ ۾ نجي ٽي وي چينل به بند ڪيا ويا هُئا. ان خلاف ڪراچي ۾ صحافين وڏي جهدوجهد به ڪئي هئي. هن ملاقات جي ٽن هفتن کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ قتل ٿي وئي. سندس تڏهوڪو سيڪيورٽي انچارج رحمان ملڪ بعد ۾ مُلڪ جو گهرو وزير بڻيو. رحمان ملڪ به حسين حقانيءَ وانگر چون ٿا ته اصل ۾ “آمريڪين” جو ماڻهو آهي. آمريڪي پنهنجا ماڻهو هميشھ پاڪستاني سرڪار ۾ اهم عهدن تي مقرر ڪرائيندا آهن. رحمان ملڪ لاءِ بعد ۾ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذالفقار مرزا ڪيترائي انڪشاف ڪيا هُئا.

شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بابت هلندڙ سال 18 هين آڪٽوبر تي مون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان انٽرويو ڪيو هُئو. سندس چوڻ آهي ته 18 هين آڪٽوبر تي هُو ڪراچي ۾ محترما جي آمد وقت استقباليه ريليءَ جو سيڪيورٽي انچارج هُئو. جڏهن ڪارساز وٽ ڌماڪو ٿيو هُو محترما کي گاڏيءَ مان ٻاهر ڪڍي بلاول هائوس پهچائڻ وارو ماڻهو هئو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اسان کي اها تصوير ڏيکاري رهيو هُئو، جنهن ۾ هُو بم ڌماڪو ٿيڻ کانپوءِ گاڏيءَ جي ڇت تي چڙهي شهيد بينظير ڀٽو کي گاڏيءَ مان ٻاهر ڪڍي رهيو آهي. سندس پٺي وڻن طرف آهي. هُو چوي ٿو ته مان هاسيڪار ان پوزيشن تي بيٺو آهيان ته متان وڻن مان فائرنگ ٿئي. ان واقعي ۾ ذوالفقار مرزا لياري جي جان نثارن ۽ هڪ پوليس آفيسر جي واکاڻ ڪري ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو خيال هُئو ته ممڪن آهي ته فائرنگ ڪرڻ لاءِ به ڪي ماڻهو تيار هُجن ها ۽ ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ ڪن ها. بعد ۾ 27 ڊسمبر تي وارلپنڊي ۾ به ايئن ئي ٿيو هُئو. مون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان پڇيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ رحمان ملڪ ڪيترو ملوث آهي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چواڻي ته هُو ملوث آهي يا ناهي اها خدا کي خبر پر واضح آهي ته هُو راولپنڊي ۾ شهيد بي بي تي حملو ٿيڻ کانپوءِ اتان ڀڄي ويو هُئو. سندس سيڪيورٽي جي گاڏيءَ ڌماڪي وقت غائب هُئي ان ڪري کيس معاف نه ٿو ڪري سگهجي. شهيد بينظير ڀٽو جي هر ورسيءَ تي سندس قاتلن جي گرفتاري جو بحث مهينو ڏيڍ اڳ شروع ٿيندو آهي. ورسي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي. پر ڇوٿون سال آهي. شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿيا. سندس پوئلڳن جي سرڪار آهي. سندس پارٽيءَ جي حڪمراني آهي. سندس ور ملڪ جو صدر آهي. سندس سيڪيورٽي انچارج ملڪ جو گهرو وزير آهي پر سندس قاتل گرفتار نه ٿيا.

اڄڪلهه صدر زرداري ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ تيز آهي ان جون شاهديون موجود آهن ته شهيد بينظير ڀٽو جو قتل عالمي سطح جو آهي ان ۾ آمريڪا پڻ ملوث ٿي سگهي ٿي. ان ڪري اهو امڪان گهٽ آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جو اصل قاتل منظر عام تي اچي سگهي. عالمي سطح جي راند ۾ آمريڪا هيشھ حاوي رهندو آهي. ڀلا ڪرنل قذافي، صدام حسين، ياسر عرفات ۽ شاهه فيصل جي موت پٺيان ڪير هئا. شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ۾ به انڪشاف ڪيا آهن ته ڪير سندس خلاف آهي. پر شهيد جي پارٽي جيڪڏهن سندس قاتل گرفتار نه ڪري سگهي ۽ وائکا نه ڪري سگهي ته ايندڙ چونڊن ۾ کانئن اهو سوال هر هنڌ ٿيندو. شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي ڇڏي ويندڙ پارٽيءَ کان ناراض پاسيرا اڳواڻ به اڄ اهوئي سوال ڪن ٿا ته آخر بي بي جا قاتل گرفتار ڇو نه ٿيا؟ اهڙو سوال ڪندڙن ۾ رڳو مخدوم شاهه محمود قريشي ناهي پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ناهيد خان، صفدر عباسي، اعتزاز احسن، سميت ڪيترائي اڳواڻ پنهنجي پارٽي اندر ۽ ٻاهر اهو سوال ڪن ٿا ته شهيد بي بي جا قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا؟ پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن رڳو لياري ۾ نه پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ تائين اهو نعرو هڻن ٿا ته “بي بي هم شرمنده هين تيري قاتل زنده هين”. ڇا اهو نعرو ڪڏهن ختم ٿيندو. ساڳيو نعرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان شروع ٿيو. 32 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ڀٽو ڪيس بابت زرداريءَ ريفرنس موڪليو جنهن جي ڪاروائي سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. شهيد ڀٽو جي قاتلن بابت شهيد بينظير ڀٽو جون به حڪومتون فيصلو نه ڪري سگهيون شهيد ڀٽو جي پارٽي جو چيئرمين سندس ڏوهٽو آهي. ڇا شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ به ايڏو انتظار ڪرڻو پوندو. شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن بابت سوال ته سڀني کان ٿي رهيو آهي. آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني، رحمان ملڪ، قائم علي شاهه، اسلم رئيساڻي، سڀ جو سڀ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جا ذميوار آهن. بينظير ڀٽو جا پوئلڳ آهن. سندن ڪارڪن ۽ عوام کانئن اهو سوال چئن سالن کان پڇندا پيا اچن ته شهيد بي بي جا قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا؟

شهيد بي بي کان سڄي حياتي شهيد ڀٽو جي قاتلن بابت سوال ٿيندو رهيو ۽ صدر زرداريءَ کان شايد اِهو سوال ٿيندو رهندو. سندن مخالف مير مرتضيٰ ڀٽُو جي قتل وقت شهيد بي بيءَ تي آڱريون کنيون هيون. پر مير مرتضيٰ جي شهيد ٿيڻ جو جيترو غم بينظير کي هئو اوترو شايد ئي ڪنهن کي هُجي. هو پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين شهيد مرتضيٰ جو نالو کڻندي هُئي ته سندس اکين مان ڳوڙها وهي پوندا هُئا. ايئن ئي شهيد بينظير جي شهادت جو جيترو ڏک بلاول ۽ صدر آصف زرداري کي هوندو اوترو شايد ڪنهن کي به نه هُجي پر بينظير ڀٽو سان هن ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو محبت ڪن ٿا. هُو هڪ عوامي اڳواڻ هُئي. جنهن لاءِ ماڻهو جان ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا هُئا ان ڪري بينظير ڀٽو جي چاهيندڙن آڏو سندس سرڪار ۽ پارٽيءَ کان سڀ کان اهم سوال شهيد جي قاتلن جي گرفتاري جو آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ شوڪت عزير جا نالا به شامل آهن.پر شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي خط ۾ جن چئن ماڻهن جا نالا ورتا هُئا انهن ۾ تڏهوڪو پنجاب جو وڏو وزير هاڻوڪي سرڪار ۾ سينيئر وفاقي وزير آهي. حالتن ۽ تاريخ جي ستم ظريفي آهي جو “قاتل ليگ” اڄ جي “سرڪاري ليگ” آهي. صدر آصف زرداري پنهنجي شديد بيماريءَ سان گڏ اڄ شديد سياسي بحران جو مقابلو ڪري رهيو آهي. سندس خلاف نه رڳو آمريڪا آهر پر ملڪ جي دفاعي اداري  ۾ به سندس خلاف ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت فوج جي سربراهه ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جيڪي بيان داخل ڪرايا اُهي سڌري ريت صدر زرداري جي سرڪار خلاف آهن. اها حقيقت آهي ته اڄ صدر زرداريءَ جي حياتي کي به خطرو آهي. صدر زرداري ايوان صدر خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هو اڄ مزاحمت ڪري رهيو آهي ته کيس شهيد بينظير ڀٽو جي چوٿين ورسيءَ تي خطاب ڪرڻو آهي. ان بابت هُن پنهنجي تقرير به تيار ڪئي آهي. پيپلز پارٽي هن ڀيري ڳڙهي خدابخش ۾ ڀرپور سياسي سگهه جو فيصلو ڪري چُڪي آهي. ڇا هن ڀيري 27 هين ڊسمبر ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ٽين ورسيءَ تي ٿيندڙ جلسي ۾ صدر آصف زرداري سندس قاتلن بابت اهم انڪشاف ڪرڻ وارو آهي.

aajzalijamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو