Home / ويندي ويندي / بڇ تي زور
above article banner

بڇ تي زور

جي، اوهان سياستدان اسان جي مڃو ته هي ملڪ اصل مالڪن کي پاڻ هلائڻ لاءِ موٽائي ڏيو. اجايو اوهان چار ڏهاڙن جي چانڊوڪي رات تي ڀنڀلجي ڪرسين کي چنبڙي پئو ٿا. ۽ پوءِ ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ ڪرپٽ هجڻ جا مهڻا سهڻ ۽ دربدر خوار ٿيڻ جا مرحلا لتاڙي هڪ ڀيرو وري اڇا اجرا ٿي ڪرسين تي پهچو ٿا. اوهان سان اها تعدي 1948ع کان جاري آهي.لياقت علي خان کي خانبهادر کهڙي پاران ڪراچي سندس حوالي نه ڪرڻ تي لياقت علي خان ABDO جو قانون ٺهرائي ان هيٺ خانبهادر کهڙي کي ڪرپٽ قرار سياست ڪرڻ کان نااهل قرار ڪرايو. لياقت علي خان جهڙي سويلين ڊڪٽيٽر کان پوءِ اهڙو ئي هڪ قانون هر ملٽري دڪٽيٽر سياستدانن کي خوار ڪرڻ لاءِ پئي استعمال ڪيو. ايوب، يحيٰ،  ضياءَ ۽ سندس روحاني اولاد سيف الرحمان جي احتساب بيورو ۾ هر قسم جي سائيز جا لڪڻ سياستدانن جي پٺن تي وسڻ لاءِ تيار پيل هوندا هئا. خير، سياستدان به ڪرسي سان عشق ڪرڻ ڇڏن ڪو نه ٿا. ڪيڏي به خواري کڻڻي پوي، هو واپس اصل مالڪن ڏي موٽي اچن ٿا ۽ کين ادب جا هٿ ٻڌي وري واپس نوڪري تي رکڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪن ٿا. نه ته اوهان پاڻ ذرا سوچيو. پ پ 40 سالن ۾ ڇا ڇا نه وڃايو آهي. ڀٽو پاڻ ته ويو پر پاڻ سان ٻار ٻچا به قبرن ۾ کڻي ويو. هزارين سياسي ڪارڪن قيد ۽ ڦاهي گهاٽن تائين رسيا. کين موٽ ۾ مليو ڇا؟ چار دن ڪي چاندني؟ ۽ اصل مالڪ به ايترا هوشيار آهن جو جڏهن به ڏسنداآهن ته هي ملڪ کانئن ڪو نه ٿو هلي ته هو هڪ نه ٻئي سياستدان کي گهرائي ان تي ڪرسي جو ٿورو ڪري ڇڏيندا آهن. دنيا جي نظر ۾ اهو سياستدان ملڪ هلائيندو آهي پر حقيقت اها هوندي آهي جيڪا 1958، 1977ع، 1990ع، 1993ع، 1996 ۽ 1999ع ۾ اوهان کي نظر آئي. ملڪ ۾ ٿوري گهڻي رونق موٽي اچڻ کانپوءِ کيس پرامن طور تي منتشر ڪري، اصل مالڪ جمهوريت جو حشر نشر ڪري ڇڏيندا آهن.

اسان جي راءِ ۾ هاڻ سويلين کي ملڪ هلائڻ جو خفت ڇڏي پردي پٺيان ويهي ڏور هلائيندڙن کي پاڻ اچي اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ جي گذارش ڪرڻ کپي. هن خطي ۾ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڏيون تبديليون اچن پيون. ڀارت، چين، ايران ۽ افغانستان سان پاڪستان جا تعلقات ان نوعيت جا ناهن رهڻا جهڙا هاڻ آهن ۽ سڀ کان اهم ته آمريڪا سان وڙهڻو آهي يا ٺهڻو آهي اهو به فيصلو پاڻ مالڪ ڪندا. اجايو عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کان ونگارون وهائن ٿا. اوهان يقين ڪريو ته جيڪڏهن سويلين اهو اعلان ڪن ته اسان جو ملڪ هلائڻ سان نه وڃي، اسان ڪاروبار ۽ نوڪريون ڪنداسين، اوهان جي رعايا بڻباسين، اوهان کي ٽيڪس ڏينداسين، ملڪ ۽ حڪومتون اوهان پاڻ هلايو ته اوهان ڏسجو ته اهي مجاهد جيڪي اصل مالڪن جي ونگار وهندي سياستدانن کي آمريڪا آڏو ڀاڙيو ٿيڻ جو مهڻو ڏيندي نظر اچن ٿا سي اسان کي پرامن بقاءِ باهم جو سبق ڏيندي نظر ايندا. بڇ ڪرڻ ۽ پاڻ پڙ ۾ لهي رڇ جو مقابلو ڪرڻ ۾ فرق آهي. اسان وٽ ته مالڪن جو رڳو بڇ تي زور آهي.

يقين ڪريو ته جنهن ڏينهن اوهان بڇ جي جانور ٿيڻ جو شوق ڇڏيو، اصل مالڪ بڇ تان هٿ کڻي پاڻ رڇ سان ٺهي ويندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو