Home / افيئر / تاريخ جا پيرَ
above article banner

تاريخ جا پيرَ

ارتقا جي لاڳاتار عمل هيٺ، وقت جا اختيار بنا ڪنهن واڳ جي ڪم ڪن ٿا. ڇنڊ ڇاڻ- جنهن تي انساني ضابطو ممڪن ئي نه ٿو هجي. اتهاس مسلسل خود تنقيد ۽ خود احتسابي ڪندي ملندي. بنيادي مُحرڪ انسان ئي هوندو پر هورڙيان هورڙيان سندس رضا، ظاهري طور نهاري نه سگهجندڙ قوتن جي ايندڙ سمئه ڪاڻ ڊگهي ايجنڊا جو ڀاڱو ٿيندي ويندي. هُو ايئن ڏورڻ شروع ڪندو جيڪا وک کانئس تاريخ کڻائيندي. حواس خطا ڪندڙ نراجيت ۽ موڳو ڪري ڇڏيندڙ ڇِت ڪُتائيءَ پويان پڻ ڪجهه قائدا آهن جيڪي ڳوڙهي ويچار سان ڳولهي سگهجن ٿا. سَببَ جن ڪارڻي انارڪيءَ جو دور آيو ۽ اثرَ جي پوءِ نڪور صورتحال جو گرڀ ٿيندا. نراسائي ۽ آشاونديءَ جي گردان جي ان سطح تي گُهرج نه آهي. اتهاس، پاڻ ورجائڻ جي گهن چڪر کان آزاد، اسپائرل يا اسپرنگ مثل وڪڙ کائيندي اڳتي، اڃا پرانهون ڊوڙندي رهندي. آدم برابر سندس پير آهن. فيصلو ڪندڙ ميڄالو البت، وقت آهي. ڪيئي فرد ان طرح جي ڪيفيت ۾ ٻُوساٽ محسوس ڪندا. اختيار وڃائي بي وسيءَ جي شڪايت وات تي هوندن. هِسٽري اهڙي اختلافي نوٽ تي ناگواري ڏيکارڻ بدران سماج اندر ملندڙ هر قسم جي بيچينيءَ کي پرڀرو سِرڪڻ لاءِ ٻَارڻَ ڪري ڪتب آڻيندي. ماڻهو ويچارو سَتُ وڃائي، ساڻائيءَ جون دانهون پيو ٻاڪاريندو. زمان ۽ مڪان هُن لاءِ نيون منزلون طئي ڪندا ۽ ڏانهن وڌندا رهندا. تاريخي قوتن جي زبري هئڻ جي تصور کي اتان ئي هٿي ملي آهي.

ڪروڙن جي انگ ۾ اسان سنڌي، ڌرتيءَ جي هن موهڻي ٽُڪرَ تي ڇا ڪري رهيا آهيون؟ سمئه، تاريخ ۽ سرشٽيءَ سان پنهنجو ڊائلاگ ڪهڙو آهي؟ مختصر ڪجي ته هڪڙو ئي- جيئدان وڃائڻ جو انديشو اٿئون. جياپو. جيوت جي ساڳي جنس انسان هٿان ڳاهه ٿيندا رهيا آهيون. صدين کان ڪاهن پٺيان ڪاهُون. اُتر، ڏکڻ، اولهه، اوڀر. ڪٽڪ آيا ۽ پاڻ لتاڙ هيٺ. يورپ وارن معاف نه ڪيو ته وچ ايشيا، دهليءَ واسين جا ڀَالَ جدا. هاڻوڪي رياستي ڍانچي جون مِڙئي مهربانيون. هر ڀيري ڪنهن مَتاري گهوڙي جا سُنبَ اسانجي ڇاتيءَ مٿان. باقي جڳ ۾ آيل سجاڳي، علم ۽ وڻج جي لهر سان گڏ ڪنڌ مٿي کنيوسين. ڌرم آڏو آيو ۽ هڪڙي تَڙَ سان  تعليم جو زيور ڳچيءَ پاتِل اڌ آبادي انڊيا رواني. هت ڄَٽَ ئي ڄَٽَ. ٿِڙي ٿَڦڙي ٻانهپي مان چاڙهو ڪرڻ جي ڪئي سين ته سَندي وطن ۾ ئي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جا انومان. سنڌ جي حصي پتيءَ جي ڳالهه. ٻيهر ورهاڱي جا دهمان. پنهنجي ئي صِفن ۾ بيٺل دلال. پير تي ڪهاڙو هڻڻ جي روش. اسين پوئتي جو پوئتي.

تاريخي قوتن کي پاڻ مخالف بغض پاليندي نهارڻ وارا اسانجو ئي حصو آهن. وٽن پختا دليل آهن. اکيون پٽي ڏسبو ته هروڀرو غلط به نه آهن. پنج هزار سالن جي معلوم اتهاس جي تجربي جو نچوڙ تنهن کان مختلف نه آهي. ڀوڳنا جي ويڪري سمونڊ ۾ هٿوراڙيون هڻندڙ پنهنجي سڀيتا پَرَ، جيئندان جي عجب طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاهي ايندڙ خلق، ٻوليون ۽ معاشي مفادَ سنڌي قوم، زبان ۽ هتان جي ايڪانامي کي سولو ڳهي نه سگهيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ هينئر تائين اها صورتحال آهي. وقت کي عناد سانڍڻ جي مَيارَ به اجايو ٿيندي. صدين جي ڊگهي بَرَ ۾ هُو اسان جو، وري وري سگهه حاصل ڪري پنهنجي کُرن تي بيهڻ لائق ٿيڻ ۾، سهڪاري رهيو آهي. غدارن جي ڇانٽي ڪرڻ ۽ الاهي ٻين خفن ۾. سنڌ، سنڌين جي آهي- اهڙو مَتوَ مٿڀرو رکيو اٿائين. تاريخ اسان جي رڙ کي ڪيس جو درجو ڏنو. لمبي سئمه جڏهن قومون تباهه ٿيون. جنگاڻ هليا. جاگرافيائي تبديليون آيون. ڪيئي دفعا ايئن پيو ڀائنجي ته پاڻ به انهيءَ وهڪري ۾ وهي وينداسين. خوف رهيو ته حياتي ۽ سڃاڻپ- ٻئي وڃائي ويهنداسين. نئين ويساهه سان اسان جو اوٿڀ ٿيو. کوڙ نقصان کائڻ باوجود هيل تائين ڌرتي، جيون ۽ سڀيتا بچائي اڳتي پيا وڌون. وقت جا ڀال آهن.

گڏيل پسمنظر ۾ ڏسبو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هڪ تبديلي آئي آهي. نظرياتي ۽ اڪيڊمڪ لحاظ کان ڪنهن به سماج ۾ وڏي اُٿل اُتان جي اندروني تضادن ۽ داخلي قوتن جي زوردار ٽڪراءَ جو نتيجو هجي ٿي. اُصولي طور اهي عنصر. بنيادي ۽ فيصلي ڪندڙ حيثيت رکندڙ هئڻ کپن. خارجي يا ٻاهريان اثر مددگار ته ٿي سگهن ٿا پر آخري ۽ اتهاس جو اڳتي رستو طئي ڪندڙ نه. سا ڳالهه ڪتابن جي حد تائين ته ٺيڪ آهي. هاڻوڪي جڳ ۾ وهنوار مختلف ٿو ملي. ٻاهريون طاقتون تبديلي، انقلاب جي وقت ۽ مزاج جو تعين ٿيون ڪن. اهڙو نيم، دنيا جي هر خِطي ۾ پڌرو آهي. پري نه وڃجي. هندستان ۽ چين جي پوئين ورهين دوران ويجهڙائپ تبت جي آزاديءَ جي هلچل کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڀڪشو پنهنجي ارادي ۾ ڪمزور نه ٿيا آهن. اُتان جي لوڪ جي راءِ به نه بدلي آهي. کين هرحال ۾ وطن جو آجپو ٿو گهرجي. انڊيا جا قومي مفاد هنن کي اوزار طور ڪتب آڻيندا رهيا. آمريڪا جي دهليءَ سان ائٽمي سنگ ڏانهن چين اکيون ٻُوٽيون ته هندستان ساڻن هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو معاهدو ڪيو. ياد رهي ته ان ٺاهه تي ٻين پاڙيسري ملڪن جون صحيحون پڻ ٿيون. نتيجي ۾ دَلائي لامه هٿ مهٽيندو رهجي ويو.

تبت جي ڇوٽڪاري جو طريقئه ڪار ۽ سمئه ڪيئن ۽ ڪهڙو هوندو، تنهن جو گهڻو دارو مدار انڊيا جي مُوڊ سان مناسبت رکي ٿو. اتي اوهان کي خارجي عنصر فيصلي ڪندڙ ملندو. ساڳي ڳالهه افغانستان جي آئيندي بابت به چئي سگهجي ٿي. جتي مُلڪ جي جاگرافيائي ورهاست اولهه جي رضا موجب ممڪن آهي. آمريڪا ۽ ٻيا اتحادي چاهين ته اُتر ۽ ڏکڻ ۾ جُدا رياستون جوڙڻ مشڪل نه آهي. عرب بغاءَ ڏانهن نهارجي ته نتيجا هروڀرو لوڪ منشا مطابق ڪٿي آهن؟ اُتي ٿيندڙ چونڊن بعد سماجي انصاف کي ڏيکاءُ ڏيندڙ ايجنڊا جو پهريون عنوان ٺاهيندڙ ڌريون کٽي ته آيون آهن پر هينئر کان ئي شرعي نظام لاڳو ڪرڻ جا هوڪا ٿا سُڻجن. مصر ۾ ڪير اچي رهيو آهي؟ اسرائيل مخالف سندن بيهڪ توڻي لبيا جو مستقبل- مڙني معاملن جو وهڪرو ڇا اولهه وارا سَندي مرضيءَ سان وهائڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن؟ سائنس جا کٿابي Catalysis جي وصف ڄاڻين ٿا. رد عمل جي پَاڇي ان قوت جي کاتي ۾ ويندي جيڪا ري ايڪشن کي تڪڙو ڪرڻ جي صلاحيت واري هوندي. قذافيءَ جو نيٽو حملن کانسواءِ خاتمو ٿي سگهي ها!؟

گلوبل ڀونچال جي مقابلي ۾ سنڌ جو ڪيس بنهه ننڍڙو لقاءُ آهي. اسان ڪاڻ پر، جيئڻ ۽ مرڻ جو سوال آهي. ٻن ڏهاڪن کان ڊگهي بحث ۽ مباحثي ۾ آهيون. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين. اسلام آباد ۽ جتي جتي پاڻ رهون ٿا. اڻکٽ ويچار. شام ٿيندي ئي چوياريون. گفتگوءَ جو موضوع ڌرتي ۽ وطن. سماج ۽ سنڌي ماڻهو. رياستي ڪلور. خود اسٽيٽ پڻ. اوڙي پاڙي ٿيندڙ واقعا. خاص طور تي بلوچن جي ويڙهه. سنڌ جي سياسي سجاڳيءَ جو باقائدي تحريڪ جو روپ نه وٺڻ تي هينئڙو لُوڻ ٿيڻ. ساڻيهه جو نانءُ وٺي ديس جي ئي هاڃي ويندڙ سياسي دوڪانداري. پيپلز پارٽيءَ هٿان اسان جي مئنڊيٽ جو کاپو. نراسائيءَ جو جهان ته آشا جا اهڃاڻ. دير جو احساس. پنهنجي ڏاهپ کي داخليت جي اوڙاهه ۾ پَڄرندو نهاري راويءَ پارو قنوطي ڏڪي وڃي ٿو. ڪمزور انسان جي موقعي پرستيءَ جا انيڪ مثال آهن جيڪي ڳڻائي سگهجن ٿا. وري به سوال قومي حقن جي لتاڙ بابت خبروار هئڻ جو نه آهي. معلوم سڀ ڪي اٿئون. بي وسيءَ منجهان اندروني قوتن جي سگهاري ۽ وجودي تضادن جي تِکي ٿيڻ جا انتظاري آهيون. ڪَنَ لاٽار ڪندي ته معاملو اڳتي سِرڪي چُڪو آهي. داخل منجهان ڦٽندڙ نيسارا ضرور کپن ٿا پر ٻاهرين طاقتن کي سندي حق ۾ فيصلو ڏيڻ واري جاءِ تي کڙو پسڻ به لازمي عنصر آهي. ايئن ڪجهه ٿيڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ رڳو وقت جي وير تي ئي ڇڏڻ کپي؟ تاريخ جا پَيرَ ته ماڻهو ٿا ڪوٺجن. رول ماڊل انسان. مثالي ڪردار.

ڊگهي، گهڻ موضوعاتي بحث- جنهن جو محور ديش ۽ هم وطن جِيوَ هجن- مان ڪنهن ريت ٺوس نتيجا ملندا؟ هلچل، تحريڪ، پارٽي ۽ اُڀار جنم وٺندا؟ صِفون درست ٿينديون، ڪٽڻپي جو خاتمو ايندو؟ سوال آهن جن جا جواب ٿا ٻاڏائجن. آسپاس گهمندڙ نراسائيءَ جو شڪار انسان هاڻوڪي دفعي مڙئي گهٽ پُراميد آهن. فوئنڪس پکيءَ وانگر ٻيهر کنڀ لڳن، اسان اُڏامئون- امڪان آهن جن جي حقيقت ٿيڻ لاءِ ڇاتيءَ منجهان اُڌما ٿا ڦٽن. ٻاهرين قوتن جو پاڻ ۾ ڪم پوي. اسانجي ٻاڪارن جي پرواهه ٿئين. سنڌ جي ڪيس کي جڳ جي، اصولي طور، حمايت ملي. (جي هائو “اصولي طور”!) ٻيو ڇا گهرجي؟ سماج اندر جاري داخل جي گفتي بازيءَ کان مٿڀرو، گهڻو مٿي اچجي. خارج ۾ موجود طاقتور ڌرين سان ڊائلاگ ڪجي. ڌرتيءَ جو درد سُڻائجي. کانئن سهڪار وٺندي اڳڀرو ٿجي. ڪاش! ايئن ٿي پوي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو