Home / ڪور افيئر / تبديليءَ جي نالي ۾ “ڪنگز پارٽي” جو قيام
above article banner

تبديليءَ جي نالي ۾ “ڪنگز پارٽي” جو قيام

ايندڙ عام چونڊن کان اڳ اسٽيبلشمينٽ نوان کيڏاري ميدان ۾ لاهي چُڪي آهي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ سان ٺاهه ڪري به پيپلز پارٽي کي هضم نه ڪري سگهي آهي ۽ پيپلز پارٽي چار سالن تائين اسٽيبلشمينٽ سان نڀائيندي به ان جي نه ٿي سگهي آهي. ڇو ته هر اها سياسي پارٽي جنهن وٽ عوامي سگهه آهي اها ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي جماعت نه بڻجي سگهندي. ڇو ته کيس هرحال هڪ ڏينهن عوام وٽ وڃڻو  پوندو آهي. مُلڪ ۾ نين چونڊن لاءِ نواز شريف راند شروع ڪئي پر هاڻي اها راند نواز شريف جي هٿن مان نڪرندي نظر اچي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ کي هڪ صف ۾ بيهاري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ هڪ نئين “ڪنگز پارٽي” ٺاهڻ لاءِ ٽن رخن کان ڪم ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ 25 هين ڊسمبر تي عمران خان جي جلسي کانپوءِ تاثر اهو اڀاريو پيو وڃي ته عمران خان لاهور کان پوءِ ڪراچيءَ کي به فتح ڪري ورتو آهي. يعني پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ وٽس وڏي سياسي سگهه اچي وئي آهي. ڪراچيءَ ۾ جلسو هُجڻ سبب سندس سِڌو ٽڪراءَ ايم ڪيو ايم سان هجڻ گهرجي ها. پر جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ڪنهن به هڪ لفظ نه چيو. جنهن مان تجزئي نگارن جو اهو خيال آهي ته عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ به ڪا نه ڪا “اتفاقي” آهي. يا اسٽيبلشمينٽ ڪا اتفاقي ڪرائي آهي ڇو جو هي اهو ساڳيو عمران خان آهي جنهن جي ڪراچي اچڻ تي ايم ڪيو ايم پابندي لڳائي هئي ۽ اهو ساڳيو عمران خان آهي جنهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه خلاف ڪيس داخل هُئو. سندس خلاف پريس ڪانفرنسون ڪيون هيون پر اوچتو ڇا ڪمال ٿي ويو آهي جو عمران خان ڪراچيءَ ۾ تاريخي جلسو ڪيو، هزارين ماڻهو گڏ ڪيا. پر الطاف حسين ڪامياب جلسو ڪرڻ تي عمران خان کي مبارڪون ڏنيون. يعني ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ اڳتي هلي ويجهڙائپ جو رستو صاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ “هم آهنگي” پيدا ڪندڙ اصل ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي جلد ختم ڪري ايندڙ اقتدار ۾ ايم ڪيو ايم کي هينئر ئي ڀاڱو ڏيڻ جو آسرو ڏيڻ شروع ڪندا. يعني عام چونڊن کانپوءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي صرف “اڪيلي” رهندي. پ پ کانسواءِ باقي سڀني سياسي ڌرين کي ايندڙ عام چونڊن کانپوءِ ايندڙ اقتدار ۾ شامل ڪيو ويندو. شهري جماعت کي گڏ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙين مان وري اُهي سمورا سياسي خانه بدوش ڳولي ڳولي گڏ ڪيا پيا وڃن جيڪي 2002 کان اڳ آهستي آهستي اڳتي هلي مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿي ويا هُئا ۽ بعد ۾ وري الڳ الڳ ٿي ويا. مثال طور سنڌ ۾ تحريڪ انصاف ۾ جن ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي اُهي ماضيءَ ۾ اهي سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ايس ڊي اي) ۾ گڏ هُئا ايس ڊي اي تبديل ٿي نشنل الائسن بڻجي ويو هُئو نيشنل الائنس مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿي ويو هُئو. ڪجهه پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو ٽوڙي مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ڪيا ويا هُئا. هاڻي اُهي سڀ جو سڀ تحريڪ انصاف ڏانهن اماڻيا پيا وڃن.

ملندڙ اطلاعن موجب سنڌ ۾ مسلم ليگ هم خيال گروپ (ارباب غلام رحيم گروپ) سڄو تحريڪ انصاف سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهي. جنوري جي آخري هفتي ۾ ارباب غلام رحيم هڪ ڀيرو وري “اليڪشني ساست” ۾ ان ٿيندو. ارباب غلام رحيم لاءِ سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن جو ماڻهو آهي. سنڌ ۾ لياقت جتوئي گروپ سان پڻ تحريڪ انصاف جا رابطا آهن. سنڌي قوم پرستن مان وري سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه جلال محمود شاهه اُهو پهريون ماڻهو آهي جنهن ملتاني مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي حيدر منزل مانجهاندو ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشيءَ آڏو جلال محمود شاهه سنڌ جو ڪيس ائين پيش ڪيو ڄڻ ته مخدوم شاهه محمود سرڪار ۾ اچڻ وارو هُجي، کيس اقتدار ملڻ وارو هجي ۽ هو بس اقتدار  ۾ اچي سنڌ کي حق ڏياريندو. مخدوم شاهه محمود قريشيءَ ٻڌايو ته قوم پرستن سان سندس ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو. جلال محمود شاهه ايس ڊي اي  ۾ به رهيو ۽ جلال محمود شاهه نواز شريف دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر به رهيو اها اسيمبلي جيڪا ايم ڪيو ايم جي سرڪار مان علحدگيءَ بعد نواز شريف پاڻ معطل ڪري ڇڏي هُئي. سنڌ ۾ ڪجهه ٻين سياسي خاندانن سان به مخدوم شاهه محمود قريشيءَ سان رابطا آهن. بظاهر ته هو سڀ ڪم “مريدي” جي آڙ ۾ ڪري رهيو آهي پر کيس اها ذميواري ڏني وئي آهي ته اندرون سنڌ مان سياسي وڏيرا توڙي عمران خان سان ملائيندو. ارباب غلام رحيم جي ويجهن حقلن جوچوڻ آهي ته هُو عمران خان سان اتحاد ڪري سگهن ٿا. اها ساڳي ڳالهه ايم ڪيو ايم جا اندريان حلقا به ڪن ٿا ته مستقبل ۾ ڪنهن به سياسي جماعت سان سياسي اتحاد ڪرڻ ۾ ڏوهه ناهي.نئين اتحاد جي حوالي سان ٽين اهم ڳالهه “مشرف ليگ” آهي. پرويز شاهه ۽ غلام رسول انڙ کان سواءِ به ڪجهه ماڻهو پرويز مشرف جي پارٽي آل پاڪستان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن. مارئي ميمڻ جا جيتوڻيڪ مشرف سان سڌا رابطا آهن پر مارئي ميمڻ سڌي ريت مشرف جي پارٽيءَ ۾ وڃڻ بدران سنڌ ۾ تبديلي پسندي جي قافلي جي “نمبر ٽو” ليڊر آهي. تبديلي پسندي جو اهو قافلو ڀٽ شاهه جي ميڙاڪي کانپوءِ خبر ناهي ڪٿي دنگ ڪندو. پر مارئي ميمڻ جو وري ڀٽ شاهه کانپوءِ نئون قافلو نڪرڻو آهي. ان جي منزل ڪهڙي هوندي. مشرف ليگ، تحريڪ انصاف يا نواز ليگ؟ ڇو ته ايندڙ اقتدار لاءِ سڀ کان وڏي جاکوڙ بهرحال نواز شريف جي آهي. نواز شريف پڻ سنڌي وڏيرا پاڻ سان جوڙڻ چاهي ٿو. گهوٽڪيءَ جا مهر، عرفان گل مگسي ۽ راجا گل مگسي. سنڌي قوم پرست پڻ نواز شريف سان ويجهڙائپ ۾ رڌل آهن. مهرن لاءِ ته اهو اطلاع آهي ته هُو سينٽ جي چونڊ وقت پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪندا ۽ پ پ سينٽ لاءِ درخواستون گهرائڻ شروع ڪيون آهن. سُڌ ٻڌ جوڳا ذريعا ٻڌائين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ مارچ کان اڳ “ڀونچال” پيدا ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 ايم اين ايز کي استعيفائون ڏيارڻ چاهي ٿي. جن مان گهڻائي تحريڪ انصاف ۾ شامل هوندي. يعني هٿ ٺوڪي تبديلي آڻي نواز شريف جو رستو بلاڪ ڪرڻ ٿي چاهي. نواز شريف جو خيال آهي ته 2012 جي آخر ڌاري سرڪار عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ان مقصد لاءِ کيس مارچ کانپوءِ نگران سرڪار قائم ڪرڻ گهرجي. ذريعن چواڻي نواز شريف پاران سرڪار کي آڪٽوبر 2012 ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ سرڪار پاران ڊسمبر ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي صورت ۾ صرف ٻه مهينا وقت کان اڳ الڪيشن ٿيندي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ وري تحريڪ انصاف ذريعي مارچ کان اڳ بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. ان لاءِ ايم اين ايز کي تحريڪ انصاف ۾ موڪلي استعيفائون ڏيارڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي. ذريعن چواڻي گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اين ايز تحريڪ انصاف وٽ اچي ويا آهن. جيڪي پارليامينٽ کان استعيفا ڏيندا. تن ۾ مخدوم جاويد هاشمي، جهانگير ترين، اويس لغاري، سردار آصف علي، غلام حيدر سميجو، ،ميمونا هاشمي، ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙي ريت ٻين پارٽين مان به اهڙا ايم اين اي ڳوليا پيا وڃن جن کي پارليامينٽ مان استعيفائون ڏياريون وڃن.

ذريعن چواڻي ته نواز شريف کي به اسٽيبلشمينٽ پاران اها ئي آڇ ڪئي وئي هُئي ته نواز ليگ قومي اسيمبليءَ تان استعيفائون ڏيئي سرڪار تي نئين چونڊ لاءِ دٻاءُ وجهي ۽ چوڌري نثار ذريعي ٿيندڙ ڳالهين ۾ چوڌري نثار اها ڳالهه طئي ڪري آيو هُئو ته جنوري تائين نواز ليگ اسيمبليءَ مان استعيفائون ڏيندي. پر بعد ۾ نواز ليگ ان تي اتفاق  نه ڪيو. ڇو ته نواز شريف کي بهرحال اهو خدشو آهي ته موجوده حڪومت جو مدور پورو نه ٿيڻ سان پيپلز پارٽي عوام جي عدالت ۾ ويندي. پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ق)، ايم ڪيو ايم، اي اين پي اهڙي صورت ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ به هڪ مضبوط اتحاد بڻجي سگهن ٿيون ۽ نواز شريف اڪيلي سر سيٽون کڻي نه سگهندي. ان ڪري نواز شريف موجوده سرڪار هٿان جلد کان جلد عام چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي. سندس تجويز موجب نئين سال جي آخري ٽه ماهي ۾ چونڊون ٿين. نواز شريف کان آءِ ايس آءِ ۽ فو ج ناراض هُئي. ويتر چوڌري نثار جي واعدي تي عمل تي نه ٿيڻ سبب اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي وئي ۽ ان مڪمل طور عمران خان تي شفقت جو هٿ رکيو. جنهن جي شروعات لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ تحريڪ انصاف جي جلسي کان ٿي. جنهن کانپوءِ عمران خان کي مُلڪ ۾ “سونامي” آڻڻ جو شوق چڙهيو آهي. عمران خان جي ڪراچي واري جلسي کان هفتو اڳ ڪراچي ۾ ڳجهن ادارن هڪ ڀرپور مهم هلائي. سرڪاري ملازمن کي ايس ايم ايس ذريعي جلسي ۾ شرڪت لاءِ چيو ويو. ڪراچي جي پشتون آبادين ۾ مافيا لاءِ ڪم ڪندڙ ڪجهه ماڻهن ڪروڙين روپيا ورتا. سهراب ڳوٺ، لانڍي، بلديه، ماڙي پور، ڪيماڙي، بنارس جي علائقن مان ماڻهو آڻڻ لاءِ ڪجهه غير سياسي پختون اڳواڻن کي ٺيڪو ڏنو ويو هُئو ان ڪري جلسي ۾ سڀ کان وڏو انگ پشتو ڳالهائيندڙن جو هُئو. ٻئي نمبر تي هزاراه ۽ پنجابي سرائيڪي ڳالهائيندڙ هُئا. ٽئين نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ هُئا جن ۾ برگر ڪلاس جو وڏو انگ شامل هُئو. جلسي ۾ سنڌي ۽ بلوچ سڀ کان گهٽ انگ ۾ هُئا. اندرئين سنڌ جي ڪجهه علائقن مان مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جا مريد آيل هُئا جن جي قميصن تي شاهه محمود قريشيءَ جون تصويرون لڳل هُيون. جلسي ۾ سنڌ جي حقن بابت هڪ اکر به ڪنهن نه ڳالهايو. مخدوم هاشمي ويتر بنگالين جي حمايت ڪئي. ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي تي ڪنهن هڪ لفظ نه ڳالهايو. پر جلسي ۾ نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ کي تنقيد جو نشانو ضرور بڻايو ويو. عمران خان کي خود خبر ناهي ته سندس پارٽيءَ ۾ ڪير شامل ٿيڻ وارو آهي. ماڻهو کيس فون ڪري ٻڌائين ٿا ته اسين اوهانجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهيون. نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ جو رستو روڪڻ لاءِ عمران خان کي اڳتي آندو ويو آهي. جنهن سبب عمران خان پندرهن سال انقلاب، نوجوان قيادت، تبديليءَ جي جيڪا ڳالهه ڪئي اُها پٽ تي رهجي وئي. هاڻي عمران خان ملڪ ۾ نئين “قاف ليگ” ٺاهڻ ڏانهن وڃي پيو. اهو انڪشاف به مارئي ميمڻ ئي ڪيو آهي ته جنرل مشرف جو عمران خان سان رابطو آهي ۽ مشرف ليگ ۽ عمران ليگ اڳتي هلي گڏيل ٽيم جوڙي سگهن ٿيون. مشرف به جنوري جي آخر ڌاري ڏيهه اچڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ارباب رحيم سميت پرڏيهه ويل مشرف جا حامي به لڳ ڀڳ ساڳي وقت ۾ اچڻ جو اعلان ڪن ٿا. فيبروريءَ ڌاري ملڪ ۾ نئون ملاکڙو مچندو. ارباب غلام رحيم وري نئين مسلم ليگ رجسٽرڊ ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي. جنهن کي هُو پيپلز مسلم ليگ جو نالو پيو ڏئي. کيس مشرف ليگ ۾ به شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو پيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف لاءِ به سندس ساٿي پَر سوئي رهيا آهن. پر ٿرجي سياست ۾ مخدوم شاهه محمود قريشيءَ سان اتحاد الڳ ڳالهه آهي تحريڪ انصاف الڳ ڳالهه آهي. ٿر۾ مخدوم شاهه محمود قريشي هن ڀيري ارباب رحيم جي حمايت ڪري سگهي ٿو يا ارباب غلام رحيم ٿر ۾ شاهه محمود قريشيءَ کي هڪ سيٽ تي کٽرائي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال تي ڳالهيون هلي رهيون آهن پر ارباب غلام رحيم فوري طور تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ بدران پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ ٿو چاهي ۽ اتحاد ڪرڻ چاهي ٿو. ملڪي سياست “اقتدار جي راند جي ڇوڦير بدلجي رهي آهي.سنڌ جي سياست ۾ به ڦيرو اچي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي جڳهه تي اڃا تائين بيٺل آهن. صورتحال ان طرف وڃي رهي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ اڪيلو ڪجي ته جيئن کيس ايندڙ سرڪار کان پري رکي سگهجي ۽ ايئن ئي پنجاب ۾ نواز ليگ لاءِ سوچيو پيو وڃي. مارچ ۾ سينٽ جي چونڊ آهي اصل ميلو ان کانپوءِ لڳندو. ان ميلي ۾ مشرف به هوندو. ڇا کيس ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ ڏنو ويندو يا في الحال محترما بينظير ڀٽو جي شهادت ڪيس ۾ گرفتار ڪري بعد ۾ “ڊيل” تحت ڇڏيو ويندو. ايئن مشرف وري ووٽ بئنڪ ٺاهيندو. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ايندڙ اقتدار ۾ عمران خان وزير اعظم ۽ مشرف صدر هوندو. پوءِ جاويد هاشمي، شاهه محمود قريشي، سميت انهن وڏون نالن جو ڇا ٿيندو جيڪي پڻ تحريڪ انصاف ۾ وزيراعظم ۽ صدر بڻجڻ لاءِ شامل ٿي رهيا آهن.

aajiazjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو