Home / ڪور افيئر / جمهوريت جو رسيس پيرڊ
above article banner

جمهوريت جو رسيس پيرڊ

قومي اسيمبليءَ جي هڪ اڳوڻي اسپيڪر صاحبزادي فاروق علي خان پنهنجي آٽو بايوگرافي جو ٽائٽل اهڙو رکيو آهي جو ان کي پاڪستان جي چئن لفظن ۾ بيان ڪيل تاريخ چئي سگهجي ٿو.هن اهو ٽائٽل مرزا غالب جي شعر جي سٽ ”عاشقي صبر طلب اور تمنا بيتاب“ مان آندو آهي جنهن ۾ ترميم ڪري هن ان کي ”جمهوريت صبر طلب اور فوج بيتاب“ لکيو آهي.

”صبر طلب ڪم“هونئن به پاڪستان ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن ۽ جنهن صبر طلب ڪم جو هتي ذڪر پيو ٿئي سوته اڃا ڏکيو آهي. ان کي مڪمل ۽ مضبوط ٿيڻ لاءِ جيڪو وقت گهربل آهي سو ڪير ڏئي؟ مٿان وري مامن کي بيتابي به کنيو بيٺي هوندي آهي.ڄڻ  ته فوجي مداخلتن لاءِ ٺهيل هن ملڪ ۾ جمهوريت ٽي وي پروگرام وچ ۾ڪمرشل بريڪ وانگر ايندي آهي. هڪ اهڙو بريڪ جيڪو استادن کي ته صفا زهر لڳي ٿو جيئن کين هينئر زهر لڳي رهيو آهي.  سڀئي آثار ٻڌائين ٿا هن وقت هلندڙ رسيس ڪنهن به وقت ختم ٿيڻ واري آهي.ڪنهن چيو پئي، ڪمال آهي، گيلاني زرداري سرڪار سال 2012 ۾ پهچي وئي آهي!

جن ماڻهن جواب الجواب پڙهيا آهن تن کي ايندڙطوفان جو ڪجهه وڌيڪ ئي اندازو آهي. جنهن ڏينهن حسين حقانيءَجي وڪيل عاصمه جهانگيرعدالتي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ کان جواب ڏنو،هڪ ٽاڪ شو ۾ هن مرڳو ميزبان کان سوال ال سوال پڇيو ته ”فوج وئي ئي ڪٿي آهي جو اوهين چئو ٿا ته اها اچي ويندي؟“چالاڪيءَ واري سادگي  کي ٽي وي چينل جي ڊسڪليمر سان ملائي ٽاڪ شو هوسٽ کانئس پڇيو ته آخر اوهان جو ڪلائنٽ حسين حقاني پرائم منسٽر هائوس ۾ ڇو ويٺو آهي، ٻاهر ڇو نٿو اچي؟ عاصمه چيس ايڏو بي خبر بنجڻ جي ضرورت ڪونهي. حسين حقاني اتي پناهه ورتل آهي. ڊپ اهو آهي ته ايجنسيون کيس کنڀي کڻي وينديون، مٿس ٽارچر ڪري کانئس ڪوڙي بيان تي صحيح وٺي ڪورٽ ۾ پيش ڪري، کيس سلطاني گواهه بنائي ڇڏينديون.

هاڻي اوهين اندازو لڳايو ته حڪومت ڪيڏي ڊپ ۾ورتل آهي. وزير اعظم هڪڙيون ٻه تقريرون ڪري فيض جي شعر مطابق ”دل ۾ چڀندڙ ڪنڊي جهڙن لفظن جو اظهار ڪري خلش مٽائي ڇڏي،“ پر ان کان پوءِ کيس سمجهه اچي وئي ۽هو واپس پنهنجي قد بت ۾ موٽي آيو.

نو عدد ججن بنا ڪنهن معمولي اختلاف رکڻ جي يڪراءِ ٿي جيڪو فيصلو ڏنو تنهن ملڪ ۾ قانون جي بنيادي اصول جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هر شيءَ کي نيشنل سيڪيورٽي جي روشنيءَ ۾ پرکيو ويندو.قانون جي ان بنيادي اصول ۾ تبديليءَ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ نيشنل سيڪيورٽي بناڪنهن ڪُواسٽيج ڪرڻ جي بنيادي حقن مٿان لت ڏيئي چڙهي وئي آهي. بقول عاصمه جي ”عوام جا بنيادي حق سپهه سالار جي مرضيءَ جي تابع ٿي ويا آهن.“

ان ڏينهن هن اهو به چيو ته فريادي (نواز شريف) کي ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ضرور ياد ايندو ته هڪ عورت اهو چئي رهي هئي ته هي فيصلو قانون جي لحاظ کان غلط آهي.  ”هي عوام جي عدليا آهي يا اسٽيبلشمينٽ جي؟ اهو منهنجو حق آهي ته آئون ماڻهن کي ٻڌايان ته اوهان جي حقن تي ڪهڙا ڪهڙا سمجهوتا ڪيا پيا وڃن سو به ملڪ جي اعلي عدليا وسيلي. عدالتي فيصلو پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي ۽ آئون ان سان اختلاف رکي سگهان ٿي. آئون پنهنجو اختلاف پرزور نموني رکندس پوءِ ان جي عيوض مون تي جيڪڏهن توهين عدالت لڳي ٿي ته ڀلي لڳي.“

ٻه مهينا اڳ استعيفائن جي ڌمڪي ڏيندڙ نواز ليگ استعيفائون به ڪانه ٿي ڏئي. پارليامينٽ کي ”بي وقعت“ به سڏي ٿي پر ان ٿڌي ڇانءُ ۾ ويٺي به آهي.مٿي پيرين اگهاڙي فريادي نواز ليگ ان بي وقعت پارليامينٽ مان ميمو معاملي کي عدليا ڏانهن کڻي وئي جتي ان کي ”انصاف جو آسرو“ آهي. عدالت چونڊيل وزيراعظم جي موقف کي بي وقعت قرار ڏيئي جرنيلن جي موقف کي درست قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. هي جيڪو عدالت فيصلو اڳ ۾ ٻڌائي ڪيس پوءِ هلائڻ شروع ڪيو آهي سو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته عدليا سپهه سالار سان پنهنجا ماضيءَ جا اختلاف ختم ڪري ”قومي مفاد“ واري رخ ۾ هلڻ شروع ڪيو آهي. نواز شريف ڪيڏي نه محنت ڪئي آهي.اسان کي هن لاءِ گهڻا مغالطا هئا ته سويلين سپريميسيءَ جو هن کان وڏو حامي ڪو ٻيو ليڊر شايد ئي هجي.

زرداريءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته جڏهن نواز شريف سان سندس معاملا جڏهن صفا خراب ٿي وڃن ته اسلم رئيساڻي سندس ٽربل شوٽنگ ڪرائيندو آهي. اهڙيءَ ريت اعتزاز احسن وري هن لاءِ سڳوري سان خاموش سفارتڪاري ڪندو آهي. اعتزاز  مڪمل ريت ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ چيف تي ڪجهه ڪاوڙيل به آهي پر جيئن هن پاڻ لاڙڪاڻي واري تقرير ۾ چيو هو، هوجاويد هاشميءَ وانگر تڪڙوڪعبو مٽائڻ وارن مان ڪونهي. اليڪشن جو سال آهي، پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ماڻهو کپي، بلڪه اڄڪلهه جيڪا نئين سياسي ٻولي شروع ٿي آهي تنهن موجب ”ٽيم“ کپي ۽ سا به ”ڪلين“ ماڻهن جي ٽيم. جيئن ته هاڻي پارٽي فائيٽ جي موڊ ۾ به آهي سو زرداريءَ کي پنجاب جي ماڻهن وٽ قابل قبول کلاڙي وڌيڪ گهربل آهن. اعتزاز ”لهوريو“ به آهي ۽ ڪلين به آهي.

لاڙڪاڻي واري جلسي کان هفتو اڳ اعتزاز کي اسٽينڊباءِ وزيراعظم طور آڻڻ وارو آپشن به ورڪ آئوٽ ڪيو ويو هو. اڃا به ايئن ٿي سگهي ٿو. پلان بي جي ضرورت ان ڪري پئجي وئي آهي جو خدشو آهي ته جج صاحب وزيراعظم گيلانيءَ کي توهين عدالت جي چارج شيٽ ڏيئي ان عهدي لاءِ نااهل قرار نه ڏيئي ڇڏين. اعتزاز ڪا ڇوٽي چونڊ کٽي ايوان ۾ پهچي سگهي ٿو. آئين ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته وزيراعظم ٿيڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن سينيٽ جو ميمبر هجڻ ضروري هجي ها ته اهو ڪم ته ويتر آسان هو.  نااهل ٿيڻ جو ڊپ وزيراعظم  کي پاڻ کي به آهي جنهن ان جو اظهار جناح جي جنم ڏينهن واري تقرير ۾ به ڪيو هو. هن پاڻ کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏي عرصي تائين رهندڙ وزير اعظم به سڏيو پر چيو ته ”آئون هجان يا نه هجان، پارليامينٽ ضرور رهندي.“ اهو ”هجان يا نه هجان“ ۽ پارليامينٽ جو وري به موجود رهڻ ان پلان بي جو اشارو هو.

اڄڪلهه جيڪي بدذوقن جا ميوزيڪل جلسا پيا ٿين، لاڙڪاڻي وارو جلسو انهن کان مختلف هو ۽ خاص ڪري ان ۾ اعتزاز احسن جي تقرير مزو ڏيندڙ هئي. هن جيڪا مرثيه گوئي ڪئي تنهن جيالن جو رت گرمائي ڇڏيو. پر هن جنهن نموني شاهه محمود قريشيءَ کي شاعراڻا ڌڪ هنيا سي ڪمال جا هئا. شاهه محمود جيڪا ڪيسيٽ لڳايو ويٺو آهي ته زرداري ۽ گيلانيءَ جي موجود گيءَ ۾ ائٽمي اثاثا محفوظ ناهن، اعتزاز ان ڳالهه کي ڳاٽي مان ورتو.  هن اقبال جي نظم ”تقدير“ جو اهو شعر پڙهيو جنهن ۾ ابليس پاران انڪشاف ڪرڻ تي يزدان کانئس اهو معني خيز سوال پڇي ٿو:”ڪب کُلا تجهه پر يه راز؟ انڪار سي پهلي ڪه بعد؟“

تحريڪ انصاف ۾ اڄڪلهه ڏاڍي دلچسپ صورتحال آهي. پنجاب جي هر ضلعي مان اهڙا پهلوان اچي ان ۾ گڏ ٿيا آهن جيڪي هڪٻئي جا سياسي، روحاني ۽ اليڪشني مخالف رهندا آيا آهن. هن وقت پارٽيءَ ۾ صدر مملڪت ٿيڻ لاءِ ڇهه ۽ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هڪ ڊزن اميدوار موجود آهن. اڳوڻا ٻه ٻه فارين منسٽر آهن. باهه پاڻيءَ جهڙا ماڻهو به اچي گڏيا آهن. مثال طور عافيه صديقيءَ کي آزاد ڪرائڻ جا نعرا هڻندڙ به، ته اهي به جن اها ٻانهن آمريڪين حوالي ڪئي هئي.انهن کي گڏ هلائڻ وڏو مسئلو آهي. اڃا ته عمران خان کي ٽڪيٽن جا به فيصلا ڪرڻا آهن.

عمران کي سڀ کان گهڻو ڇتو اچي سرائيڪي سياستدانن ڪيو آهي جن تحريڪ انصاف ۾ وڏي رش اچي ڪئي آهي. هتان قصوري آيو ته سردار آصف احمد علي پهچي ويو. هتان شاهه محمود قريشي آيو، ته ڪجهه ڏينهن ۾ جاويد هاشمي به پهچي ويو. پر اصل باهه پاڻي جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي آهن. قريشي ڀلي مرشد ۽ مخدوم هجي پر جهانگير ترين وٽ تر جا وڏيرا ۽ راڄن برادرين جا ماڻهو ٻڌا پيا آهن. ڏاکڻي سرائيڪي پٽيءَ جي روايتي سياستدانن جو هڪ وڏو گروپ ساڻس گڏ آهي جن ۾ اسحاق خاڪواڻي، اويس ۽ جمال لغاري ۽ غلام سرور وغيره شامل آهن. جهانگير ترين امير ترين به آهي. اڄڪلهه هن جو ذاتي هوائي جهاز عمران خان حوالي آهي جنهن ڪمرشل فلائيٽن ۾ ٿيندڙ ديرن جي ڪري عام مسافر جهازن ۾ سفر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. عمران قريشيءَ سان ملڻ ملتان آيو ته جهانگير ترين جي جهاز ۾ آيو. پاڻ کي انسيڪيور  محسوس ڪندڙ قريشيءَ عمران کي ته پنهنجي اوطاق تي وٺي ويو پر جن جي جهاز ۾ هو چڙهي آيو هو تن کي ڪوڙي صلاح به ڪانه هنيائين. جهانگير ۽ سندس گروپ جا همراهه قريشيءَ تي ڏاڍا تتل آهن. قريشي عمران تي پنهنجو قبضو اڃا مستحڪم ڪرڻ لاءِ کيس چيو ته هو جيڪڏهن پاڻ هلي اچي ته ڀاڻس مريد حسين قريشي پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ترين جي گروپ وارا همراهه چئي رهيا آهن ته قريشيءَ جو ڀاءُ هميشه سندس چئي ۾ رهيو آهي ۽ جيڏانهن هو ويندو آهي، ڀاڻس پاڻمرادو ان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندو آهي. ان کي تحريڪ انصاف ۾ آڻڻ لاءِ عمران کان منٿ ڪرائڻ هڪڙو ناجائز مطالبو هو. ۽ هاڻي اسين قريشيءَ کي اهڙيون ناجائزيون ڪرڻ ڪونه ڏينداسين.

سياسي استادن جي تنقيد اها به آهي ته پنهنجي جلسن ۾ عمران رڳو سنگاپور ۽ چين جي ترقيءَ جا مثال ٻڌائي ٿو پر اهو ڀلجي وڃي ٿو ته اها ترقي آمريت ۽ آپيشاهيءَ جي ڏنڊي جي زور تي آئي آهي. هن بلوچستان ۾ ترقي جا ڪم ڪرائڻ جي به ڳالهه چئي. هڪ بلوچ سياسي ورڪر جو چوڻ هو ته هن الائي ڪهڙي ارادي سان اها ڳالهه چئي پر اسين ته ڊڄي وياسين. حاڪم جڏهن بلوچستان ۾ ترقي جا ڪم ڪرائڻ جا اعلان ڪندا آهن ته اسان جي رت جون نديون وهنديون آهن.

هتان فاطمه ڀٽو جي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جا افواهه آيا ته گاديءَ واري شهر ۾ اسان کان پڇيو ويو ته ڪٿي تبديلي پسند ته عمران سان ڪونه شامل ٿيندا.  اسان جي هڪ دوست جو دلچسپ ڪمينٽ اهو هو ته پاڻ وارا تبديلي پسند coming out جي پراسيس ۾ اڃا وقت وٺندا. ڪراچيءَ ۾ ڪجهه همراهن”تبديلي پسنديءَ“ جي تشريح”پنهنجي جنس مٽائي مخالف جنس اختيار ڪرڻ“ ٺاهي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته اها اهڙي تبديلي پسندي آهي اڄڪلهه دنيا ۾ تيزيءَ سان پاپولر ٿي رهي آهي.هاڻي اوهينcoming outواري اصطلاح جو پس منظر سمجهي ويا هوندا.

سياسي صورتحال اهڙي آهي جو سائين جي ايم سيد جي ڳالهه وري ٺهڪي اچڻ لڳي آهي ته پيپلز پارٽي هروڀرو هن ملڪ تي ڊيموڪريسي ٿاڦڻ جو شوق پورو ڪندي آهي. باقي هي ملڪ پنهنجي موجوده قابض قوتن جي شڪنجي ۾ به رهي  ۽ ان ۾ ڊيموڪريسي به رهي، اهو ممڪن ڪونهي.ڇا ته ڪلائيميڪس آهي!  ٻه ٻاويهين گريڊ جا باوردي ملازم جن جون نوڪريون ايڪسٽينشن تي هلي رهيون آهن تن اهڙو ڪم ڪيو آهي جو ارڙهن ڪروڙ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ۽ حڪومت جون ڄنگهون لڏي رهيون آهن. هڪ ٻيو چيف سڄي ڪهاڻي ختم ڪرڻ لاءِ ريهرسل ڪري رهيو آهي.  دبنگ تقريرون ڪرڻ کانپوءِ صدر ۽ وزيراعظم پنهنجي پنهنجي سرڪاري محل ۾ فوجي ٽرڪن جوانتظارڪري رهياآهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو