Home / افيئر / جنسي ڏاڍائي جو ڪيس اسرائيل جو اڳوڻو صدر ڪاٺ ۾!
above article banner

جنسي ڏاڍائي جو ڪيس اسرائيل جو اڳوڻو صدر ڪاٺ ۾!

اسرائيل جي اڳوڻي صدر موشي ڪتشاف کي جنسي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ سبب ستن سالن لاءِ جيل اماڻيو ويو آهي. گذريل نومبر ۾ اسرائيلي سپريم ڪورٽ کيس ٻڌايل اڳوڻي سزا برقرار رکي. 66 سالن جي موشي ڪتشاف 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن هو ڪابينا ۾ وزير هو، هڪ عورت ملازمه سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئائين، جڏهن ته صدارتي دور ۾ به هن ٻن ٻين عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. اسرائيل جي داخلي سلامتي جي وزير جو چوڻ آهي ته اڳوڻي اسرائيلي صدر کي جيل ۾ ٻين عام قيدين جهڙيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو