Home / سياسي افيئر / دنيا ۾ انقلابن جي بهار ۽ آمريتن جي تڏاويڙهه
above article banner

دنيا ۾ انقلابن جي بهار ۽ آمريتن جي تڏاويڙهه

وقت گذرندي ويرم ئي نٿي لڳي، پل، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال ڏسندي ڏسندي گذري وڃن ٿا. بلڪل ايئن ئي سال 2011 پنهنجي پڄاڻي طرف وڌي رهيو آهي، جيڪو گذري ويل ورهين جي ڀيٽ ۾ پر امن گذريو. معاشي گهوٽالي ۽ قدرتي آفتن ڪجهه ملڪن ۾ وڏي تباهي آندي. آسٽريليا کنڊ ۾ پهرين زلزلو آيو جنهن ڪرائس چرچ ۾ تباهي مچائي پوءِ وري برساتي ٻوڏ منهن ڪڍيو، جنهن شهرن کي دريائن ۾ بدلائي ڇڏيو. سوين ماڻهو  موت جو کاڄ ٿيا ۽ هزارين ماڻهو دربدر ٿي ويا.

جاپان ۾ آيل سونامي تاريخ جي بدترين تباهي آندي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 45 هزار ماڻهو موت جو راڪاس ڳهي ويو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. تابڪاري اثرن سبب به انساني جانين جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. ايئن 2011ع ۾ ٿائلينڊ ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ملڪ جي تاريخ جي پهرين خاتون وزير اعظم ٿي ۽ فوجي آمرن کي عوام ٿڏُي ڇڏيو. برساتي ٻوڏ پڻ هن ملڪ جي معيشت کي وڏو ڌڪ هنيو. ڊگهي آمريت ڀوڳيندڙ هڪ ٻئي ملڪ برما ۾ پڻ 1962ع کانپوءِ اپريل 2011ع ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ آمريت جي تڏاويڙهه ٿي ۽ اقتدار چونڊيل عوامي نمائندن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڊگهي عرصي کان جمهوريت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ نظربنديون ڪٽيندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ آنگ سان سوڪي کي آزاد ڪيو ويو. برما جا آمريڪا ۽ يورپ سان معطل ٿيل لاڳاپا هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيا. اها هڪ لحاظ کان دنيا جي وڏي تبديلي ڳڻي سگهجي ٿي، جنهن ۾ رتوڇاڻ ۽ هڪ گوليءَ کانسواءِ تبديلي اچڻ ممڪن ٿي سگهي. جڏهن ته ملڪ جمهوريت جي گس تي هلي پيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن توڙي برطانيا جي نمائندن ۽ پورپي يونين به برما جو دورو ڪري مخالف ڌر کي جمهوريت جو سفر جاري رکڻ ۾ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.

پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي اولهه بنگال ۾ پهريون ڀيرو سُرخن جي حڪومت جي تڏا ويڙهه ٿي ۽ ان تڏا ويڙهه جي نتيجي ۾ ممتا بئنرجي براجمان اچي ٿي. جڏهن ته رشوت ۽ بدعنوانين خلاف سماج سڌارڪ انا هزاري بک هڙتال ڪئي، ماڻهو روڊن تي اچي ويا، نتيجي ۾ حڪومت کي گوڏا کوڙڻا پيا. اسانجي هڪ ٻئي پاڙيسري ملڪ بنگال ۾ 1971ع ۾ آزادي جي جنگ دوران جماعت اسلامي ۽ تڏهوڪي آزادي مخالف حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ قاتلن ۽ غدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ۽ مٿن نسل ڪشي جي الزام ۾ ڪيس هلايو ويو. باقي وچ ايشيا جي ملڪن ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نٿي اچي.

اهو به  نه وسارڻ کپي ته هاڻي دنيا ۾ ٽرينڊ تبديل ٿي رهيا آهن، اهوئي ڪارڻ آهي جو ڪالهه جا مخالف اڄ هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان  وڏو مظهر چين طرفان يورپ، يورو زون ۽ آمريڪا ۾ بانڊ خريد ڪري سيڙپڪاري ڪرڻ پڻ آهي. چين ڀارت سان لاڳاپن ۾ پڻ بهتري آندي آهي، جڏهن ته توانائي جي ميدان ۾ آفريقا ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي اٿائين.

آمريڪا بهادر هيلوڪي سال ۾ 2014ع تائين افغانستان مان فوجون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا نهايت خوش آئند ڳالهه آهي. هلندڙ سال ئي سعودي عرب جي ڪوششن سان طالبان ۽ افغان سرڪار وچ ۾ مڪي ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. مستحڪم افغانستان لاءِ اهي ڳالهيون ڪيتريون لاڀائتيون ٿي سگهنديون؟ ان بابت في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي. اهو ان ڪري جو آمريڪا، افغان سرڪار توڙي طالبان انهن ڳالهين بابت ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته افغانستان ۾ هندستان ۽ ترڪي کي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جا وڌيڪ موقعا مليا آهن. ٻئي طرف پيارو پاڪستان آهي جيڪو گهٽ سيڙپڪاري باوجود افغانستان ۾ وڌيڪ حصو گهري رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جي سلاله چيڪ پوسٽ تي نيٽو حملي ۽ 24 فوجي مارجي وڃڻ کانپوءِ پاڪ آمريڪا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن، پاڪستان نيٽو سپلاءِ بند ڪرڻ سان گڏ آمريڪا کان شمسي ايئر بيس به خالي ڪرائي ڇڏيو آهي ليڪن آثار اهي پيا نظر اچن ته ڪجهه وقت اندر ئي معاملا ٺيڪ ٿي ويندا.

2011ع ۾ عرب بهار جتي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو اُتي اهڙن عرب ملڪن ۾ سياسي چرپر ۽ تحرڪ شروع ٿي ويو آهي جيڪي سياسي ۽ انساني آزادين جي لحاظ کان سخت گير ملڪ ليکيا وڃن ٿا. ايران به ان کان متاثر ٿيو، تهران ۾ حڪومت مخالف مظاهرن ۽ احتجاجن جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ رتوڇاڻ ته ڪا نه ٿي آهي باقي گرفتاريون جام ٿيون آهن. ايران جو عوام بنياد پرست حڪمرانن خلاف آهي، في الحال کڻي اهو احتجاج دٻجي ويو آهي پر اهو ضرور ٻيهر ڪَر کڻندو ۽ ڪنهن منطقي انجام تي پهچندو.

ايئن بحرين ۾ به عرب بهار پنهنجو رنگ ڏيکاريو، عوام حڪمران خلاف اٿي کڙو ٿيو ته کيس لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي. پهرين خلق خدا تي فوج ڪشي ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا، ليڪن عوامي جهدوجد رنگ لاتو. تبديلي اڻٽر ٿي وئي آهي. باقي حاڪم کي في الحال آمريڪا بهادر، يورپ ۽ پاڙي وارن شيخن بچائي ورتو آهي. سعودي عرب جتي حڪمران سڳورن خلاف ڳالهائڻ وڏو ڏوهه تصور ڪيو ويندو آهي اتي به هوريان هوريان سياسي تحرڪ اچي رهيو آهي. ان جو واضح ثبوت سعودي بادشاهه خلاف اوڀر سعودي عرب ۾ وقت بوقت ٿيندڙ احتجاج آهن، جن کي حڪمران چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مري پڻ رهيا آهن. يمن ۾ ويجهڙ ۾ ئي 33 ورهين کان تخت تي براجمان رهندڙ صدر علي عبدالله صالح جا ٽپڙ ويڙهائي  نگران حڪومت قائم ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن ۽ گلف گڏيل تعاون جي معاهدي هيٺ فيبروري ۾ صدارتي چونڊون ڪرائي حڪومت چونڊيل صدر حوالي ڪئي ويندي. جڏهن ته شاگردن جو احتجاج اڃا جاري آهي، جيڪو شايد صالح کي ڪنهن سزا تائين پهچائڻ کانپوءِ ماٺو ٿئي.

مصر ۾ حسني مبارڪ جي آمريت جي پڄاڻي کانپوءِ عام چونڊون مرحليوار جاري آهن، شروعاتي نتيجن مطابق اسلامي برادر هوڊ کي 40 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، النوري پارٽي کي 25 سيڪڙو ووٽ مليا آهن. جيتوڻيڪ ڪنهن امڪاني بحران کان بچڻ لاءِ فوجي جنتا برادر هوڊ سان ويجها لاڳاپا رکڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ امڪان اهي آهن ته اهي ساڻن گڏجي حڪمراني ڪندا. ليڪن التحرير اسڪوائر کان انقلابي تحريڪ هلائيندڙ باغي  چون ٿا ته ان جو فيصلو وري به تحرير اسڪوائر تي ٿيندو. انهن چواڻي اهي بنياد پرستن توڙي فوجي جنتا وٽ انقلاب کي يرغمال ٿيڻ نه ڏيندا.

تيونس به سياسي ۽ حڪومتي تبديلين واري مرحلي مان گذري رهيو آهي. جڏهن ته ڪرنل قذافي جي پڄاڻي کانپوءِ لبيا ۾ عبوري حڪومت جوڙي وئي آهي ۽ ٻن سالن اندر عام چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويندو. وقت واقعي وڏو بادشاهه آهي، لبيا تي ورهين تائين حڪمراني ڪندڙ قذافي جي اقتدار توڙي زندگيءَ جو سج 2011ع ۾ لهي ويو. ساڻس گڏ سندس هڪ پٽ به قتل ٿي ويو، ٻيو سيف الاسلام باغين وٽ قيد آهي. اطلاع اهي آهن ته لبيا جي راڄڌاني طرابلس ۾ انارڪي واري صورتحال آهي، ڏوهه وڌي ويا آهن، هٿياربند گروپن جو هر طرف راڄ آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو قذافي جي ڊگهي شخصي حڪمراني مان به خوش نه هئا پر ان دور ۾ ملڪ ۾ امن قائم هو، اهوئي سبب آهي جو اڄ لبيا واسي امن ڪارڻ وري قذافي کي ساري رهيا آهن. هو ڏانهن بن غازي ۾ عوام عبوري ڪائونسل جي مصطفيٰ عبدالجليل خلاف روڊن تي نڪري آيو آهي. جنهن مان محسوس اهو ٿو ٿئي ته لبيا جو انقلاب اڃا پچي راس ناهي ٿيو، ان کي اڃا ڏکين مرحلن مان گذري ڪنهن منزل تي پهچڻو آهي.

آفريقا ۾ آوري ڪوسٽ ۾ بانگبو سرڪار جي پڄاڻي تي پهتي ۽ اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويو. اڳوڻو حڪمران نسل ڪشي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث هو، ان ڪري مٿس فرانس جي مدد سان هيج ۾ انساني لتاڙ جي سلسلي ۾ ڪيس هلندڙ آهي، في الحال ته همراهه ڪاٺ ۾ آهي ڏسجي ته سندس خلاف ڪهڙو ٿو فيصلو اچي؟ سوڊان جي قسمت ۾ به ٻه اڌ ٿيڻ لکيل هو. سو اهو نيٺ ٻه اڌ ٿي چڪو. ڏکڻ سوڊان کي الڳ ملڪ جي حيثيت ملي ۽ اهو گڏيل قومن وٽ 193 ملڪ جي حيثيت ۾ رجسٽر ٿي ويو. صوماليه اڃا به ڏڪار جي ور چڙهيل آهي، ڏڪار سبب ساڍا چار لک ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڏڪار سبب صوماليه جا ماڻهو ڪينيا ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن، ايئن سمجهو ته اتي هڪ وڏي انساني المئي جنم ورتو آهي.

سال 2011ع ۾ يورپ اندر يورو زون جي ملڪن ۾ معاشي بحران ڪَر کنيو، جنهن ڪارڻ يونان ۽ اٽلي جي چونڊيل سرڪار جا ترا نڪري ويا. اسپين جي چونڊن ۾ حڪومتي ڌر کي شڪست آئي. يورو زون جي ملڪن ۾ يونان کان وٺي فرانس تائين سڀ معاشي بحران جو شڪار آهن. جڏهن ته جرمني 27 ملڪن جي يونين ۾ بنا ڪا گولي هلائڻ جي طاقتور ملڪ جي حيثيت سان ڇانيل آهي. ذڪر ڪيل سمورن ملڪن جو قبلو جرمن آهي ان ڪري سڀ معاشي سهاري لاءِ جرمني ڏانهن نهاري رهيا آهن.

هاڻي ذڪر ڪنداسين دنيا تي حڪمراني ڪندڙ آمريڪا بهادر جو، آمريڪا ۾ 2011 اندر جتي سامونڊي طوفان ۽ برساتن تباهي مچائي، اتي بيروزگاري ۾ به زبردست واڌ آئي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوباما سرڪار جاکوڙي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو 2012 آمريڪا ۾ چونڊن جو سال آهي ۽ ذڪر ڪيل سال ۾ ئي عراق مان آمريڪي فوجن جي واپسي مڪمل ٿيڻي آهي. افغانستان صورتحال پڻ صدارتي اليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. في الحال ته اوباما ڪانگريس مان ڪيترائي بل پاس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڏکيائن جو شڪار آهي ڏسجي ته وقت سندس ڪيترو ٿو ساٿ ڏئي.

وقت چوي آءُ بادشاهه واري ٿيوري کي بهرحال مڃڻوئي پوندو، ڇو ته اسان سڄي سال ۾ ڏٺوسين ته اهي وقت جا آمر، جابر ۽ سگهارا حڪمران جن ڪڏهن به پاڻ تان سج لهڻ جو سوچيو به نه هو پر وقت هڻي ته سندن ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا ۽ اڄ اهي يا ته مٽيءَ هيٺ مدفون آهن يا ڀاڄوڪڙ بڻيل آهن. اهو وقت ئي آهي جنهن آمريتن جا پهاڙ هٽائي اتي انقلاب جي بهار ۾ اُميدن جا گل پوکيا آهن، اهي دير مدار دنيا جي ڪينواس کي ضرور مهڪائيندا ۽ مظلوم عوام ان مان ڀرپور لاڀ وٺي سگهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو