Home / ڪور افيئر / زرداريءَ جي بيماري: اُبتي ڳڻپ شروع
above article banner

زرداريءَ جي بيماري: اُبتي ڳڻپ شروع

”هو جيڪي“ صدر صاحب کي ميمو معاملي ۾ غير قانوني طريقي سان ڦاسائڻ جي ڪوشش  ڪري رهيا آهن تن کي ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن ميمو جي ذميداريءَ جو سوال اٿيو ته چيف ايگزيڪٽو جي حيثيت ۾ آئون ان جي ذميداري پاڻ کڻي وٺندس،“  لاهور ۾ پ پ پنجاب جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ وزير اعظم گيلانيءَ اهواعلان ڪري ميڊيا تي ڄڻ ته ”هنن کي ٻڌائي ڇڏڻ“ جي ڊيوٽي رکي. اهو ان ڳالهه جو پهريون انڊيڪيٽر هو ته معاملو گوڙ کان چڙهيل آهي ۽ ”هو“ جيڪي به آهن سي پيپلز پارٽيءَ جي  سرڪار سان  نيگو شي ايٽ ڪري رهيا آهن.گيلانيءَجي گفتگو ءَ ۾ بنا نالي وٺڻ جي هنن مهربانن جو ذڪر هڪ ڀيرو وري هيئن آيو: ”جيڪڏهن پارليامينٽ جي موجودگيءَ ۾ به ايٽم بم غير محفوظ آهي ته مون کي ٻڌايو ته هو ڀلا ڇا ٿا چاهين؟“ ڪجهه ڏهاڙا پوءِ سينيٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ”هنن مولانا مودودي، ولي خان ۽ اڪبر بگٽيءَ کي ملڪ جو غدار ڪوٺيو.  اسان کي ڪنهن کان محب وطنيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ڪانهي.“

مٿي ڄاڻايل تقريرن ۾ وزير اعظم  ”هو“ ۽  ”هو جيڪي….“ ڪنهن کي چيو آهي، انهن کان اوهين پاڻ واقف آهيو جو اوهان کي انهن جا هٿ باربار لڳل آهن.گذريل ٻن هفتن ۾ جيئن پوءِ تيئين وزيراعظم  اشارن جي زبان جي آسمان تان نيٺ سڌي ٻوليءَ جي زمين تي لهي آيو آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر لاءِ چيل سندس هن ڳالهه جي باري ۾ اوهين ڇا چوندا؟: ”…. منهنجي حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قائم ٿي هئي، جيڪڏهن آئون اڄ استعيفي ڏيئي ڇڏيان ته ڇا توهان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيو؟ ظاهر آهي ته نه. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان پنهنجي جاءِ تي قائم رهندا ۽ منهنجي حڪومت پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي شڪل نٿي وڻي ته عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي.سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ نڪي ڪنهن ٻي جاءِ تي. پارليامينٽ کي قائم رهڻ گهرجي، پوءِ ڀلي منهنجي حڪومت رهي يا نه رهي. آئون وزير اعظم هجان يا اپوزيشن جي بينچن تي وڃي ويهان، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.“ پنهنجي انهن تقريرن ۾ گيلاني ان ڳالهه جو ڀرپور تاثر ڏنو ته ”ڪوئي آهي“ جيڪو پارليامينٽ جو بسترو گول ڪرڻ ۽ پيپلزپارٽي سرڪار کي حڪومت مان ۽ زرداريءَ کي صدارت مان چلتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بلڪه هن ”ڪوشش“ بدران ”سازش“ جو لفظ به استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

هي ليک لکجڻ وقت صدر زرداري اسپتال مان گهر واپس پهچي ويو هو.جيتوڻيڪ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته هو 27 ڊسمبر تي سڌو اچي پنڊال ۾ پهچندو، پر اعتبار وارن ذريعن  جو چوڻ آهي ته صدر صاحب جي سواري سائي سگنل کي ڏسي رواني ٿيندي.هونئن به اڄڪلهه ڪهڙي فلائيٽ وقت تي اچي ٿي سو ٽائيم فريم ڏيڻ غلط ٿيندو.  مطلب ته ان ڳالهه تي اڃا ڪک رکيل آهن ته هو ڪڏهن واپس موٽندو. ٻئي طرف بيماري وارو اطلاع ڀلي کڻي بهتر نموني مارڪيٽ ٿيو هجي، پر اها ڳالهه اڃا ڳجهارت بڻيل آهي ته نيٺ اهڙو ڇا ٿيو هو جو صدر صاحب  ايئن اوچتو کڻي دبئيءَ ڏانهن کڙيءَ تي زور رکيو.

اڄ جنهن مهل هي سٽون لکجن پيون، ڪورٽ سڳوريءَ ۾ وفاق پاڪستان جو جواب داخل ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ نواز شريف ۽ ٻين درخواست گذارن پنهنجي درخواستن ۾ صدر زرداريءَ، فوج ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن کي ڌار ڌار ڌر بڻايو هو پر وزيراعظم اٽارٽي جنرل مولوي انوارالحق کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن ته اهي سڀ ڌريون دراصل وفاق پاڪستان جون ماتحت آهن، تنهن ڪري وزيراعظم، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهن پاران ڏنل جواب وزيراعظم جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايا ويندا. هڪ لحاظ کان ان جو مطلب اهو ٿيندو ته وفاق پاڪستان هڪ آواز ٿي هڪ جواب داخل ڪرائيندو. ميمو معاملي جي هر پاسي تي گهڻي ڳالهه ٻولهه ۽ لکپڙهه ٿي چڪي آهي، سو پاڻ ان ۾ جيڪي نوان پاسا شامل ٿيا آهن، انهن ڏانهن ٿا اچون. نئين ڳالهه اها ٿي  آهي ته ساڳئي منصور اعجاز وٽان ڳالهه ڦاٽي آهي ته جنرل پاشا عرب ليڊرن کان زرداريءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري حاصل ڪرڻ لاءِ عرب ملڪن جا دورا ڪيا هئا. اها خبر ته ميمو معاملي کان به وڏي هئي پر رڳو هڪ اڌ کي ڇڏي ميڊيا جي مرونئن کي ماٺ لڳي وئي. نڙيءَ تي ننهن باوجود هڪ اڌ چينل ۽ هڪڙي انگريزي اخبار ئي ان ڪهاڻي کي اهڙي ريت پيش ڪيو جيڪو ان جو حق هو.  هاڻي اها ڳالهه اڃا واضح ٿي وئي آهي ته هي منصور اعجاز پيڊيا پاڪستاني ميڊيا لاءِ تيار ڪيل هڪ اهڙو ڀوت آهي جيڪو اسلام آباد مٿان پيو لامارا ڏئي. هي ضرور ڪنهن جو سر کڻندو.

مڃڻ مراد آهي ته زرداريءَ جا يار اڃا تائين ساڻس گڏ بيٺا آهن. هيڏي ڪهاڻيءَ جي باوجود ڪير اڃا پنهنجي جاءِ تان چريو ناهي. پوءِ اهو کڻي اسفنديار ولي هجي، مولانا فضل الرحمان هجي يا شجاعت اينڊ ڪمپني هجي. ڪنهن چيو پئي ته پهريون ڀيرو ملڪ کي واقعي به ڪو اهڙو سياستدان مليو آهي جنهن جي ڪمپني نه رڳو هنن سڀنيءَ لاءِ ”پرافٽ“ واري آهي پر هنن سڀني انجواءِ به ڪئي آهي. هن کان اڳ ايئن ٿيندو هو ته جنهن سويلين حڪمران جو سر وڃڻ وارو هوندو هو ان جو تڏو خالي هوندو هو ۽ سياسي اشرافيه جرنيلن سان ڪلهي گس ڪري رهي هوندي هئي جيڪي شايد صدقو ٿيڻ واري سياسيءَ کان نسبتا وڌيڪ ٽيلنٽيڊ به هوندا هئا. هن ڀيري جيڪي امڪاني اميدوار آهن تن سان سواءِ (غيرسياسي) عمران خان جي، ٻيا سياسي ماڻهو گهڻا ڪمفرٽيبل ناهن. هي پهريون ڀيرو آهي جو ويندي شجاعت پارن کي به احساس ٿيو آهي ته پارليامينٽ ڪنهن شيءَ جو نالو آهي ۽ سويلين نظام ۽ سياست لاءِ اسپيس ٺاهڻ کان سواءِ سياستدانن وٽ ڪا ٻي واهه ئي ڪانهي.

هن کان اڳ  پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ مون رئيس کي ”چانسي“ سڏيو هو. چانس ته ڏسو، مڙس اسپتال ۾ پيو آهي، پنجاب ۾ ڪاوڙ جا ڪوڪريا آهن، سمورا ملازم چيف مخالف آهن، ميڊيا ۽ عمران ۾ فل چاٻي ڀريل آهي، ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ لاءِ ثبوت گڏ ڪرڻ جي به ضرورت ڪانهي، گئس ۽ بجلي ڪونهن، ريلوي ۽ پي آءِ اي پنڪچر آهن، عسڪري ناڪاميون به سياسي  ناڪاميون قرار ڏيئي سرڪار جي کاتي ۾ لکي ڇڏيون ويون آهن، غداريءَ جي الزامن تحت عدالتي ۽ ميڊيا ٽرائيل هلي رهيا آهن، ٽيم ۾ چار چڱن (ٽن پشتونن ۽ هڪ اڌ پنجابيءَ کي ڇڏي) باقي سڀ پهرئين ڀتر تي ڀڙڪو کائي اڏامڻ وارا آهن، يعني هٿ آڏو ڏيڻ واري ڪا پهر موجود ڪانهي پر  پوءِ به عالمي ۽ اندروني سياست جي تضادن منجهان هن کي ايتري طاقت ملندي رهي آهي جو همراهه ۾ اڃا تائين هٿ نٿا وجهي سگهن.

هاڻي لڳي ايئن پيو ته ميمو معاملي مان گهڻي هوا نڪري وئي آهي تنهن ڪري سوئز ڪيسن جي مئل معاملي ۾ وري هوا ڀري وئي آهي. سوال اهو پيو پڇيو وڃي ته ”عدالت جي حڪمن تي عمل درآمد  ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ جنيوا وارن کي اڪائونٽن جي باري ۾ اڃا تائين آخر ڇو نه خط لکيا ويا آهن؟“ هي اڳ ئي ڦاٽل معاملو آهي جنهن ۾ جيتري هوا هڪ پاسي کان ڀري پئي وڃي اوتري ٻئي پاسي کان نڪرندي به وڃي پئي.

ڀلا ٿورو اهو ته ڌُڪو هڻو ته زرداريءَ جي بيماريءَ تي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ ۾ ورتل شخص ڪير هو؟ اوهان جو جواب درست آهي. رائيونڊ جي رڌڻي کي ويجهن ذريعن کان پاڻ کي پتو پيو آهي ته نواز شريف ڪجهه ڏينهن ته مٿي کي هٿ ڏيو ويٺو هو. عدالت ۾ درخواست وجهڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيو ته هن کان غلط ڪم ڪرايو پئي ويو. يعني استعيفائون ڏياري هن کي مڪمل ريت چلتو ڪري ڇڏين ها ۽ پوءِ پنجاب سڄو عمران خان جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم بڻيل هجي ها. مٿان وري عمران جي وات تي اها ڪيسيٽ به لڳائي ڇڏي اٿن ته زرداريءَ جي ڪرايل اليڪشن قبول ڪانه هوندي. هاڻي نواز شريف جي دل جي ڳالهه اها آهي ته مرتا ڪيا نه ڪرتا وانگر کيس زرداريءَ جي ڪرايل اليڪشن ته وري به قبول هوندي پر ڪنهن ”طالع آزما“ جي ڪرايل اليڪشن ڪنهن به ريت قبول ڪانه هوندي.هو ڄاڻي ٿو ته ريٽائرڊ ٿيندڙ آخري طالع آزما جي جونيئرز جي هڪ ڊگهي لائين اهڙي آهي جيڪي سڀ مٿس ڪاوڙيل آهن ۽ ايندڙ پنجن ورهين تائين ساهوراڻي آڪهه ۾ هن لاءِ ڪنهن سافٽ ڪارنر جي گنجائش بظاهر ته نظر نٿي اچي. پاڻ وارن ذريعن جو چوڻ آهي ته اندرواندر نواز تسليم ڪيو آهي ته موجوده ٽورنامينٽ ۾ هن کي جيڪي ملڻو هوندو سو فقط تڏهن ملندو جڏهن زرداري ڪرسيءَ تي ويٺل هجي ۽ زندهه ۽ سلامت به هجي. لڳي ايئن ٿو ته ان احساس جي ڪري ڪاسميٽڪ مخالفت پنهنجي جاءِ تي  باقي زرداري مخالفت ۾ نواز شريف گهڻو بيڪ فوٽ تي هليو ويو آهي.

مقدمن ۽ مامرن ۾ ته شايد هوا ڀري وڃي ٿي پر عمران خان جي ”آڪيوپاءِ ڊيموڪريسي“ تحريڪ ۾ ته لڳي ٿو ته سڄي ملڪ جي سي اين جي ڀري پئي وڃي. مرشد گهوٽ شاهه محمود قريشي آيو يا يا کيس آندو ويو، پر هن پنهنجي لاءِ مرڪزي عهدي کان علاوه سرائيڪي علائقي ۽ اتر سنڌ جي وڏيرن، خليفن ۽ مريدن جي هڪ لسٽ پيش ڪئي جن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو عمران پابند هوندو. عمران هائوڪار ڪئي ته مخدوم صاحب لفظن کي چاٻا ڏيئي ڏيئي مهينن کان ريهرسل ڪيل تقرير مڪمل ڪندي چيو ته اڄ کان آئون عمران جي ٽيم ۾ آهيان. ڪيترا چون ٿا ته اهڙيون چيزون ٽيم ۾ شامل ٿي رهيو آهن جو ميچ فڪس نه ٿي وڃي ۽ اڳتي هلي مرڳو عمران سان ”مائنس ون“ فارمولا نه هلايو وڃي. پراڻن عمراني ڪارڪنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هاڻي هاڪي کنئي آهي ته مهمان اداڪارن لاءِ کانئن عهدا ڇو پيا ڇڏايا وڃن. جھيڙا ۽ ٻين پارٽين ڏانهن لڏپلاڻ جون خبرون روز اچڻ لڳيون آهن.

هڪڙا زبردست اندروني اطلاع اهي به آهن ته جيڪي همراهه پشاور شهر ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي طاقت جو سرچشمو آهن سي پارٽي مٽائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. پشاور جون گهڻيون سيٽون به وٽن آهن. هي آهن بلور ڀائرن جيڪي ايڏا بهادر ماڻهو آهن جو پشاور ۾ ٿيندڙ هر خوني حملي جي خبر ٻڌي جڏهن ٻيا سياسي ماڻهو ڏر ڳولي رهيا هوندا آهن ته هي سينو تاڻي پوليسن ۽ فوجن کان اڳ جاءِ تي پهچي اچي ماڻهن جي مدد ڪندا آهن. اسفنديار اصل ۾ بشير بلور کي چيف منسٽري ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر پوءِ  ڪلاڪ کن اڳ ۾ فيصلو تبديل ڪري حيدر هوتيءَ کي ڪرسي ڏني وئي. بلور ناراض ٿيا ته اسفنديار کين اهو آسرو ڏنو ته وفاقي وزارت سان گڏ صوبي ۾ به وزارت ڏني ويندي ۽ جيئن ئي هوتيءَ جي چيف منسٽريءَ کي ٻه سال پورا ٿيندا ته بشير بلور کي چيف منسٽر ٺاهينداسين. ٻن بدران ساڍا ٽي سال ٿي ويا آهن، اسفنديار واعدي جي سرزمين ڏانهن واپس نه پيو اچي. سو ناراض پکي اڏامڻ جي تياري ۾ آهن. بلور ڀائرن بابت شرطون ان ڳالهه تي لڳل آهن ته هو ڪهڙي پارٽيءَ ۾ ويندا؟ تحريڪ عمران ۾ يا نواز ليگ ۾؟ پاڻ جيڪا فال ڪڍي آهي تنهن مطابق هنن جو رخ رائيونڊ ڏانهن نظر اچي ٿو.

ڇا ٻڌايان، اڄڪلهه پيارا پنجابي ڪيڏا خوش آهن! هنن کي احساس ٿيو آهي ته زرداري وڃڻ وارو آهي تنهن ڪري ڪپڙا هنن ۾ ڪونه پيا ماپن. ۽ اڄڪلهه سنڌي ڇا پيا سوچين؟ ٽوپي ۽ ڪلچر جي ٿيم ۾ ساڳيائپ جي باوجود هنن ٻه مختلف ڏينهن تي ”جهمريون“ هنيون ته ڪنهن مون کان پڇيو ايڪتا کي ٽوپي هڪ ئي ڏينهن ڇو نه پئي پارائي سگهجي؟ مون وراڻيو ته هي پشاور ۽ ڪراچيءَ واريون عيدون آهن جن جا چنڊ ساڳئي ڏينهن نظر نٿا اچن سو ٻه عيدون ڪرڻيون پون ٿيون.

هڪ دانشور دوست مون کان پڇيو ته سنڌي صدر کي هيڏا خطرا آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار لاءِ ڪاتي تکي پئي ٿئي پر سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو گوڙ شور ٿيندي ڪونه پيو نظر اچي جهڙو بينظير جي حڪومت ڊهڻ کان اڳ ٿيندو هو. مون چيو ته اڳي شور ٿيندو هو، هاڻي شور شرابو ٿيندو آهي جيڪو پي کائي اچڻ کان پوءِ ڪبو آهي. جيڪڏهن يقين نه اچي ته ڪراچيءَ ۾ ڪيل فيصل رضا عابديءَ جي اها تقرير ڏسو جنهن ۾ هن صدر صاحب لاءِ مغفرت ڪندي کيس تقريبا جنت الفردوس ۾ پڄائي ڇڏيو هو.

خبر ناهي ته اياز سومري کي ڪنهن اهو ٻڌايو آهي يا نه ته بيوروڪريسي وري طاقتور ٿيڻ واري آهي تنهن ڪري  اوچي اڏام ڪري اياز مان محمود ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري. ڪنهن زماني جي هن سُڃي وڪيل جو هن حڪومت ۾ تڪڙي ترقي ڪرڻ سبب اهڙو مٿو ڦريو آهي جو هن جنهن اسٽائيل ۾ ڳالهايو آهي تنهن کي گاديءَ واري شهر جا ماڻهو ”سنڌي وڊيري ڪي روايتي گفتگو“ قرار ڏيئي سنڌين جو شان وڌائي رهيا آهن. ڪير کيس ٻڌائي ته جيڪڏهن ”هو“  پاور ۾ اچي ويا ته ڪي اي ايس سيءَ جو ايم ڊي اهڙو ڪرنٽ هڻندو جو اوهين پنهنجي شام واري (پيپلز) پارٽيءَ کي ٻڌائي رهيا هوندا ته: ”هٽي پري ٿجو، جوان جو هٿ ڳرو آهي.“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو