Home / ڪور افيئر / سنڌ جي سياست ۽ ڍنڍ جا پکي
above article banner

سنڌ جي سياست ۽ ڍنڍ جا پکي

 

چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته انکي غلط بدران “تجربو” تصور ڪيو وڃي پر جيڪڏهن غلطيءَ کي ورجايو وڃي ته پوءِ اها غلطي آهي. اسانجي سياست ۾ غلطين جو جيترو ورجاءُ ٿئي ٿو ان مان لڳندو آهي ته اسانجي سياست جي تاريخ ئي غلطين تي ٻڌل آهي. اسٽيبلشمينٽ جو غلطيون، سياستدانن جو غلطيون، ڳجهن ادارن جون غلطيون. مطلب ته پاڪستان سياسي غلطستان آهي.

ڪنهن زماني ۾ اسٽيبلشمنيٽ سان ياريءَ کي خواري تصور ڪيو ويندو هو.پر هاڻي ته اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن کي سياسي اسٽيٽس جي علامت تصور ڪيو پيو وڃي. ڪنهن زماني ۾ سگهارا ادارا ڳجهي طريقي سان سياست ڪندا هئا پر هاڻي ڳجها ادارا پڻ کليل نموني ميدان تي آهن. 2002 جي چونڊن کانپوءِ جڏهن جتوئي هائوس تي جنرل احتشام ضمير سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ايس ڊي اي) جي اڳواڻن کي ماري مڃائي سردار علي محمد مهر کي وڏ وزارت ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو ته ان مهل سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙهي بند ڪيو ويو هو. ان وقت آءُ هڪ اڳوڻي وزير جي گهر جي نياپي جي بهاني سان جتوئي هائوس ۾ داخل ٿي ويو هوس. جنرل احتشام جنهن ڪمري ۾ سنڌ جي وڏ وزارت تي سردار مهر جو ٺپو هڻي رهيو هو ان ڪمري جي دروازي تي هڪ سرڪاري عملدار مونکي صحافي طور سڃاڻي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. هي اهو جنرل ضمير هو جنهن بابت مولانا فضل الرحمٰن ايوان ۾ چيو هو ته “هي ضمير جو ايوان نه پر جنرل ضمير جو ٺاهيل آهي.”

اهي ايجنسيون اقتداري کونئر سان جنهن کي چاهين انهن جماعتن کي ڳنڍين ۽ ٽوڙين. ٻه سال اڳ متحده قومي موومينٽ جي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان تي سخت ڪاوڙ هئي. عمران خان جي ڪراچي اچڻ تي بندش هئي. ٻه ڀيرا اعلان ڪرڻ باوجود ڪپتان خان ڪراچي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري نه سگهيو. ڪپتان خان وري ايم ڪيو ايم خلاف لنڊن ياترا ڪئي ۽ لنڊن ۾ متحده خلاف ڪيس ڪرڻ جو اعلان ڪيو. عدالت ته سندس ڪيس تي متحده خلاف فيصلو پڻ ٻڌايو پر هاڻي ٻئي ڌريون کير کنڊ آهن. چوڻ وارا چون ٿا ته ملتان ۾ ايم ڪيو ايم جي جلسي ۽ ڪراچيءَ جي جلسي ۾ جنس جي بدلي جنس واري اصول هيٺ ڪارڪن ڏنا ويا هئا. ڀلي شاهه محمود قريشيءَ جي جماعت پڻ ماڻهو آندا هجن پر هڪ سياسي رپورٽر جي حيثيت سان مون محسوس ڪيو ته جلسي گاهه  ۾ ڪافي تعداد ۾ “ويل ڊسيپلينڊ” ماڻهو پڻ ويٺا هئا. جن کي ڪراچيءَ ۾ ٽيليفونڪ خطاب ٻڌڻ جو جوڳو تجربو آهي. هتي سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته آخر سرڪاري هٿ عمران خان مٿان ئي ڇو اچي رهيو آهي؟ جڏهن ته وزير اعظم يوسف رضا  گيلاني کوڙ ڀيرا چئي چڪو آهي ته ايجنسيون سندن ماتحت آهن ته ڇا حڪومت جي پرن تي مسلم ليگ (ن) خلاف ايجنسيون ڪپتان خان تي دست شفقت رکي رهيون آهن؟ انجو جواب يقيناََ نه ۾ ملندو. ڇاڪاڻ ته مخدوم جاويد هاشمي کان  اڳ ۾ عمران خان شاهه محمود قريشي جي صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وڪٽ حاصل ڪري چڪو آهي.  ملڪ ۾ هميشھ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياست ٿيندي رهي آهي ۽ سرڪاري ادارن هميشھ ساڄي ڌر جي پٺڀرائي پئي ڪئي آهي. اسٽيبلشمينٽ وٽ لبرل ساڄي ڌر جي صورت ۾ مسلم ليگ (ن) آئيڊيل پارٽي هئي پر ميان صاحب جي هاڻي واري سياست اسٽيبلشمينٽ کي ڪا نه ٿي وڻي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري ادارا هاڻي عمران خان کي متبادل قيادت طور اڳتي آڻي رهيا آهن. جيڪو آمريڪا ۽ ڊرون حملن جو به مخالف آهي ته يورپ ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند پڻ آهي. هو مقبول به آهي ته سياسي طور “رامٽيريل” پڻ.

جيڪڏهن عمران خان جي 25 ڊسمبر 2011ع جي ڪراچيءَ واري جلسي کي ڏسجي ته هو 23 ڊسمبر کان 26 ڊسمبر تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. هن جي ڏينهن رات جي ڪوشش باوجود سنڌ جي ڪنهن به اهڙي سياستدان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي حامي نه ڀري جيڪو سنڌ جي ڪنهن حصي مان چونڊ وڙهڻ جو اهل هجي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڏي آس کڻي الطاف انڙ وٽ پهتو پر کيس اتان به اهو جواب مليو ته صلاح مشورن کانپوءِ جواب ڏينداسين. “اسانجون پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهيون هلندڙ آهن. جيڪڏهن 15 فيبروريءَ تائين حڪومت بچي وئي ته پي پي ۾ شامل ٿبو نه ته تحريڪ انصاف جو دروازو کڙڪائبو” انڙ برادريءَ جي هڪ ويجهي ماڻهو شاهه محمود قريشيءَ جي واپسيءَ کانپوءِ صحافين سان آف دِي رڪارڊ ڳالهائيندي چيو هو.

تحريڪ انصاف لاءِ هي سنڌ جي ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪا پهرين ڪوشش ڪا نه هئي. گذريل مهيني شاهه محمود قريشيءَ سنڌ جي قوم پرستن کي دبئي طلب ڪيو هو. جتي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رهائش گاهه تي ڳالهه ٻولهه ڪري ارباب غلام رحيم کي دعوت ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن هو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿئي ته کيس تحريڪ انصاف جو صوبائي صدر ۽ سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويندو. جڏهن ته قوم پرستن کي پڻ خاطري ڪرائي وئي ته کين چونڊن ۾ کٽرايو ويندو. پر شايد ڳالهه نه ٺهي. يا ڪي قول قرار ڪيا ويا آهن ته انهن تي اڃا تائين عمل درآمد نظر نٿو اچي. گذريل هفتي جڏهن شاهه محمود قريشي ڪراچي آيو ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه طرفان حيدر منزل تي سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ڪجهه قوم پرست اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڳالهه ٻولهه دوران ملتان جي پير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن قوم پرست تحريڪ انصاف ۾ شامل نه ٿا ٿين ته گهٽ ۾ گهٽ تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪن. ڪجهه ذريعن جو اهو به چوڻ آهي اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ ساڳيو پراڻو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي ته ٿر پارڪر مان ارباب، بدين مان پپو شاهه، ٺٽي مان شيرازي، گهوٽڪيءَ مان مهر سردارن کي تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪجي. جنهن کانپوءِ جتوئين ۽ پير پاڳاري سان سياسي اتحاد ڪري گڏ ٿيڻو آهي. باقي رهي ڪراچي ته اتي ايم ڪيو ايم حڪومت لاءِ پهرين اتحادي آهي. ايم ڪيو ايم کي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪو به اتحادي کپي پوءِ اهو جيئي ڀٽو وارو هجي يا اينٽي ڀٽو.

پياري پاڪستان ۾ اسان ٻن قسمن جون ئي حڪومتون ڏٺيون آهن. هڪڙيون سڌي ريت فوج جي هٿن سان هلڻ واريون ته وري ٻيو قسم فوجين جي پاليسين مطابق سويلين هٿن سان هلڻ واريون حڪومتون. جن کي اسانجي ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون چيو ويندو آهي. حد اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي هي ڪمزور ترين حڪومت به اسٽيبلشمينٽ جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀي رهي آهي. هڪ آمريڪي ٻئي آمريڪي کي آمريڪا ۾ خط لکي ٿو ته اسانجي ملڪ جي چونڊيل حڪومت جو مستقبل خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. هتي جون اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون. جن ۾ آمريت جي دور ۾ واپاري، سرمائيدار، صنعتڪار، واپاري گروپ وڌيڪ خوش هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته جمهوري دور ۾ اهي عوام کي وڌيڪ آزارين ٿا. جنهن جي جواب ۾ تجزيو ڪندڙ چون ٿا ته جمهوريت عوام کي ڊليور نٿي ڪري. جنرل پرويز مشرف جي سڄي دور ۾ ملڪ جي خوشحاليءَ جو دارو مدار 11 ملين ڊالر ناڻي ذخيري کي سڏيو پئي ويو پر هاڻي 18 ملين ڊالرن جا ذخيرا هوندي به ڪنگال آهيون. ملڪ جو اقتصادي طور تي اهو حال وڃي بچيو آهي جو جيڪڏهن ملڪ هلائڻ لاءِ سرمايو هجي ها ته ڪڏهوڪو پ پ حڪومت کي ختم ڪرڻ جا گهنڊ وڄي چڪا هجن ها. عزير هم وطنو هجي ها يا ٽن مهينن جي نگران حڪومت لاءِ ڪو نه ڪو ممتاز ڀٽو تيار هجي ها. سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته فوج سميت ڪا به ڌر اهڙين خراب معاشي حالتن ۾ ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ سان اختلافن جي باوجود پ پ حڪومت چار سالن کان اقتدار ۾ آهي.

هن سڄي منظرنامي ۾ جيڪڏهن سنڌي ماڻهن جي مجموعي ڪردار تي نظر وجهجي ته اهي به ڪجهه نه ملڻ جي باوجود پيپلز پارٽي سان گڏ نظر اچن ٿا. ڪجه عرصو اڳ تائين جڏهن پنجاب ۾ ميان نواز شريف ۽ عمران خان سميت مذهبي جماعتن وڏا وڏا جلسا منعقد ڪيا ته تجزئي نگارن جا اهي تجزيا اخبارن ۾ ڇپجي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي چڪي آهي. “جنهن پي پي کي آمر جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف ختم نه ڪري سگهيا. انکي آصف علي زرداري ته آپگهاتي حملو ڪري ختم ڪري ڇڏيو” عمران خان جو خيال رهيو آهي. اهڙيءَ طرح ميان نواز شريف جڏهن سنڌ جي دوري تي نڪتو ته هن جو عام تاثر اهو هو ته “کيس ڪٿي به پيپلز پارٽي نظر نه آئي.” پر محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي چوٿين ورسيءَ تي سخت ٿڌ جي باوجود لکين جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو ڳڙهي خدابخش پهچي انهن تجزئي نگارن جي تجزين کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي هدايت تي ملڪ جي اهم ترين ليکڪن ۽ تجزئي نگارن کي اسٽيج تي مدعو ڪيو ويو هو. جن مان اڪثريت انهن جي هئي جن جي قلم هميشھ پيپلز پارٽيءَ خلاف زهر اوڇاڳيو آهي. انجو نتيجو اهو نڪتو جو عارف نظامي ۽ حامد مير کي به سنڌ جي ماڻهن جي يگانيت تي مثبت طور ڳالهائڻو پيو. “سنڌي ماڻهن جي ٻڌي ۽ ايڪتا تي شڪ ڪرڻ وارا احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ۽ سنڌ جي ڀٽو خاندان سان محبت لازوال آهي” عارف نظامي لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو. منو ڀائي ۽ حامد مير جي ڪالمن ۾ پڻ ساڳي قسم جون ڳالهيون هيون. چوڻ جو مقصد اهو ته ملڪ جي اڪثريتي جماعت جي دعويدار پيپلز پارٽيءَ وٽ به ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. اها سنڌ جي ماڻهن جو خيال رکي گذريل  4 سالن دوران سنڌ ۽ مرڪز جون حڪومتون سنڌ جي عوام جي اميدن مطابق ڪم نه ڪري سگهيون آهن. پر هي موجوده حڪومت جو آخري سال گهٽ ۾ گهٽ عوامي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ مختص ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر ارباب رحيم حيدر آباد ۾ دبئي کان سڌي ريت وڊيو خطاب ڪري ڪارڪنن کي ٻڌايو آهي ته هو تحريڪ انصاف ۾ شامل نه ٿيندو. انڪري لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ننڍا ننڍا اتحادي ڪري اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف سان الحاق ڪرڻ تي زور ڀريندي جيئن ايس ڊي اي کي مسلم ليگ (ق) ۾ ضم ڪيو ويو هو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو