Home / افيئر / سيسي: 30 سالن کان آڊٽ نه ٿي
above article banner

سيسي: 30 سالن کان آڊٽ نه ٿي

اهي 1970ع جا شروعاتي مهينا هئا جڏهن سنڌ حڪومت پاران نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي نالي سان ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن اداري جي ذمي اسپتالون ۽ اسڪول کولڻ کان وٺي ملازمن جي فلاح وارا ڪم حوالي ڪيا ويا. بدقسمتي سان شروعاتي ڪجهه سالن کي ڇڏي سيسي غلط ماڻهن حوالي ٿيندي رهي جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.

سيسي جنهن ۾ موجوده حڪومت جي اتحادي وزير امير نواب 5 افغاني ڊپلومه هولڊرن کي 17 هين گريڊ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ڪرايو، اهي خبرون جڏهن مارڪيٽ ۾ آيون ته ان معاملي کي دٻائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي ۽ سيسي ۾ موجود آفيسرن مٿان اها ذميواري وڌي وئي ته صوبائي وزير جا جيڪي به حڪم اچن اهي محفوظ ڪيا وڃن ۽ ان جي ٻڙڪ ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي. پٺاڻ وزير جي غير قانوني حڪمن کي سنڌي آفيسرن اکين تي رکي مڃي رهيا آهن ۽ ڪيترائي غلط ڪم جاري آهن.

ليبر کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ هن خودمختيار اداري سيسي متعلق وڏو انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته 1980ع کان وٺي 2011ع تائين هن خود مختيار اداري جي آڊٽ نه ٿي آهي. ڪيترن سالن تائين سيسي جي آفيسرن آڊٽ کاتي جي آفيسرن جا کيسا گرم ڪندا رهيا جنهن ڪري معاملو دٻيل رهيو ۽ سيسي جا آفيسر ساليانو ڪروڙن جي بجيٽ پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪندا رهيا کانئن ڪنهن به پڇاڻو نه ڪيو. اهڙي ريت ڪراچي جي 15 هزار کان وڌيڪ صنعتي ۽ ڪمرشل يونٽن مان ماهوار ملازمن جي بهبود لاءِ ڪيترو ٽيڪس ورتو وڃي ٿو ۽ ظاهر ڪيترو ڪيو وڃي ٿو اها خبر صِرف سيسي جي نالي ۾ نهال آفيسرن تائين محدود آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي اِها خبر ناهي ته خانگي شعبي ۾ ڪُل ڪيترا پورهيت ڪم ڪن ٿا ۽ انهن مان سيسي وٽ ڪيتري رجسٽريشن ٿيل آهي؟ اهو معاملو به ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي.

سيسي جا ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون آهن انهن ۾ ڪيترو عملو ڪم ڪري ٿو، انهن اسپتالن ۽ اسڪولن جي ماهوار ڪيتري بجيٽ آهي ڪيترا مريض رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ ڪيترا ٻار پڙهن ٿا انهن کي ڪهڙيون سهولتون حاصل آهن؟ ان بابت ڪنهن کي ڄاڻ ناهي. انهن سمورن معاملن جي ڄاڻ تڏهن پئجي سگهندي جڏهن آڊٽ محڪمو سمورا کاتا ڏسي وٺي. شروع ۾ آڊٽ وارا پاڻ وڪاميل رهيا ۽ هاڻي جڏهن ڪي آفيسر آڊٽ ڪرڻ ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي سيسي جا آفيسر رڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. آڊٽ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته گذريل ٻن ٽن سالن کان سيسي کي بار بار ليٽر اماڻيا پيا وڃن ته اهي آڊٽ ڪرائين ته سيسي جو ڪمشنر ليٽرن جي جواب ڏيڻ جي تڪليف نه ٿو ساري ۽ جڏهن آڊٽ ٽيم پاڻ اُتي پهچي ٿي ته ڪمشنر پنهنجن آفيسرن کي رڪارڊ ڏيڻ کان روڪي ٿو ۽ آڊٽ آفيسرن کي چيو وڃي ٿو ته اڳين آفيسرن آڊٽ نه ڪرائي ته اسان ڇو ڪرايون.

سيسي جنهن کي 30 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي اتي آڊٽ نه ٿي آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان هڪ آئيني پوسٽ آهي جنهن جو ڪم ملڪ جي سمورن وفاقي، صوبائي، خودمختيار ادارن توڙي فوجي ادارن جي آڊٽ ڪرڻ آهي. آڊيٽر جنرل جي ماتحت اداري ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ کي اهو اختيار حاصل آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ان جي ماتحت خودمختياري ادارن جي آڊٽ ڪري ان ۾ ٿيل چڱاين يا مداين جي جامع رپورٽ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي فراهم ڪري ۽ پوءِ اها رپورٽ سنڌ جي گورنر جي حوالي ٿيندي آهي ۽ گورنر اها رپورٽ سنڌ اسيمبلي حوالي ڪندو آهي. سنڌ اسيمبلي اها رپورٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي حوالي ڪندي آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي رپورٽ ۾ انهن سمورن ادارن کي طلب ڪري انهن کان ٿيل بي ضابطگين جي وضاحت طلب ڪندي آهي. وضاحت نه ٿيڻ جي صورت ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاڳاپيل يا ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جو ڪو ادارو آڊٽ ڪرائڻ کان جواب ڏي ۽ وري ان خلاف ڪا ڪارروائي به نه ٿئي. سيسي جا ڪرپٽ ڪامورا ايترا ته با اختيار آهن جو آڊٽ کاتي پاران چيف سيڪريٽري کي به شڪايتي ليٽر موڪليو ويو آهي پر چيف سيڪريٽري به کانئن پڇاڻو ڪرڻ کان مجبور بڻيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 30 سالن ۾ سيسي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي. هڪ هڪ ڪامورو ڪروڙين روپيا ڪمائي چڪو آهي. جيڪڏهن آڊٽ ٿئي ٿي ته اهي راز فاش ٿين ٿا جنهن ڪري آڊٽ واري معاملي کي هر سال دٻايو وڃي ٿو.

سيسي ۾ 30 سالن کان آڊٽ ڇو نه ٿي رهي آهي؟ آفيسر آڊٽ کاتي کي رڪارڊ فراهم ڇو نه ٿا ڪن؟ جڏهن اهو سوال سيسي جي ڪمشنر جي سيٽ تي ويٺل ڪاموري اعجاز ميمڻ کان پڇيو ويو ته هن موقف ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان ميڊيا کي موقف ڏيڻ جا پابند ناهيون.

سيسي ۾ وڏي پئماني تي سرڪاري فنڊز هڙپ ٿي رهيا آهن. ان جا داستان الڳ آهن پر سيسي ۾  جيڪي ڪامورا ڪم ڪري رهيا آهن انهن مان اڪثريت غير قانوني طور ويٺل آهن. سيسي ذريعن وٽان مليل معلومات تحت موجوده ڪمشنر اعجاز ميمڻ جيڪو 19 هين گريڊ جو آفيسر آهي پر 20 هين گريڊ جي پوسٽ تي ان ڪري کيس مقرر ڪيو ويو آهي ته اهي سياسي توڙي انتظامي آقائن کي هر طرح سان خوش رکندو. ايئن ناهي ته سنڌ حڪومت وٽ ڪي اهل 20 هين گريڊ جا آفيسر ناهن پر اهي اهل وري آقائن جي فرمائش تحت هلي نه ٿا سگهن، جنهن ڪري موجوده آقائن اعجاز ميمڻ کي پنهنجي صلاحيتن جو موقعو فراهم ڪيو آهي. سيسي ۾ جيڪي ٻيا آفيسر غلط طريقي سان آيا ۽ مستقل ٿي ويا انهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهي ته سيد رضي الدين جنهن وٽ سائيٽ جي ڊائريڪٽر جي چارج آهي هي به ٻاهريان ڊيپوٽيشن تي آيو پر آقائن کي سندس خدمت پسند آئي جنهن ڪري هن کي سيسي ۾ مستقل ڪيو ويو آهي. اويس مقبول مغل ڊائريڪٽر ويجيلنس به ڊيپوٽيشن تي آيو پر هينئر مستقل ٿي چڪو آهي. نادر حسين ڪناسرو جيڪو حيدرآباد ڊائريڪٽوريٽ جو انچارج ڊائريڪٽر آهي ٻاهريان آيو ۽ جلدي ضم ڪيو ويو. شڪيل امجد جنهن وٽ ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ ڊائريڪٽر سائيٽ ڪاسٽ جون 2 چارجون آهن ڊيپوٽيشن تي سيسي ۾ داخل ٿيو ۽ غير قانوني طور مستقل ٿي ويو ۽ هن وقت وٽس 2 سٺيون چارجون آهن. الطاف شيخ جيڪو پڻ ڊيپوٽيشن تي 17 هين گريڊ ۾ سيسي ۾ داخل ٿيو پر کيس ڊائريڪٽر ويسٽ وهارف جي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي. محمد جميل جنهن وٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪورنگي ڊائريڪٽوريٽ جي چارج آهي ۽ سڀني مان جونيئر آهي پر سندس خدمت عيوض ڪورنگي صنعتي علائقي جي سڻڀي پوسٽ ڏني وئي آهي.

سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن يعني سيسي جتي ملازمن ۽ آفيسرن جي به حق تلفي جاري آهي ته سرڪاري فنڊن جو غلط استعمال به عروج تي پهتل آهي ۽ مٿان انهن ادارن کي آڊٽ ڪرڻ کان به محروم رکيو وڃي ٿو جن مٿان آڊٽ ڪرڻ جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي. سنڌ حڪومت ۽ انهن سمورن ادارن کي سيسي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين ۽ بدعنواني جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ بدعنوان آفيسرن جو به احتساب ڪيو وڃي ته جنهن مقصد لاءِ هي ادارو ٺاهيو ويو آهي. اهو مقصد پورو ٿي سگهي ۽ نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ لکين ملازمن کي سهولتون حاصل ٿي سگهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو