Home / افيئر / سي اين جي تي هلندڙ گاڏيون هلندڙ ڦرندڙ بم
above article banner

سي اين جي تي هلندڙ گاڏيون هلندڙ ڦرندڙ بم

سنڌ سميت سڄي ملڪ  ۾ ڪجهه هفتن کان وٺي گئس تي هلندڙ گاڏين ۾ سلينڊر ڦاٽڻ عام ٿي ويا آهن ۽ سي اين جي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 40 کان وڌيڪ ماڻهو  فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته ڪو ڏينهن پاڪستان ۾ اهڙو نه آهي جنهن ڏينهن ڪو بم يا سلينڊر ڦاٽڻ جو اطلاع نه ايندو هجي. ملڪ ۾ اهڙيون ته ناقص سي اين جي ڪٽس اچي ويون آهن جو اهي ڦاٽندي دير نٿيون ڪن،انهن تي پابندي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مطالبا ٿي رهيا آهن پر حڪومت انهن تي اڃا تائين غور ڪرڻ ۾ ئي مصروف آهي. حڪومت اڃا ڪيستائين انساني زندگين سان کيڏندي؟حڪومت ان غير معياري سي اين جي ڪٽس کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڏينهون ڏينهن ڪمرشل بنيادن تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڊيزل ۽ پئٽرول تي هلندڙ گاڏين کي سي اين جي تي منتقل ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل سراسر غيرقانوني آهي پر انتظامي نااهلي سبب اهڙن واقعن ۾ هر روز اضافو ٿي رهيو آهي،ڪمرشل بليو لائينز به بچت ڪرڻ لاءِ ڊيزل مان گاڏيون سي اين جي تي منتقل ڪري رهيا آهن جيڪي 5 کان ست گئس سلينڊر ڇت جي مٿان رکي هزارين سوارين جي جانين جو سودو ڪري رهيا آهن، اوچتو سلينڊرن جي ڦاٽڻ جا واقعا ڇو وڌيا آهن اچو ته ان تي نظر وجهون.

ٽرانسپورٽرن جي انگن اکرن موجب صرف سنڌ ۾ 15 لکن جي لڳ ڀڳ بسون،ڪوچ،4 اسٽروڪ رڪشا،ٽيڪسيون ۽ ٻيون پبلڪ ٽرانسپورٽ گاڏيون سي اين جي تي هلي رهيون آهن ۽ 310 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس سي اين جي گاڏيون استعمال ڪري رهيون آهن جنهن سبب گهريلو،ڪمرشل ۽ صنعتي صارفين گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ملڪي پئداوار ۾ 70 سيڪڙو گئس سنڌ صوبو ڏي ٿو  موٽ ۾ ان کي ئي گئس جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي،ٻين صوبن جو بار به سنڌ جي گئس تي آهي. هاڻي ته اهڙي صورتحال وڃي بيٺي آهي جو انڊسٽري ۾ تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي پر گهرن ۾ به ٻه ٻه ڏينهن لوشيڊنگ ٿي رهي آهي يا گئس جو پريشر تمام گهٽ آهي جنهن سبب سنڌ واسي رڌ پچاءُ ڪرڻ لاءِ به  پريشان آهن،هاڻي سياري جي مند اچڻ سبب صوبي ۾ ٻارڙا صبح سان صحيح ناشتو به نٿا ڪري سگهن پر اهڙا ڪيترائي مسئلا گئس جي بحران سبب پئدا ٿي پيا آهن جيڪي روزهه مرهه جي زندگي ۾ پيش اچن پيا. ڪجهه ڏينهن اڳ قدرتي وسيلن ۽ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر عاصم جو اهو بيان آيو آهي ته اسان سنڌ ۾ هڪ مهيني جي گئس لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي غور ويچار ڪري رهيا آهيون، گهريلو ۽ صنعتي ادارا ان فيصلي کان آجا هوندا ۽ اسان ان فيصلي جي آجيان ڪنداسين ڇو ته ان فيصلي سان اهو فائدو ٿيندو ته ٽرانسپورٽ جيڪا سي اين جي تي هلي رهي آهي اها پاڻ مرادو ئي تيل تي تبديل ٿي ويندو،ٻيو اهو ته گهريلو صارفين گهٽ ۾ گهٽ رڌپچاءُ آساني سان ڪري سگهندا. باقي ماڻهو سفر بسن ۾ به ڪري سگهي ٿو کڻي هڪ مهينو ڪارون نه هلنديون اها تڪليف سنڌ جو عوام ڪٽڻ لاءِ تيار آهي باقي ائين به نه هجي ته ڪنهن کي اها خبر نه هجي ۽ خوف واري فضا ۾ هجي ته مان خير سان گهر به پڄندس الائي نه ان بس ۾ الائي سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي ته نه پوندو؟اها خوف واري فضا به پاڻمرادو ختم ٿي ويندي، واضح رهي ته جڏهن ايل پي جي وارو ڌنڌو شروع ڪيو ويو هو ته سڄي پبلڪ ٽرانسپورٽ ان ۾ تبديل ٿي وئي هئي پر جڏهن ان جي کوٽ پئدا ٿي ۽ مهانگي ٿي ته پاڻمرادو گاڏيون وري سي اين جي تي منتقل ٿي ويون هيون،ٽيون فائدو اهو ٿيندو ته اسان جي صنعت بلڪل چڱي ريت هلندي ۽ بيروزگار ٿيل ماڻهو وري روزگار سان لڳندا. 310 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس صرف ٽرانسپورٽ ۾ ختم ٿيندي هجي ته ان ملڪ ۾ ڇا ٿيندو؟ حڪمرانن وٽ ڪابه رٿابندي نه آهي ته اهي پنهنجو ڪم ڪئين هلائين،آخر نئين گاڏين جي وڪري ته به اهي پابندي ڇو نه ٿا هڻن؟ نئين ڪنيڪشن تي به پابندي لڳڻ گهرجي؟

سنڌ اندر 2002ع مشرف دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽرانسپورٽ سي اين جي تي منتقل ٿي هئي ڇو ته ان جي حڪومت ۾ تيل جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌڻ سبب ٽرانسپورٽرن کي وارو نه کائڻ سبب انهن پنهنجون گاڏيون سي اين جي تي تبديل ڪيون ڇو ته تيل جي ڀيٽ ۾ گئس تي گاڏي سستي پوي ٿي.ايڪس ايل آءِ گاڏي 600 ڪلوميٽرن واري سفر تي تيل ۾ 2000 رپيا خرچ اچي ٿو جنهن ۾ اي سي به هلندي شمار ڪئي وئي آهي جيڪو في ڪلوميٽر 3.33 رپيا بيهي ٿو  جڏهن ته سي اين جي تي اهو سفر 1140 رپين ۾ بيهي ٿو جيڪو في ڪلوميٽر 1.90 پئسا في ڪلوميٽر ٿئي ٿو جيڪو تيل ۽ گئس ۾ تمام گهڻو فرق بيهي ٿو، تيل جي ڀيٽ ۾گئس تي گاڏيون هلائڻ سان ٽرانسپوٽرن کي 45 کان 50 سيڪڙو فائدو پهچي ٿو.سي اين جي تي گاڏيون منتقل ٿيڻ سبب جيڪا ڪٽ ۽ 50 ڪلو گرام واري سلينڊر سميت 32000 ۾ گاڏي تبديل ٿيندي هئي اها هاڻي 42000 هزارن تائين وڃي پهتو آهي جيڪا تمام گهڻو مهانگو اگهه صرف ۽ صرف وڏي انگ ۾گاڏين جي گئس تي منتقلي آهي جنهن سبب ناقص سي اين جي ڪٽس استعمال ٿي رهيون آهن. ٽرانسپورٽرن موجب سلينڊرن جي بلاسٽ ٿيڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته پوري سنڌ جي 22 ضلعن ۾ ڪابه ڪٽس جي مرمت ڪرائڻ جي سهولت موجود نه آهي تنهنڪري ان ۾ ڊرائيور لاپرواهي ڪن ٿا ۽ اها به ڪير تڪليف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان کي چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪراچي وڃجي جيڪو تمام اهم سبب آهي يا ته اها سهولت عام ڪئي وڃي ۽ ٻيو سبب اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته گئس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري سي اين جي اسٽيشنن تي گهڻي رش سبب انهن گئس جو پريشر وڌائي ڇڏيو آهي ۽ گاڏي جي سلينڊر ۾ سگهه نه هجڻ سبب انهن ۾ ڌماڪا  ٿي رهيا آهن.سوئي گئس جي ذريعن موجب سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ئي صرف 300 کان 350 سي اين جي اسٽيشنون قائم آهن ۽ وڌيڪ لائيسنس به جاري ڪيا ويا آهن انهن جو معيار 2004ع کان 2008ع تائين رهيو ۽ مشرف حڪومت انهن سي اين جي اسٽيشنن کي ڌڙا ڌڙ لائيسنس ڏنا ايئن غلط رٿابندي سبب اڄ  قوم جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ملڪ جو 70 سيڪڙو ٽرانسپورٽ گئس تي هلي رهي آهي جنهن سبب گئس جي وڏي کوٽ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ۽ ان ٽرانسپورٽ ۾ گهڻو تعداد بسن،مني بسن،رڪشن جو آهي اسان ماضي جي ڪيل غلطين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان لاءِ مختلف طبقن جي اها تجويز آهي ته سنڌ ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪجن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو مهينو جنوري هجي پر اهو فيصلو صرف سنڌ نه پر پوري پاڪستان تي لاڳو ڪيو وڃي.جيل چورنگي تي ڪٽس ۽ سلينڊرن جي واپاري نعمان خان “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته گئس تي گاڏي هلائڻ پئسي جو زيان آهي جنهن سان گاڏي کي به نقصان پهچي ٿو،گئس تي گاڏي جي هلڻ سان ٽائرن،انجڻ جو نقصان،گاڏي جو اَن فِٽ ٿيڻ، بيهڪ ۾ خاميون ۽ اسپيڊ ۾ تيل جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي جڏهن ته تيل تي گاڏي هلائڻ گهڻا فائدا آهن.سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ گئس سلينڊرن جي وڌندڙ واقعن کانپوءِ هڪ ٺهراءُ به پاس ڪيو هو جنهن ۾ ان ايوان اتفاق راءِ سان وفاق کان اهو ئي مطالبو ڪيو هو ته سي اين جي تي هلندڙ گاڏين کي فوري طور تي پابندي هڻي بند ڪيو وڃي،اوگرا طرفان به پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته هاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي وڌيڪ گئس تي هلڻ نه ڏينداسين.ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي انهن فيصلن تي عمل ڪڏهن ٿي رهيو آهي باقي خيرپور جي ضلعي حڪومت طرفان هنگورجا ۾ ٿيل واقعي کانپوءِ قلم 144 لاڳو ڪندي پبلڪ ٽرانسپورٽ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. عام شهرين ”افيئر” سان ڳالهائيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 15 لکن کان وڌيڪ سي اين جي تي هلندڙ گاڏين تي فوري طور پابندي لڳائي وڃي جيڪي عوام لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ بم آهن.

اچو ته عوام کي سي اين جي ڪٽس بابت آگاهه ڪريون ته ڪٽس جا ڪهڙا قسم سنڌ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن؟ عمپڪو يو ايس اي،لانڍي رينزو اٽلي،ٽارٽراني اٽلي،ايمي گئس اٽلي،لوويٽا اٽلي،بليو رنر اٽلي،بي گئس اٽلي،بادني اٽلي،بي آر سي اٽلي،ايل او گئس ايس آر ايل  سي اين جي ڪٽ اٽلي،او ايم وي ايل(مينوئل)اٽلي،آٽو گئس اٽاليا ماڊل ايم ٽي 132 اٽلي،سالوسٽري ماڊل نمبر جي ايس-2000 ۽ جي ايس-93،ارجنٽينا،او واءِ آر سي اي سي اين جي ڪٽ ارجنٽينا،ڪنور ٽيڪنالوجي سي اين جي ڪٽ يو ايس اينڊ اجنٽينا،زووالي سري اٽلي،اوزون ڪنورسيشن سسٽمس(پروٽوٽ –ٽائي(،زوني ماڊل چائنا،صاحب آٽو گئس سي اين جي ڪٽس ايران،ولٽران سي اين جي ڪٽ ترڪي،ٽوماسٽو آهچلي ارجنٽينا،هوفامان سي اين جي ڪٽ ارجنٽينا،ڀارت ۽ ٻين ملڪن سميت مقامي قسمن جون 35 سي اين جي ڪٽس استعمال ٿين ٿيون جيڪي اعلي فورمن تان منظور ٿيل آهن ۽ 39 کان وڌيڪ گئس سلينڊر سنڌ جي مقامي مارڪيٽن ۾ استعمال ٿين ٿا جن جي رقم ڪٽ سميت 40 هزارن کان 92 هزارن تائين آهي جن ۾ 50 ڪلو گرام جي مقدار ڀرڻ جي ان ۾ گنجائش هوندي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو